ڪُوڙَي باتون ݾيکاوڻ آݪا
2
جھڙَي نمُونَي اَگي اِسرائيلي قوم ۾ ڪُوڙا نبِي ھتا اُوئيج نمُونَي ٿون ۾ ڀِي ڪُوڙِي تعليم ڏيوَڻ آݪا ظاھر ھوشَي۔ ٿونَي خبر ڀِي ڪونھي پڙَي ڪہ او ٿونَي اھڙِي ڪُوڙِي تعليم ڏي ٿونَي برباد ڪرشَي۔ او اُوئي مالڪ نَي اوݪکڻ رو اِنڪار ڪرشَي جڪَي اُوئون نَي آپرو قيمتي لوئِي ڏي مول ليئا ھتا۔ اِيئي نمُونَي او آپرو آپنَي تموم ڇيڪا برباد ڪري ڇوڙشَي۔ 2 تموم گھڻا مِنک اُوئون رِي بُڇڙائي لاري بيشَي، اِيئي رَي ڪري ݾاچَي مارگ رَي خلاف باتون ڪرشَي۔ 3 او آپرِي لالچ رَي ݾارُو ڪُوڙَي باتون ݾيکاشَي ھانَ ٿون ݾون ناجائز فائدو ليشَي، پڻ ايشوَر پيل ݾون اُوئون رو فيصلو ڪيئو رو ھانَ ايشوَر اِيئي ۾ دير ڪونھي ڪرَي ڪيونڪہ او اُونگاجوڙو ڪونھي، پڻ اُوئون نَي موت رِي سزا ڏيوَڻ رَي ݾارُو جاگتو ھَي۔4 ݾُڻو، ايشوَر پاپي فريشتون نَي ڀِي ڪونھي ڇوڙيا پڻ اُوئون نَي انڌارَي آݪَي ݾونڪڙون ۾ ٻونڌي نرگ ۾ نوکيا جيٿ او عدالت آݪَي ڏِن توڻي قيد ۾ ريشَي۔ 5 اِيئي نمُونَي نُوح رَي زمونَي ۾ ڀِي ايشوَر تي وِشواس نِي راکڻ آݪون نَي طُوفون ميلي ماري ڇوڙيا، رُگو نيڪِي رو پرچار ڪرڻ آݪو نُوح نبِي ھانَ اُوئي رو خاندان ݾاتون مِنکون ݾُوڌو بچي گيو۔ 6 اِيئي نمُونَي ايشوَر سدُوم ھانَ عمُورا شھر نَي سزا ڏيوَڻ رو فيصلو ڪيئو ھانَ اُوئون نَي باݾڏي ݾون ٻاݪِي راک ڪري ڇوڙيا ھانَ آوڻ آݪَي زمونَي ۾ بِنا وِشواس آݪون رَي ݾارُو اَي مِثال ھويو ڪہ اُوئون ݾون ڪِي ھوشَي؟ 7 ايشوَر نيڪ مِنک لُوط نَي بچايو جڪو بُڇڙا ڪوم ڪرڻ آݪون ݾون تنگ ھتو۔ 8 [اَي نيڪ مِنک اُوئون ڀيڙو ريتو ھانَ ھروز اُوئون را بُڇڙا ڪوم ڏيکي ھانَ ݾُڻي آپرَي نيڪ من ۾ تموم گھڻو پريشون ريتو۔] 9 اِيئون باتون ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ پرميشوَر نيڪ مِنکون نَي آزمُوتون ۾ بچاوڻ ھانَ پاپيون نَي عدالت رَي ڏِن توڻي سزا ڏيوَڻ رَي ݾارُو راکڻ جوڻَي ھَي۔ 10 خاص ڪري اُوئون نَي جڪو ݾَرير رَي بُڇڙَي خيالون ۾ رَي ھَي ھانَ ايشوَر رِي بادشاھي نَي ڪئين ڪونھي ݾمجھتا۔ او ايشوَر رَي خلاف ھانَ مگرُور ھَي ھانَ آڪاشِي اِختيار رَي خلاف باتون ڪرڻ ݾون ٻيئاجتا ڪونھي۔ 11 فريشتا جڪو طاقت ۾ اُوئون ݾون تموم گھڻا ڏاڍا ھَي پڻ او ڀِي پرميشوَر آگھي اُوئون ھستيون رَي خلاف الزوم لگاوڻ رِي ھِمت ڪونھي ڪرتا۔ 12 اِيئي رَي ڪري اَي ڪُوڙِي تعليم ڏيوَڻ آݪا، بي عقل ھَي جڪو جِنارون آݪِي ڪار جَھليجڻ ھانَ ماريجڻ رَي ݾارُو پيدا ھويا ھَي۔ او اُوئون باتون رَي خلاف ٻولَي ھَي، جڪون رِي اُوئون نَي خبر ڪونھي۔ او آپرَي بُڇڙَي باتون ݾون برباد ھوئي جاشَي۔ 13 اِيئي نمُونَي ٻيجون ݾون بُرائي ڪرڻ رَي بدلَي اُوئون رو آپرو بُرو ھوشَي۔ او سريعام عياشِي ڪري خُوش ھووَي ھَي۔ اھڙا مِنک ھيڪ داگ ھانَ عيب ھَي جڪو ٿون ڀيڙا کاوَي پيئَي ھَي ھانَ آپرِي خُوشِي رَي ݾارُو دعوتون ڪري عياشِي ڪرَي ھَي۔ 14 او زنا رَي ݾارُو ھر ٽيم خراب لُگايون رِي تلاش ۾ ھَي ھانَ پاپ ڪرڻ ڦِٽا ڪونھي ڪرتا۔ او گھٽ وِشواس آݪون نَي بُڇڙَي ڪومون ۾ ڦݾاوَي ھَي۔ اُوئون را من لالچ ݾون ڀريوڙا ھَي۔ اُوئون تي ايشوَر رِي لعنت ھووَي۔ 15 او ݾاچو مارگ ڦِٽو ڪري رُلَي پڙيا۔ او بعُور رَي ڏيڪرَي بلعام رَي مارگ تي بَي پڙيا جڪَي پَشون رَي لالچ ۾ بُڇڙا ڪوم ڪرڻ پسند ڪيئا۔ 16 اُوئي آپرَي ڏوھ رَي ڪري آپ تي لعنت لِي ھانَ بي زِبون گڏِي اِنسون آݪِي ڪار ٻولِي ھانَ اُوئي نبِي نَي پاپ ڪرڻ رِي ڪالھائِي ݾون پاليو۔
17 ڪُوڙا تعليم ڏيوَڻ آݪا ݾُوڪڙَي کُوھ ھانَ بائيرَي ݾون اُڏڻ آݪَي باڏݪ آݪِي ڪار ھَي۔ اُوئون رو نتيجو گھور انڌارو ھوشَي۔ 18 او مگرُورِي آݪَي اجائَي باتون ڪري بُرائي ݾون اھڙَي مِنکون نَي جِسموني خواھشون ۾ ڦݾاوَي ھَي جڪو گُھمراھ ھوئڻ آݪون ۾ بچي گيا ھتا۔ 19 او ٻيجون ݾون تو آزادي رو واعدو ڪرَي ھَي پڻ آپ پاپ را غُلوم ھَي ڪيونڪہ اِنسون اُوئي را غُلوم ھَي جڪو اُوئي نَي آپرَي ھاٿ ۾ ڪرَي ھَي۔ 20 جڪو ڀِي آپڻَي پرڀُو ھانَ مُگتي داتا يسُوع مَسيح نَي اوݪکڻ رَي وسيلَي جگت رِي بُڇڙائي ݾون بچَي ھَي، پڻ جڏي او ڀڙي اِيئون رو غُلوم ھوئي ڦاݾي جاوَي ھَي، تو اُوئي رِي حالت اَگي ݾون ڀِي وڌيڪ خراب ھووَي ھَي۔ 21 ڪيونڪہ جڪون مِنکون ݾچائي رو مارگ اوݪکيو ھَي پڻ او ايشوَر رَي حُڪم ݾون ڦِري گيا جڪو ايشوَر اُوئون نَي ڏينا ھتا، اُوئون رَي ݾارُو ڀلو اَي ھتو ڪہ او ڪڏي ڀِي اِيئي مارگ تي نِي بون تو۔ 22 اُوئون تي اَي ڪيتوڻا پُورا ھووَي ھَي ڪہ،
”ڪُتو پاڇو آئي آپرِي اُلٽِي کاوَي ھَي،
ھانَ ݾُوئر جھيلاوڻ ݾون پَڇي ڀڙي گپ ۾ جاوَي ھَي۔“