رُوت رو بُوعز رِي ٻنِي ۾ ݾِٽا چُونڊڻ
2
اُوئي شھر ۾ ھيڪ اَمير مِنک ريتو ھانَ او ݾُٺو مِنک ھتو۔ او نومِي رَي ڌڻِي اليملڪ رو عزيز ھانَ ذات آݪو ھتو۔ اُوئي رو نون بُوعز ھتو۔
‏2 پَڇي ھيڪ ڏِن موآبي رُوت آپرِي ݾاݾُو نومِي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي موڪل ڏي، تو ھُون ٻنِي ۾ ݾِٽا چُونڊڻ جائُون۔ ھوئي ݾگھَي ڪہ ڪينَي مھَي تي دايا آوَي ھانَ او مھنَي چُونڊو ڪرڻ ڏَي۔“ اِيئي تي نومِي ڪھيو ڪہ، ”ڀلِي بات ھَي ڏيڪرِي جا۔“
‏3 پَڇي رُوت ڪَي ٻنِي ۾ گئِي ھانَ جَئو لُڻڻ آݪون لاري لاري، جيٿ گڏا ٻاڌوڙا ھتا، اوٿ او ݾِٽا چُونڊڻ لاگِي۔ اُوئي نَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ اَي ٻنِي اليملڪ رَي ذات آݪَي بُوعز رِي ھَي۔
‏4 اُوئيج ٽيم بُوعز بيت لحم شھر ݾون آيو ھانَ لٻارو ڪرڻ آݪون نَي ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر ٿون ڀيڙو ھووَي۔“ اِيئي تي اُوئون ڪھيو ڪہ،”پرميشوَر ٿنَي ڀِي برڪت ڏَي۔“ ‏5 پَڇي بُوعز جمعدار ݾون پُوڇو ڪہ، ”او ڇوڪرِي ڪُڻ ھَي؟“ ‏6 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”او موآبي قوم رِي ھَي ھانَ موآب مُلڪ ݾون نومِي ڀيڙِي آئِي ھَي۔ ‏7 اُوئي مھنَي ڪھيو ڪہ، ’مھربونِي ڪري لٻارو ڪرڻ آݪون لاري ٻاڌوڙَي گڏون رَي بِچ ۾ ݾِٽا چُونڊڻ ڏي۔‘ او ݾاڪݪي ݾون لي ھڻون توڻي اِيئي ٻنِي ۾ ݾِٽا چُونڊَي پڙِي۔ اُوئي رُگو ٿوڙِي دير مڏڪِي ۾ ڦُوڪارو کاڌو ھَي۔“
‏8 پَڇي بُوعز، رُوت نَي ڪھيو ڪہ، ”اي ڇوڪرِي ݾُڻ، آج ݾون پَڇي تُو ٻيجِي ڪيرِي ڀِي ٻنِي ۾ چُونڊو ڪرڻ نِي جائي، پڻ ايٿ مھارِي ٻنِي ۾ ݾِٽا چُونڊي ھانَ مھارَي نوڪروڻيون ڀيڙِي رئي۔ ‏9 تُو جوتِي رئي ڪہ مھارا نوڪر ڪيٿ ڪيٿ لٻارو ڪرَي ھَي ھانَ اُوئون لاري مھارَي نوڪروڻَي گڏا ٻونڌَي ھَي۔ تُو نوڪروڻيون نيڙِي ݾِٽا چُونڊي۔ مھَي آپرَي نوڪرون نَي ݾمجھايو ھَي ڪہ او ٿنَي ڪئين نِي ڪَي ھانَ جڏي ٿنَي تِرݾ لاگَي، تو تُو ضرُور اُوئون دِلون ݾون پوڻي پيئي، جڪو مھارَي نوڪرون ڀري راکيا ھَي۔“ ‏10 اِيئي تي رُوت اُوئي رَي پگون توڻي نِمي ڪھيو ڪہ، ”ھُون تو ڌارِي ھون، تو ڀِي ٿَي مھَي تي ڪيئون دايا ڪِي ھَي؟“ ‏11 اِيئي تي بُوعز ڪھيو ڪہ، ”مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿَي آپرَي ڌڻِي رَي مرڻ ݾون پَڇي، آپرِي ݾاݾُو رِي ڪترِي شيوا ڪِي ھَي ھانَ ڪيڪر آپرا مائيتر ھانَ آپرو مُلڪ ڇوڙي مھورَي مِنکون ۾ آئِي ھَي، جڪون نَي تُو ڪڏي ڀِي ڪونھي اوݪکتِي۔ ‏12 پرميشوَر ٿنَي اِيئي رو اَجر ڏَي۔ پرميشوَر مھورِي اِسرائيلي قوم رو ايشوَر جڪَي رِي پناھ ۾ تُو آئِي ھَي، او ٿنَي تموم گھڻو اَجر ڏَي۔“ ‏13 اِيئي تي رُوت ڪھيو ڪہ، ”اي مالڪ، ھُون تو ٿارِي نوڪروڻِي ڀِي ڪونھي۔ ٿارِي تموم گھڻِي مھربونِي ڪہ ٿَي مھارِي عِزت راکِي ھانَ مدد ڪِي۔“
‏14 پَڇي جڏي ٻيپار رو ݾجائِي مِنک ٻاٽِي کاوڻ ٻيٺا، تو بُوعز رُوت نَي ڪھيو ڪہ، ”آ، ھانَ مھون ڀيڙِي ٻاٽِي کا۔ مھون ڪڍي ٻاٽَي ھانَ انگُورون رو رس تموم گھڻو ھَي۔“ پَڇي رُوت لٻارو ڪرڻ آݪون ڀيڙِي ٻيݾي رئِي۔ پَڇي بُوعز اُوئي نَي ڀُونجوڙا آنڀُو ڀِي ڏينا۔ اُوئي ڍئو ڪري ٻاٽِي ھانَ ڀُونجوڙا آنڀُو کاڌا ھانَ ڪئين بچائي راکيا۔
‏15 پَڇي رُوت ڀڙي چُونڊو ڪرڻ لاگِي، تو بُوعز آپرَي نوڪرون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي او جَئو رَي ٻاڌوڙَي گڏون رَي ݾَڦا نيڙا ݾِٽا چُونڊَي، تو ٿي اُوئي نَي چُونڊو ڪرڻ ڏيا۔ ‏16 جڏي ٿي گڏا ٻونڌو، تو اُوئون ۾ ڪئين ݾِٽا ڇوڙتا جايا۔ ٿي اُوئي نَي ڪئين نِي ڪھيا، پڻ چُونڊو ڪرڻ ڏيا۔“
‏17 رُوت شام توڻي اوٿج چُونڊو ڪرتِي رئِي۔ جڏي چُونڊيوڙَي ݾِٽون نَي باوري آڇا ڪيئا، تو اُوئي ۾ اندازن اَڌ مَڻ جَئو نڪريو۔ ‏18 اُوئي او جَئو گھري لائي آپرِي ݾاݾُو نَي ڏينو، تو اُوئي رِي ݾاݾُو اِترو جَئو ڏيکي حيرون ھوئِي۔ پَڇي رُوت آپرِي ݾاݾُو نَي ٻيپار را بچوڙا آنڀُو ڀِي ڏينا۔ ‏19 اِيئي تي اُوئي رِي ݾاسُو پُوڇو ڪہ، ”ٿَي ڪيرِي ٻنِي ۾ چُونڊو ڪيئو ھَي؟ ايشوَر اُوئي نَي برڪت ڏَي، جڪَي ٿَي تي اترِي مھربونِي ڪِي ھَي۔“ رُوت ڪھيو ڪہ، ”جڪَي آڏمي رِي ٻنِي ۾ مھَي چُونڊو ڪيئو، اُوئي رو نون بُوعز ھَي۔“ ‏20 نومِي ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر اُوئي نَي برڪت ڏَي، ڪيونڪہ پرميشوَر آپون تي ھانَ آپڻَي مُوئوڙَي ڌڻيون تي مھربونِي ڪِي ھَي۔“ پَڇي نومِي ڪھيو ڪہ،”بُوعز تو آپڻو نيڙو عزيز ھَي، جڪَي رو فرض ھَي ڪہ او آپون نَي ݾنڀالَي۔“ ‏21 اِيئي تي رُوت ڪھيو ڪہ، ”اُوئي مھنَي ڪھيو ڪہ، ’جترِي توڻي لٻارو ھَي، تُو اُترِي توڻي مھارَي لٻارو ڪرڻ آݪون لاري چُونڊو ڪرتِي رئي۔‘“ ‏22 اِيئي تي نومِي آپرِي بوئارِي رُوت نَي ڪھيو ڪہ، ”ڀلِي بات ھَي ڏيڪرِي، تُو اُوئي رَي نوڪروڻيون ڀيڙِي جائي، پڻ ڪَي ٻيجَي رِي ٻنِي ۾ نِي جائي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ڪُڻ ٿنَي پريشون ڪرَي۔“
‏23 پَڇي جِترا جَئو ھانَ ڪڻڪ لُڻڻ را ڏِن ھتا، اُترِي توڻي رُوت، بُوعز رَي نوڪروڻيون ڀيڙِي رئي چُونڊو ڪرتِي رئِي۔ رُوت ھانَ اُوئي رِي ݾاݾُو ٻيئي ڀيڙَي ھيڪَي گھر ۾ ريتَي۔