سنت پطرس رو پيلڪو خط
تعارف
سنت پطرس پرڀُو يسُوع رَي ٻارھَي خاص چيلون ۾ ھيڪ ھتو۔ اُوئي رو اَصلي نون شمعُون ھتو ھانَ پرڀُو يسُوع اُوئي رو نون پطرس ڀِي راکيو۔ سنت پطرس اَي خط اندازن سن 63 ݾون 64 عيسوِي ۾ اُوئون وِشواسيون نَي لِکيو جڪو ايشيا رَي تُرڪِي مُلڪ ۾ اُتر ڏيݾا ريتا۔
اِيئي خط رو مقصد اُوئون وِشواسيون رو حوصلو بڌاوڻ ھَي جڪون نَي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ رَي ڪري تنگ ڪيئو جاوتو ھانَ او ڏُک برداش ڪرتا پڙيا۔ سنت پطرس اُوئون نَي پرڀُو يسُوع رِي او خُوشِي رِي خبر ياد ڏيراوَي ھَي، جڪَي ۾ پرڀُو يسُوع رو مرڻ، ڀڙي جِي اُٺڻ ھانَ آپرَي واعدَي تي ڀڙي آوڻ شامل ھَي۔ سنت پطرس اُوئون نَي ݾُڻاوَي ھَي ڪہ اُوئون نَي اُوئي خُوشِي رِي خبر رِي اُميد راکي ڏُک برداش ڪرڻا ھَي ھانَ ڀروسو راکڻو ھَي ڪہ اَي اُوئون رَي وِشواس رِي ݾچائي رو آزمُوتو ھَي ھانَ پرڀُو يسُوع رَي ڀڙي آوڻ آݪَي ڏِن ھر ھيڪ نَي اَجر ملشَي۔ سنت پطرس اِيئي بات تي زور ڏَي ھَي ڪہ ھر ھيڪ وِشواسي اِيئون پويتر ھوئي رَي جھڙَي نمُونَي آپڻو اَڻاوڻ آݪو پويتر ھَي۔
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 1:1-2
ݾاچِي اُميد 1:3-12
پويتر زندگِي گُذارڻ1:13-2:10
ايشوَر را شيوادار ھانَ ڏُکون ۾ ذميوارَي 2:11-4:19
وِشواسي مَنڊلِي رَي اَگووڻون نَي ھدايت 5:1-11
آخري جَئي پرڀُو رِي 5:12-14