سنت پطرس رو ٻيجو خط
تعارف
سنت پطرس اَي ٻيجو خط اندازن سن 65 ݾون 67 عيسوِي رَي بِچ ۾ وِشواسيون نَي اُوئي ٽيم لِکيو جڏي وِشواسي مَنڊلِي ۾ ڪُوڙا پرچار ڪرڻ آݪا ڪُوڙَي باتون ݾيکاوتا پڙيا۔ اِيئي خط رو خاص مقصد اَي ھتو ڪہ ڪُوڙو پرچار ڪرڻ آݪون رَي پرچار ݾون جڪو بُڇڙائي بڌتِي پڙِي اُوئي نَي ختم ڪيئو جاوَي۔ اِيئون باتون رو حل ايشوَر ھانَ پرڀُو يسُوع رَي ݾاچَي باتون تي وِشواس راکڻ ھانَ اُوئي تي پڪو ريوَڻ تي ھَي۔ اِيئي وِشواس رَي خاص باتون خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوڻ آݪَي اُوئون مِنکون ݾُڻائَي جڪون پرڀُو يسُوع نَي ݾيکاوتو ڏيٺو ھانَ ݾُڻيو ھتو۔
سنت پطرس نَي اِيئي بات رو فِڪر ھتو ڪہ او جڪو ڪُوڙو پرچار ڪري ڪَي ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع ڀڙي ڪونھي آوَي پڻ سنت پطرس 3: 9 ۾ اَي ݾيکاوَي ھَي ڪہ،”پرميشوَر آپرو واعدو پُورو ڪرڻ ۾ دير ڪونھي ڪرتو، جھڙَي نمُونَي ڪئينڪہ مِنک دير ݾمجَھي ھَي، پڻ ايشوَر ٿونرَي ݾارُو صبر ڪرَي ھَي ڪيونڪہ اُوئي رِي مرضِي ڪونھي ڪہ ڪو ڀِي ھميشا رِي موت مرَي پڻ مرضِي ھَي ڪہ ݾجائِي توبھون ڪرَي۔“
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 1‏:1‏-2‏
ايشوَر رو ھيلو ھانَ چُونڊڻ 1‏:3‏-21
ڪُوڙَي باتون ݾيکاوڻ آݪا 2‏:1‏-22
پرڀُو يسُوع رو ڀڙي آوڻ 3‏:1‏-18