يشُوع
تعارف
اَي پويتر ڪِتاب پِروڻَي وچن شاستر رو ڇھُون ڪِتاب ھَي۔ اِسرائيلي قوم مِصر مُلڪ رِي غُلومي ݾون نڪرڻ ݾون پَڇي، پرميشوَر رَي شيواداري مُوسيٰ رِي اَگووڻِي ۾ چاليھ ݾال رڻ پَٽ ۾ ڀٽڪتا رھيا۔ شيواداري مُوسيٰ مرڻ ݾون پيل يشُوع نَي اِسرائيلي قوم رو اَگووڻ چُونڊيو۔ اِيئي ڪِتاب ۾ يشُوع رِي اَگووڻِي ۾ اِسرائيلي قوم رو ڪنعان مُلڪ ۾ قبضَي رو ذِڪر ھَي، جڪَي رو واعدو پرميشوَر اِسرائيلي قوم رَي ٻاپ ڏاڏون ݾون ڪيئو ھتو۔
اَي ڪِتاب لِکڻ آݪو ڪُڻ ھَي، اِيئي رَي بارَي ۾ ڪو ڀِي خبر ڪونھي، پڻ ھيڪَي خيال ݾون (جوئو، 24: 26) اَي ڪِتاب لِکڻ آݪو پرميشوَر رو شيواداري يشُوع آپ ھَي۔
اِيئي ڪِتاب رَي خاص باتون اَي ھَي، اِسرائيل قوم رو يردن دريا پار ڪرڻ، يريحُو شھر تي قبضو ڪرڻ، عئي رَي علائقَي ۾ جنگ ھانَ جيتيوڙا علائقا اِسرائيلي قوم رَي ٻارھَي قبيلون نَي وِراثت ۾ ڏيوَڻ شامل ھَي۔
اِيئي ڪِتاب رَي آخري اَڌيا، يعني 24: 18 ۾ اِسرائيلي قوم را مِنک شيواداري يشُوع رَي رُوبرو وچن ڪرَي ھَي ڪہ،”مھي رُگو پرميشوَر رِي ڀگتي ڪرشون، پڻ ڪَي ٻيجَي آگھي ڪڏي ڀِي ڪونھي جُھڪون۔“
ترتيب
ڪنعان مُلڪ تي قبضو ڪرڻ 1‏:1‏-12‏:24
مُلڪ آپت ۾ بِݪاوڻ 13‏:1‏-21‏:45
اُوگوڻَي قبيلون رو آپرَي علائقون ۾ جاوڻ 22‏:1‏-34
يشُوع رو آخري نياپو 23‏:1‏-16
سِڪم شھر ۾ وچن ڪرڻ 24‏:1‏-33