رُوت
اليملڪ رو موآب مُلڪ ۾ جاوڻ
1
اَي اُوئون ڏِنون رِي بات ھَي، جڏي اِسرائيلي قوم رِي اَگووڻِي اُوئون را ݾردار ڪرتا۔ يھُودا علائقَي رَي بيت لحم شھر ۾ ھيڪ مِنک ريتو۔ اُوئون ڏِنون ۾ اُوئي مُلڪ ۾ تموم گھڻو ڏُڪاݪ پڙيو ھانَ او آپرِي لُگائِي ھانَ ٻي ڏيڪرا لي موآب مُلڪ ڏيݾا گيو۔ 2 اُوئي مِنک رو نون اليملڪ ھانَ اُوئي رِي لُگائِي رو نون نومِي ھتو ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرون را نون محلون ھانَ ڪليون ھتا۔ او يھُودا رَي بيت لحم شھر رَي اِفراتي خاندان ݾون ھتا۔ پَڇي او موآب مُلڪ ۾ گيا ھانَ اوٿج ريوَڻ لاگا۔3 ڪئينڪہ ٽيم ݾون پَڇي، نومِي رو ڌڻِي اليملڪ مري گيو ھانَ نومِي آپرَي ٻيئون ڏيڪرون ڀيڙِي ھيکلِي ھوئي گئِي۔ 4 نومِي رَي ٻيئون ڏيڪرون موآبي قوم ۾ بيئان ڪيئو۔ ھيڪِي لُگائِي رو نون عُرفا ھانَ ٻيجِي رو نون رُوت ھتو۔ اُوئون نَي موآب مُلڪ ۾ ريتَي اندازن ڏَݾ ݾال ھويا ھتا۔ 5 نومِي را ٻيئي ڏيڪرا محلون ھانَ ڪليون مري گيا۔ ھمَي نَڪو اُوئي رو ڌڻِي ھتو ھانَ نَڪو ڏيڪرا ھتا، پَڇي او آپرَي ٻيئون بوئاريون ڀيڙِي ھيکلِي ھوئي گئِي۔
رُوت رو بيت لحم شھر جاوڻ
6 پَڇي نومِي ݾُڻيو ڪہ پرميشوَر اِسرائيلي قوم تي دايا ڪِي ھَي ھانَ ھمَي اوٿ پوک ݾُٺِي ھَي، تو اُوئي آپرَي ٻيئون بوئاريون ڀيڙِي موآب مُلڪ ݾون پاڇِي جاوڻ رِي تياري ڪِي۔ 7 پَڇي او تينئي اوٿ ݾون بُوئَي ھانَ يھُودا علائقَي ڏيݾا جاوڻ لاگَي۔ 8 پَڇي نومِي آپرَي ٻيئون بوئاريون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپرَي مائيترون ڪڍي پاڇَي جائو۔ پرميشوَر ٿون ݾون اِيئوج ڀلائي ڪرَي، جھڙِي ڀلائي ٿون مھَي ݾون ھانَ مھارَي ڏيڪرون ݾون ڪِي ھَي۔ 9 پرميشوَر ڪرَي ڪہ ٿونرا مائيتر ٿونرَي ݾارُو ݾُٺا گھر جووَي ھانَ ٿي آپرَي گھري خُوش رو۔“ پَڇي نومِي اُوئون نَي ٻاٿ گھاتِي ھانَ ٻيئي بوئارَي زور ݾون روئڻ لاگَي۔ 10 اِيئي تي عُرفا ھانَ رُوت ڪھيو ڪہ، ”نا، مھي ٿَي ڀيڙَي ھالي ٿارَي عزيزون ۾ ريشون۔“ 11 پڻ نومِي ڪھيو ڪہ، ”نا ڏيڪريون، پاڇَي جائو۔ ٿي ڪيئون مھَي ڀيڙَي ھالشو؟ ڪِي ٿي اَي ݾمجھو ھو ڪہ مھارا ٻيجا ڏيڪرا ھوشَي، جڪون ݾون ٿي بيئان ڪرشو؟ 12 نا ڏيڪريون، ٿي پاڇَي جائو۔ ھُون تو ڏوڪرِي ھوئِي رِي ھانَ مھَي ݾون ڪُڻ بيئان ڪرشَي؟ پڻ جي آج ھُون بيئان ڪرون، تو ڪِي ھُون ڏيڪرا جِڻين، 13 تو ڪِي، ٿي اُوئون رو موٽا ھوئڻ رو اِنتظار ڪرشو ھانَ ڪو گھروڻو ڪونھي ڪرو؟ نا، اِيئون نِي ݾوچو، پڻ ھُون ٿون ݾون وڌيڪ اُداس ھون ھانَ مھَي ݾون پرميشوَر ڀِي ناراض ھَي۔“
14 پَڇي او تينئي ڀڙي زور ݾون روئڻ لاگَي۔ پَڇي عُرفا آپرِي ݾاݾُو نَي ٻاٿ گھاتي بُئِي گئِي، پڻ رُوت ڀِي آپرِي ݾاݾُو نَي ٻاٿ گھاتِي ھانَ اُوئي رو ݾاٿ ڪونھي ڇوڙيو۔ 15 پَڇي نومِي، رُوت نَي ڪھيو ڪہ، ”جو ڏيڪرِي، ٿارِي جيٺوڻِي عُرفا آپرِي قوم ھانَ آپرَي ڏيوتائون ڪڍي پاڇِي جاوَي پڙَي، تُو ڀِي اُوئي ڀيڙِي پاڇِي جا۔“ 16 اِيئي تي رُوت ڪھيو ڪہ، ”تُو مھنَي پاڇِي جاوڻ تي مجبُور نِي ڪر، پڻ آپ ڀيڙِي ريوَڻ ڏي۔ جيٿ تُو جائِي، ھُون اوٿ جائين، جيٿ تُو رئِي، ھُون ڀِي اوٿ رئين۔ ٿارِي قوم مھارِي قوم ھوشَي ھانَ ٿارو ايشوَر مھارو ايشوَر ھوشَي۔ 17 جيٿ تُو مرِي، اوٿ ھُون ڀِي مرين ھانَ اوٿج ٻُوريجين، رُگو موت مھنَي ٿَي ݾون ڌار ڪرَي۔ جي ھُون اَي نِي ڪرون، تو پرميشوَر مھنَي اِيئي ݾون ڀِي وڌيڪ سزا ڏَي۔“ 18 پَڇي نومِي ݾمجِھي ڪہ رُوت مھارو لارو ڪونھي ڇوڙَي۔ تو اُوئي رُوت نَي پاڇِي جاوڻ رو ڪونھي ڪھيو۔
19 پَڇي او ٻيئي بيتَي بيتَي نيٺ بيت لحم شھر ۾ پُگَي۔ جڏي نومِي اترَي ݾالون ݾون پَڇي شھر ۾ آئِي، تو تموم گھڻا مِنک اُوئون نَي جوئي حيرون ھويا ھانَ شھر رَي لُگائَي آپت ۾ ڪيوَڻ لاگَي ڪہ، ”ڪِي اَي نومِي ھَي؟“ 20 اِيئي تي نومِي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي نومِي نِي ڪو، پڻ مارا ڪو ڪيونڪہ ايشوَر، جڪو قُدرت آݪو ھَي، اُوئي مھنَي تموم گھڻا ڏُک ڏينا ھَي۔“ (نومِي رو مطلب ھَي ڀاگ آݪِي ھانَ مارا رو مطلب ھَي نِڀاگِي۔) 21 نومِي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”جڏي ھُون ايٿ ݾون گئِي ھتِي، تو مھَي ڪڍي ݾجو ڪئين ھتو، پڻ ھمَي جڏي پرميشوَر مھنَي پاڇِي لي آيو ھَي، تو مھَي ڪڍي ڪئين ڪونھي۔ ٿي مھنَي نومِي ڪيئون ڪو ھو، ڪيونڪہ قُدرت آݪو پرميشوَر مھارَي خلاف ھويو ھانَ مھنَي ڏُک ڏينو۔“
22 اِيئي نمُونَي نومِي آپرِي موآبي بوئارِي رُوت ڀيڙِي موآب مُلڪ ݾون پاڇِي بيت لحم شھر ۾ آئِي۔ اُوئي ٽيم جَئو رو لٻارو شرُوع ھويو ھتو۔