طرفداري نِي ڪرو
2
اي پيارَي وِشواسيون، ٿي جڪو آپڻَي مھما آݪَي پرڀُو يسُوع مَسيح تي وِشواس راکو ھو، ڪيرِي ڀِي طرفداري نِي ڪرو۔ ‏2 فرض ڪرو، جي ھيڪ مِنک ݾونَي رِي بيٽِي ھانَ ݾُٺا گاڀا پيري ٿونرِي مَنڊلِي ۾ آوَي ھانَ ھيڪ غريب مِنک ڀِي ڦاٽوڙا ھانَ ميلا گاڀا پيري آوَي ‏3 ھانَ ٿي ݾُٺَي گاڀون آݪَي رو خاص خيال راکي ڪو ڪہ، ”ايٿ آئي ݾُٺِي جگھا تي ٻيݾ۔“ پڻ غريب نَي ڪو ڪہ، ”اوٿج اُڀو رَي جون ايٿ آئي مھارَي پگون ڪڍي ھيٺا ٻيݾ۔“ ‏4 تو پَڇي ڪِي ٿون ھيڪَي ٻيجَي ݾون طرفداري ڪونھي ڪِي ھانَ ڪِي ٿون اَي فيصلو بُڇڙِي نيت ݾون ڪونھي ڪيئو؟
‏5 اي پيارَي وِشواسيون، ݾُڻو، ڪِي ايشوَر اُوئون نَي ڪونھي چُونڊيا جڪو دُنيا رِي نظر ۾ غريب ھَي ڪہ او وِشواس ۾ اَمير ھوئي جاوَي؟ اَئيج مِنک اُوئي بادشاھي را حقدار ھوشَي جڪَي رو واعدو ايشوَر آپرَي پيارون ݾون ڪيئو ھَي۔ ‏6 پڻ ٿون اُوئي غريب رِي بي عِزتي ڪِي۔ ڪِي اَمير مِنک ٿون تي ظُلم ڪونھي ڪرتا ھانَ ٿونَي زورِي ڪورٽ ۾ ڪونھي لي جاوتا؟ ‏7 ڪِي اَي اوج مِنک ڪونھي جڪو اُوئي عِزت آݪَي نون يعني پرڀُو يسُوع رَي خلاف باتون ڪرَي ھَي، جڪَي نَي ٿي منو ھو؟
‏8 شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”آپرَي پاڙَي آݪَي ݾون آپ جِترو پريم ڪر۔“
جي ٿي ايشوَر رِي بادشاھي رَي اِيئي حُڪم تي بو ھو، تو وڌيڪ ݾُٺو ڪرو ھو۔
‏9 پڻ جي ٿي ڪَي مِنک رِي طرفداري ڪرو ھو، تو ڏوھ ڪرو ھو ھانَ اِيئي نمُونَي ٿي شريعت تي ڏوھي ھو۔ ‏10 ڪيونڪہ جي ڪُڻ شريعت تي بَي ھَي پڻ ڪو ھيڪ حُڪم توڙَي ھَي، تو او پُورِي شريعت تي ڏوھي ھَي۔ ‏11 جڪَي اَي ڪھيو ڪہ،”زنا نِي ڪر۔“ اُوئي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”خُون نِي ڪر۔“ پڻ جي ٿون ۾ ڪَي زنا ڪونھي ڪيئو پڻ خُون ڪيئو ھووَي، تو پَڇي او شريعت تي ڏوھي ھَي۔ ‏12 اِيئي رَي ڪري ٿي جڪو ڀِي ڪو جون ڪرو، تو ياد راکو ڪہ ٿونرو فيصلو اُوئي شريعت تي ھوشَي جڪو ٿونَي آزاد ڪرَي ھَي۔ ‏13 جڪو ڪَي تي دايا ڪونھي ڪرتو، تو فيصلَي آݪَي ڏِن اُوئي تي ڀِي دايا ڪونھي ھووَي پڻ جڪو دايالُو ھَي اُوئي تي دايا ڪِي جاشَي۔
وِشواس ھانَ ݾُٺا ڪوم
‏14 اي پيارَي وِشواسيون، جي ڪُڻ ڪَي ڪہ، ”ھُون وِشواسي ھون۔“ پڻ اُوئي را ڪوم بُڇڙا ھووَي، تو اِيئي رو ڪھڙو فائدو؟ ڪِي اھڙو وِشواس اُوئي نَي بچاشَي؟ ‏15 فرض ڪرو، جي ڪَي وِشواسي ڀائي جون ٻين نَي گاڀون ھانَ ٻاٽِي رِي ضرُورت ھووَي ‏16 ھانَ اُوئي نَي جوئي ٿون ۾ ڪُڻ اُوئي نَي او شيون نِي ڏَي جڪو پيرڻ ھانَ کاوڻ رَي ݾارُو ضرُوري ھَي پڻ اَي ڪَي ڪہ، ”جا، ايشوَر ٿنَي ݾُکيو راکَي۔ ݾِي ݾون بچي ھانَ ڍئو ڪري ٻاٽِي کائي۔“ تو پَڇي اَي ڪيوَڻ رو ڪھڙو فائدو؟ ‏17 اِيئي نمُونَي جي وِشواس ڀيڙو ݾُٺا ڪوم نِي ھووَي، تو اھڙَي وِشواس رو ڪو ڀِي فائدو ڪونھي۔ ‏18 ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ جي ڪُڻ اَي ڪَي ڪہ، ”تُو وِشواس راکَي ھَي ھانَ ھُون ݾُٺا ڪوم ڪرون ھون۔“ ھُون اُوئي نَي اَي ڪئين ڪہ، ”تُو ݾُٺَي ڪوم بِنا آپرو وِشواس بتا۔ جي او مھنَي ڪَي ڪہ ھاوي، تو ھُون آپرَي ݾُٺَي ڪومون ݾون آپرو وِشواس بتائي ݾگھون ھون۔“ ‏19 جي ڪُڻ اِيئي بات تي وِشواس راکَي ھَي ڪہ ايشوَر ھيڪ ھَي، تو اَي ݾُٺِي بات ھَي۔ اَي بات تو ڀُوت ڀِي منَي ھَي ھانَ ٻِي ݾون ڏڪَي ھَي۔ ‏20 اي بي وقوف، ڪِي ٿنَي اَي ڀِي خبر ڪونھي ڪہ ݾُٺا ڪوم ڪرڻ بِنا، وِشواس راکڻ رو ڪو ڀِي فائدو ڪونھي؟ ‏21 جڏي آپڻَي ڏاڏَي اڀراھيم آپرَي ڏيڪرَي اضحاق نَي ٻَليدون رِي جگھا تي راکيو، تو ڪِي او اُوئي ݾُٺَي ڪوم رَي ڪري نيڪ ڪونھي ھويو؟ ‏22 ھمَي ٿون ڏيٺو ڪہ اڀراھيم وِشواس راکي اَي ڪوم ڪيئو ھانَ اِيئي ڪوم اُوئي رَي وِشواس نَي پُورو ڪيئو۔ ‏23 اِيئي نمُونَي توريت شاستر رِي اَي بات پُورِي ھوئِي ڪہ،
”اڀراھيم، ايشوَر تي وِشواس راکيو
ھانَ اِيئي بات اُوئي نَي ايشوَر رِي نظر ۾ نيڪ ڪيئو۔“
اِيئي رَي ڪري اُوئي نَي ايشوَر رو دوست ڪھيو گيو ھَي۔ ‏24 ٿون ڏيٺو ڪہ ايشوَر اِنسون نَي رُگو وِشواس راکڻ رَي ڪري نا، پڻ ݾُٺَي ڪوم رَي ڪري نيڪ ٺاوَي ھَي۔
‏25 ݾاگي نمُونَي ڀُونڏا ڪوم ڪرڻ آݪِي راحب جڏي اِسرائيلي قوم رَي جاچُوسون نَي آپرَي گھري پناھ ڏينِي ھانَ شھر رَي ٻيجَي مارگ ݾون بَئير ڪري بچايا، تو ڪِي ايشوَر اُوئي نَي اِيئي ݾُٺَي ڪوم رَي ڪري آپرِي نظر ۾ نيڪ ڪونھي ڪِي؟
‏26 جھڙَي نمُونَي ݾَرير، آتما بِنا مُوئوڙو ھَي اِيئج نمُونَي ݾُٺَي ڪوم بِنا وِشواس ڀِي مُوئوڙو ھَي۔