زِبون ڪاٻُو راکڻ
3
اي پيارَي وِشواسيون، ٿون ۾ تموم گھڻا اُستاد نِي ھووَي ڪيونڪہ ٿونَي خبر ھَي ڪہ آپي جڪو ݾيکاوڻ آݪا ھون آپڻو فيصلو سختِي ݾون ڪيئو جاشَي۔ 2 ڪيونڪہ آپي تموم گھڻَي باتون ۾ غلطَي ڪرتا رون ھون۔ جي ڪُڻ بات ڪرڻ ۾ غلطِي نِي ڪرَي، تو او ڪامل ھَي ھانَ آپرو ݾجو ݾَرير ڪاٻُو ۾ راکي ݾگھَي ھَي۔ 3 جھڙَي نمُونَي آپي گھوڙَي رَي موڏَي ۾ لگوم ڏيئون ھون ڪہ او آپڻَي ڪاٻُو ۾ رَي ھانَ آپي آپرِي مرضِي ݾون اُوئي نَي ورائي ݾگھو ھون۔4 جوئو، ٻيڙا ڪِڏا موٽا موٽا ھووَي ھَي ھانَ تيز بائيرَي ݾون بَي ھَي، تو ڀِي ٻيڙَي نَي رُک ڏيݾا ڪرڻ رَي ݾارُو ھيڪَي نِنئي چپُو ݾون ٻيڙو ھلاوڻ آݪو آپرِي مرضِي ݾون اُوئي ٻيڙَي نَي ڦيرائي ݾگھَي ھَي۔ 5 اِيئج نمُونَي زِبون ڀِي ھيڪ نِنيو عُضوو ھَي پڻ موٽا موٽا ٻول ٻولَي ھَي۔
جوئو، ھيڪَي موٽَي جھنگ نَي باݾڏي لگاوڻ رَي ݾارُو نِنڪِي چِڻنگ ڀِي گھڻِي ھَي۔
6 آپڻَي ݾَرير ۾ زِبون چِڻنگ آݪِي ڪار ھَي ھانَ ݾجِي دُنيا رِي بُڇڙائي اِيئي ݾون جنم لَي ھَي ڪيونڪہ اَي آپڻَي ݾجَي ݾَرير نَي داگ لگائي ݾگھَي ھَي۔ زِبون ۾ نرگ رو باݾڏي ھَي جڪو اِنسون رِي ݾجِي زندگِي نَي باݾڏي لگاوَي ھَي ھانَ نرگ رَي باݾڏي ݾون ٻݪتِي رَي ھَي۔ 7 ھر نمُونَي را جِنار، پکي، ݾِرڪڻ آݪا جيوَو جِنار ھانَ پوڻي آݪا جِنار، تو اِنسون رَي ڪاٻُو ۾ آئي ݾگھَي ھَي ھانَ آيا ڀِي ھَي 8 پڻ زِبون نَي ڪو ڀِي ڪاٻُو ڪري ڪونھي ݾگھتو۔ اَي ھيڪ اھڙِي بلا ھَي جڪو ڪڏي ڀِي اُڀتِي ڪونھي ھانَ خطرناڪ زھر ݾون ڀريوڙِي ھَي۔ 9 اِيئي زِبون ݾون آپي آپڻَي پرميشوَر ھانَ آڪاشِي پِتا رِي بکوڻ ڪرون ھون ھانَ اِيئج زِبون ݾون آپي مِنکون نَي پِٽون ھون جڪون نَي ايشوَر آپرَي رُوپ تي ٺاھيا ھَي۔
10 اي پيارَي وِشواسيون، اِيئون نِي ھوئڻ کپَي ڪہ ھيڪَي موڏَي ݾون بکوڻ ھانَ پِٽ نڪرَي۔ 11 ڪِي ھيڪَي کُوھ ݾون ميٺو جون کارو پوڻي نڪري ݾگھَي ھَي؟ 12 جون انجير رَي بَڻ ۾ زيتُون جون انگُورون رِي بيل ۾ انجير لاگي ݾگھَي ھَي؟ پيارَي وِشواسيون، ڪڏي ڀِي نا۔ اِيئي نمُونَي کارَي کُوھ ݾون ميٺو پوڻي ڪڏي ڀِي ڪونھي نڪرتو۔
ايشوَر رِي ڏينوڙِي عقل
13 جي ٿي عقل آݪا ھانَ ݾمجھدار ھو، تو نيڪ چال چلن ݾون بو ھانَ عقل رَي وسيلَي نِموڻائِي ݾون نيڪ ڪوم ڪرو۔ 14 خبردار، جي ٿونرَي من ۾ ݾاݪ ھانَ آپرَي مطلب آݪَي باتون ھووَي، تو اِيئي تي بڏائو نِي ڪرو ھانَ نِي ݾچائي رَي خلاف ڪُوڙ ٻولو۔
15 ڪيونڪہ اھڙو بڏائو ايشوَر رَي طرفون نا، پڻ دُنيا رَي طرفون ھَي جڪو جِسموني خواھشون ھانَ شيطون رَي طرفون ھَي۔ 16 اِيئي رَي ڪري جيٿ ݾاݪ ھانَ آپرو مطلب ھووَي ھَي اوٿ جھيڙا جھگڙا ھانَ ھر نمُونَي را بُڇڙا ڪوم ڀِي ھووَي ھَي۔ 17 پڻ اھڙِي عقل جڪو ايشوَر رَي طرفون ھَي، پيلڪِي بات ڪہ او پويتر ھَي۔ اُوئي ݾون پَڇي اَي ڪہ اُوئي ۾ صُلح، نِموڻائِي، وفادارِي ھانَ دايا ھووَي ھَي۔ او ݾُٺَي بَڻ رَي ڦلون آݪِي ڪار نيڪ ڪومون ݾون ڀريجوڙِي رَي ھَي۔ نَڪو او ڪيرو پاݾو جھالَي ھانَ نَڪو ڪينَي دوکو ڏَي۔ 18 جڪو صُلح ڪراوَي ھَي، او صُلح ڀيڙو اھڙو ٻيج پوکَي ھَي جڪَي ݾون نيڪِي رو ڦل پيدا ھووَي ھَي۔