سنت يُوحنا رو ٻيجو خط
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا
1
اَي خط مھَي يُوحنا رَي طرفون ھَي جڪو وِشواسي مَنڊلِي رو اَگووڻ ھون۔ ھُون اَي خط اُوئي چُونڊيوڙِي وِشواسي مَنڊلِي ھانَ اُوئي رَي ٻاݪون يعني وِشواسيون نَي لِکون پڙيو جڪون ݾون ھُون ݾچائي رَي ڪري پريم ڪرون ھون۔ نِي رُگو ھُون پڻ او ݾجائِي پريم راکَي ھَي جڪو ݾاچ نَي اوݪکَي ھَي۔ 2 اَي ݾاچ آپون ۾ رَي ھَي ھانَ اَي ھميشا آپون ڀيڙو ريشَي۔ 3 ايشوَر پِتا ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرَي يسُوع مَسيح رِي ڪِرپا، دايا ھانَ اُوئي رو ݾُک، ݾچائي ھانَ پريم آپون ماٿَي ھوتو رَي۔ݾچائي ھانَ پريم ݾون بيوَڻ
4 ھُون تموم گھڻو خُوش ھويو، جڏي مھنَي خبر پڙِي ڪہ ٿارا ڪئين ٻاݪ اُوئي ݾچائي تي بَي پڙيا جڪَي رو حُڪم آپون نَي پِتا ݾون مِليو ھَي۔ 5 اِيئي رَي ڪري اي وِشواسي مَنڊلِي، تُو جڪو مھورِي وِشواسي مَنڊلِي رِي ٻين آݪِي ڪار ھَي، ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ آئو آپي ݾجائِي ھيڪَي ٻيجَي ݾون پريم راکون۔ ھُون اَي ڪو نُوئو حُڪم ڪونھي لِکتو پڻ اَي اوج پِروڻو حُڪم ھَي جڪو شرُوع ݾون مِليو ھَي۔ 6 پريم رو مطلب اَي ھَي ڪہ آپي ايشوَر رَي حُڪم تي بون۔ اَي اوج حُڪم ھَي جڪو ٿون شرُوع ݾون ݾُڻيو ھَي ھانَ ٿونَي اُوئي تي بيوَڻ کپَي۔
مَسيح را مُخالف
7 تموم گھڻا اھڙا گُھمراھ ڪرڻ آݪا دُنيا ۾ نڪري آيا ھَي جڪو اِيئي بات رو اِقرار ݾجون آگھي ڪونھي ڪرتا ڪہ يسُوع مَسيح اِنسونِي رُوپ ۾ آيو ھَي۔ اھڙا مِنک گُھمراھ ڪرڻ آݪا ھانَ مَسيح را مُخالف ھَي، 8 اِيئي رَي ڪري ھوشيار رو ڪہ جڪو محنت مھون ٿون ۾ ڪِي ھَي او ٿونرَي ڪري اجائِي نِي جاوَي پڻ ٿونَي پُورو اَجر ملَي۔ 9 جڪو مَسيح رَي ݾيکايوڙَي باتون تي ڪونھي اُڀتو ھانَ اُوئون نَي ڇوڙَي ھَي اُوئي ڪڍي ايشوَر ھائِي ڪونھي۔ جڪو مَسيح رَي ݾيکايوڙَي باتون تي بَي ھَي، تو اُوئي ڪڍي ايشوَر ڀِي ھَي ھانَ ڏيڪرو ڀِي ھَي۔ 10 جي ڪُڻ ٿون ڪڍي آئي اَي نِي ݾيکاوَي، تو ٿي اُوئي نَي گھري نِي آوڻ ڏيئو ھانَ نِي اُوئي نَي جَئي پرڀُو رِي ڪو۔ 11 جڪو ڀِي اھڙَي مِنکون نَي جَئي پرڀُو رِي ڪَي ھَي، تو او اُوئي رَي بُڇڙَي ڪوم ۾ شامل ھووَي ھَي۔
آخري بات
12 مھنَي تموم گھڻَي باتون ٿونَي لِکڻَي ھَي پڻ مھارِي مرضِي ھَي ڪہ او باتون ڪاگڏ ھانَ مَس ݾون نِي لِکون پڻ مھنَي اُميد ھَي ڪہ ٿون ڪڍي آئي رُوبرو باتون ڪرون ڪہ آپڻِي خُوشِي پُورِي ھووَي۔
13 ٿونرِي ٻين را ٻاݪيا جڪون نَي ايشوَر چُونڊيا ھَي يعني مھي ٿونَي جَئي پرڀُو رِي ڪونھ ھون۔