قاضيون رو دور
تعارف
اَي پويتر ڪِتاب پِروڻَي وچن شاستر رو ݾاتوون ڪِتاب ھَي۔ ھيڪَي اندازَي ݾون اَي ڪِتاب لِکڻ آݪو سيموئيل نبِي ھَي۔ اِيئي ڪِتاب ۾ ڪنعان مُلڪ تي قبضَي ݾون پَڇي ھانَ بادشاھون رَي زمونَي ݾون پيل را حالات لِکيوڙا ھَي۔
يشُوع رَي مرڻ ݾون پَڇي اِسرائيليون رو ڪو ڀِي اَگووڻ ڪونھي ھتو ھانَ جڪَي نَي جڪو صحيح لاگتو، او اوج ڪرتو، اِيئي رَي ڪري اِسرائيلي پرميشوَر نَي ڇوڙي ٻيجَي ڏيوتائون رِي ڀگتي ڪرڻ لاگا۔ پَڇي پرميشوَر اِسرائيليون رِي اَگووڻِي رَي ݾارُو تموم گھڻا قاضِي راکيا۔ اَي قاضِي مِنکون را ݾجائِي فيصلا قانُون تي ڪرتا ھانَ او آپرِي قوم رَي ݾارُو جنگ ڀِي ڪرتا۔
اِيئي ڪِتاب رِي ݾجون ݾون خاص بات اَي ھَي ڪہ اِسرائيلي قوم نَي بچاوڻ آݪو رُگو پرميشوَر ھَي۔ جڏي اِسرائيلي پرميشوَر ݾون بي وفائِي ڪرتا، تو اُوئون تي تموم گھڻَي مُصيبتون ھانَ ڏُک آوتا، پڻ جڏي او توبھون ڪرتا، تو پرميشوَر اُوئون رِي مدد ھانَ ڇوڙاوڻ رَي ݾارُو آپرا قاضِي راکتو ڪہ او اُوئون رِي اَگووڻِي ڪرَي۔
خاص مضمُون
يشُوع رِي موت ھانَ حالات 1‏:1‏-2‏:10
اِسرائيلي قوم را قاضِي 2‏:11‏-16‏:31
خاص حالات 17‏:1‏-21‏:25