پرڀُو يسُوع آپڻو پارت ڪرڻ آݪو
2
اي مھارَي ٻاݪون، ھُون ٿونَي اَي باتون اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو ڪہ ٿي پاپ نِي ڪرو ھانَ جي ڪو پاپ ڪرَي، تو ايشوَر پِتا ڪڍي آپڻو ھيڪ نيڪ پارت ڪرڻ آݪو موجُود ھَي يعني يسُوع مَسيح۔ 2 اوج آپڻَي پاپون رِي معافي رَي ݾارُو ٻَليدون ھَي، نِي رُگو آپڻَي پاپون رو پڻ ݾجِي دُنيا رَي پاپون رَي ݾارُو ڀِي۔3 جي آپي اُوئي رَي حُڪمون تي بيشون، تو اِيئي ݾون آپون نَي خبر پڙشَي ڪہ آپون اُوئي نَي اوݪکيو ھَي۔ 4 جڪو اَي ڪَي ھَي ڪہ، ”مھَي ايشوَر نَي اوݪکيو رو“ پڻ اُوئي را حُڪم ڪونھي منتو، تو او ڪُوڙو ھَي ھانَ اُوئي ۾ ݾاچ ھائِي ڪونھي۔ 5 پڻ جڪو اُوئي رَي باتون تي بَي ھَي، تو حقيقت ۾ ايشوَر رو پريم اُوئي ۾ ڪامل ھويو رو ھانَ اِيئي ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ آپي ايشوَر را ھون۔ 6 جڪو ڪَي ھَي ڪہ، ”ھُون ايشوَر رو ھون“ اُوئي رَي ݾارُو ضرُوري ھَي ڪہ او اُوئيج نمُونَي بَي جون پرڀُو يسُوع بيتو۔
ھيڪ نُوئو حُڪم
7 اي پيارون، ھُون ٿونَي ڪو نُوئو حُڪم نا، پڻ اوج پِروڻو حُڪم لِکون پڙيو جڪو شرُوع ݾون ٿونَي مِليوڙو ھَي۔ اَي پِروڻو حُڪم اوج نياپو ھَي جڪو ٿون پيل ݾُڻيو ھَي۔ 8 تو ڀِي ھُون ٿونَي ھيڪ نُوئو حُڪم لِکون پڙيو ھانَ اِيئي رِي ݾچائي پرڀُو يسُوع رِي زندگِي ھانَ ٿونرِي زندگِي ݾون ظاھر ھووَي ھَي ڪيونڪہ انڌارو ختم ھووَي پڙيو ھانَ ݾاچو اُجاݪو پيل ݾون چمڪَي پڙيو۔
9 جي ڪُڻ ڪَي ھَي ڪہ، ”ھُون اُجاݪَي ۾ ھون“ پڻ آپرَي وِشواسي ڀائي ݾون نفرت ڪرَي ھَي، تو او اَڃون توڻي انڌارَي ۾ ھَي۔ 10 جڪو آپرَي وِشواسي ڀائي ݾون پريم ڪرَي ھَي، تو او اُجاݪَي ۾ رَي ھَي ھانَ او ڪڏي ڀِي گُھمراھ ڪونھي ھووَي۔ 11 پڻ جڪو آپرَي وِشواسي ڀائي ݾون نفرت ڪرَي ھَي، تو او انڌارَي ۾ ھَي ھانَ انڌارَي ۾ بَي ھَي۔ اُوئي نَي خبر ڪونھي ڪہ او ڪيئا جاوَي ھَي ڪيونڪہ انڌارَي اُوئي نَي اونڌو ڪري ڇوڙيو ھَي۔
12 ٿي جڪو ٻاݪ ھو، ھُون ٿونَي اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو
ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع رَي نون ݾون ٿونرا پاپ معاف ھويا را۔
13 ٿي جڪو ٻاپ ھو، ھُون ٿونَي اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو
ڪيونڪہ ٿون اُوئي نَي اوݪکيو ھَي جڪو شرُوع ݾون ھَي۔
ٿي جڪو نوجوان ھو، ھُون ٿونَي اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو
ڪيونڪہ ٿون شيطون نَي ھرايو ھَي۔
ٿي جڪو ٻاݪ ھو، ھُون ٿونَي اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو
ڪيونڪہ ٿي ايشوَر پِتا نَي اوݪکو ھو۔
14 ٿي جڪو ٻاپ ھو، ھُون ٿونَي اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو
ڪيونڪہ ٿون اُوئي نَي اوݪکيو ھَي جڪو شرُوع ݾون ھَي۔
ٿي جڪو نوجوان ھو، ھُون ٿونَي اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو
ڪيونڪہ ٿي پڪا وِشواسي ھو ھانَ ايشوَر رو شُٻڌ ٿون ۾ رَي ھَي
ھانَ ٿون شيطون نَي ھرايو ھَي۔
دُنيا ݾون پريم نِي راکيا
15 نِي دُنيا ݾون پريم راکو ھانَ نِي اُوئون شيون ݾون جڪو دُنيا ۾ ھَي۔ جڪو دُنيا ݾون پريم راکَي ھَي، تو اُوئي ۾ ايشوَر پِتا رو پريم ھائِي ڪونھي۔ 16 ڪيونڪہ جڪو ڪئين دُنيا ۾ ھَي يعني جِسموني خواھشون اونکيون رَي خواھشون ھانَ زندگِي رِي مگرُورِي، اَي ايشوَر پِتا رَي طرفون ڪونھي، پڻ دُنيا رَي طرفون ھَي۔ 17 دُنيا ھانَ اُوئي رَي خواھشون مِٽَي پڙئَي پڻ جڪو ايشوَر رِي مرضِي تي بَي ھَي او اَمر ھَي۔
مَسيح را مُخالف
18 اي ٻاݪون، اَي آخري ٽيم ھَي ھانَ جون ٿون ݾُڻيو ھَي ڪہ مَسيح رو مُخالف آوڻ آݪو ھَي۔ ھڻون ڀِي مَسيح را تموم گھڻا مُخالف ظاھر ھويا ھَي جڪَي ݾون آپون نَي خبر پڙَي ھَي ڪہ اَي آخري ٽيم ھَي۔ 19 او آپون ݾون نڪريا ھَي پڻ حقيقت ۾ او آپون مئيلا ڪونھي ھتا ڪيونڪہ جي او آپون مئيلا ھويا ھووَنت، تو آپون ڀيڙا ھويا ھووَنت۔ اُوئون رَي ڇوڙڻ ݾون خبر پڙِي ڪہ او آپون مئيلا ڪونھي ھَي۔
20 ٿونَي اُوئي پويتر ھستِي آپرِي آتما ݾون چُونڊيا ھَي ھانَ ٿون ݾجون نَي ݾچائي رَي بارَي ۾ خبر ھَي۔ 21 مھَي ٿونَي اِيئي رَي ڪري ڪونھي لِکيو ڪہ ٿونَي ݾچائي رَي بارَي ۾ خبر ڪونھي، پڻ ٿونَي اُوئي رِي خبر ھَي ھانَ اَي ڀِي خبر ھَي ڪہ ڪَي ڀِي ڪُوڙ رو ݾچائي ݾون ڪو ڀِي واسطو ڪونھي۔ 22 ڪُوڙو ڪُڻ ھَي؟ ڪُوڙو او ھَي جڪو اَي ڪَي ھَي ڪہ، ”يسُوع، مَسيح ڪونھي ھَي۔“ اوج مَسيح رو مُخالف ھَي ڪيونڪہ او ايشوَر پِتا ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرَي يسُوع نَي ڪونھي منتو۔ 23 جڪو ڏيڪرَي نَي مِنکون آگھي ڪونھي منتو اُوئي ڪڍي پِتا ڀِي ڪونھي پڻ جڪو ڏيڪرَي نَي مِنکون آگھي منَي ھَي اُوئي ڪڍي پِتا ڀِي ھَي۔ 24 جڪو ڪئين ٿون شرُوع ݾون ݾُڻيو ھَي او ٿون ۾ پڪو رَي۔ جي او ٿون ۾ پڪو رَي، تو ٿي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ پِتا ۾ پڪا ريشو، 25 تو او واعدو جڪو پرڀُو يسُوع آپون ݾون ڪيئو ھتو او پُورو ھوشَي يعني اَمر جيوَن ملشَي۔
26 مھَي ٿونَي اَي باتون اُوئون مِنکون رَي بارَي ۾ لِکئَي ھَي جڪو ٿونَي گُھمراھ ڪرڻ رِي ڪوشش ڪرَي ھَي۔ 27 پرڀُو يسُوع ٿونَي پويتر آتما ݾون چُونڊيا ھَي جڪو ٿون ۾ رَي ھَي۔ ھمَي ٿي مُحتاج ڪونھي ڪہ ڪو ٿونَي ݾيکاوَي پڻ ٿي چُونڊيوڙا ھو اِيئي رَي ڪري پويتر آتما ٿونَي ݾجَي باتون رَي بارَي ۾ ݾيکاوَي ھَي۔ جڪو ڪئين او ٿونَي ݾيکاوَي ھَي او ڪُوڙ ڪونھي، پڻ ݾاچ ھَي اِيئي رَي ڪري جھڙَي نمُونَي پويتر آتما ٿونَي ݾيکايا ھَي اُوئيج نمُونَي پرڀُو يسُوع ۾ پڪا رو۔
ايشوَر را ٻاݪ