سنت يُوحنا رو پيلڪو خط
تعارف
اَي خط ڪَي لِکيو ھَي ڪو ڀِي خبر ڪونھي پڻ لِکڻ رَي طريقَي ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ اَي خط لِکڻ آݪو اوج سنت يُوحنا ھَي جڪَي يُوحنا رو شاستر ڀِي لِکيو ھَي۔ يُوحنا پرڀُو يسُوع رو خاص چيلو ھتو۔ اُوئي اَي خط اندازن سن 85 ݾون 95 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔
اِيئي خط را ٻي خاص مقصد ھَي، پيلڪو اَي ڪہ پڙھڻ آݪو ايشوَر رَي ڏيڪرَي يسُوع مَسيح آݪِي ڪار بيتو رَي۔ ٻيجو مقصد اَي ڪہ ڪُوڙَي ݾيکايوڙَي باتون ݾون ھوشيار ڪرڻ جڪو پرڀُو يسُوع رَي باتون تي بيوَڻ ڪونھي ڏيتا۔ اُوئي ٽيم ڪئين ݾيکاوڻ آݪا اَي ڪيتا ڪہ ايشوَر رو ڏيڪرو پرڀُو يسُوع واقعي اِنسون ڪونھي ھَي پڻ لِکڻ آݪو ݾُٺَي نمُونَي ݾُڻاوَي ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع واقعي اِنسون ھتو ھانَ جِترا ڀِي اُوئي تي وِشواس راکَي ھَي او ايشوَر ݾون پريم ڪرَي ھَي ھانَ اُوئون نَي ڀِي ھيڪَي ٻيجَي ݾون پريم ڪرڻ کپَي۔
خاص مضمُون
زندگِي رو شُٻڌ1:1-4
اُجاݪَي ۾ بيوَڻ 1:5-2:29
ايشوَر را ڏيڪرا ھانَ شيطون را 3:1-24
آتما رو آزمُوتو 4:1-6
ايشوَر پريم ھَي 4:7-21
وِشواس ݾون جگت نَي ھراوڻ 5:1-21