سنت يُوحنا رو ٻيجو خط
تعارف
سنت يُوحنا اَي ٻيجو خط اندازن سن 85 ݾون 95 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔ اِيئي خط ۾ او چُونڊيوڙِي وِشواسي مَنڊلِي نَي ھيڪِي لُگائِي رو مِثال ڏي بات ڪرَي ھَي ھانَ وِشواسيون نَي اُوئي را ٻاݪ ڪري ݾُڻاوَي ھَي۔ اِيئي نمُونَي او ٻيجِي وِشواسي مَنڊلِي نَي ٻين ڪري بات ڪرَي ھَي۔ اِيئي خط ۾ او ھيڪَي ٻيجَي ݾون پريم راکڻ رَي بارَي ۾ ڪَي ھَي۔ او گُھمراھ ڪرڻ آݪون ھانَ مَسيح رِي مُخالف ڪرڻ آݪون ݾون ڀِي خبردار ڪرَي ھَي۔ جوئو، 1:7 ۾ ڪَي ھَي ڪہ، ”تموم گھڻا اھڙا گُھمراھ ڪرڻ آݪا دُنيا ۾ نڪري آيا ھَي جڪو اِيئي بات رو اِقرار ݾجون آگھي ڪونھي ڪرتا ڪہ يسُوع مَسيح اِنسونِي رُوپ ۾ آيو ھَي۔“
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 1:1-3
ݾچائي ھانَ پريم ݾون بيوَڻ 1:4-6
مَسيح را مُخالف 1:7-11
آخري باتون 1:12-13