عبرانيون رَي نون خط
تعارف
اَي خط ڪَي لِکيو ھَي ڪو ڀِي خبر ڪونھي۔ اَي بات پڪِي ھَي ڪہ اَي خط لِکڻ آݪو يھُودي قوم رو ڪو ھيڪ وِشواسي ھتو جڪَي نَي شاستر رِي ڄاڻ ھتِي۔ اَي خط اندازن سن 60 ݾون 70 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيوڙو ھَي۔
اَي خط اُوئون عبراني مِنکون يعني يھُودي مِنکون نَي لِکيوڙو ھَي جڪو وِشواسي ھتا ھانَ جڪون رِي تموم گھڻِي مُخالفت ڪِي جاوتِي، اترِي توڻي ڪہ او آپرو وِشواس ڇوڙڻ آݪا ھتا۔ خط لِکڻ آݪو ݾجون ݾون پيل وِشواس تي پڪا ريوَڻ رِي ھِمت ڏَي ھَي ھانَ اِيئون ڪري او تين باتون تي زور ڏَي ھَي۔ پيلڪو اَي ڪہ پرڀُو يسُوع ايشوَر رو ڏيڪرو ھَي جڪَي ڏُک برداش ڪري ايشوَر پِتا رو وفادار رھيو۔ ايشوَر رو ڏيڪرو ھوئڻ رَي ڪري پرڀُو يسُوع ݾجَي نبيون ھانَ فريشتون ݾون مھانَ ھَي۔ ٻيجِي بات اَي ڪہ ايشوَر پرڀُو يسُوع نَي ھميشا رَي ݾارُو ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ٺاھيو جڪو اِسرائيلي قوم رَي ھر ھيڪ پُوجاري ݾون مھانَ ھَي۔ آخري بات اَي ڪہ پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ آݪون نَي اُوئي رَي وسيلَي پاپ، ٻِي ھانَ موت ݾون مُگتي ملَي ھَي۔ پرڀُو يسُوع، ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھوئڻ رَي ڪري او ݾاچو مُگتي داتا ھَي جڪَي رِي اُميد يھُودي ڌرم رَي ريت رواجون ھانَ جِنارون رَي ٻَليدونون رَي وسيلَي بتايوڙِي ھتِي۔
لِکڻ آݪو اِسرائيلي قوم رِي تاريخ رَي ڪئينڪہ مشھُور مِنکون رَي وِشواس رَي مِثالون ڏي مِنٿ ڪرَي ھَي ڪہ او آپرَي وِشواس تي پڪا رَي۔ او پڙھڻ آݪون تي زور ڏَي ھَي ڪہ او پرڀُو يسُوع ݾون من لگاوَي ھانَ آپرَي وِشواس تي ھميشا پڪا رَي۔ بيشڪ اُوئون تي ڏُک ھانَ مُصيبتون آوَي، تو ڀِي او صبر ڪري برداش ڪرتا رَي۔
خاص مضمُون
ايشوَر رو آپرَي ڏيڪرَي يسُوع مَسيح رَي وسيلَي بات 1‏:1‏-3‏
مَسيح فريشتون ݾون موٽو۔ 1‏:4‏-2‏:18
مُوسيٰ ھانَ يشُوع ݾون ڀِي موٽو پرڀُو يسُوع 3‏:1‏-4‏:13
موٽو ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار پرڀُو يسُوع 4‏:14‏-7‏:28
پرڀُو يسُوع رَي وسيلَي ايشوَر رو واعدو 8‏:1‏-9‏:22
مَسيح رو ڪامل ٻَليدون 9‏:23‏-10‏:39
وِشواس ڪِي ھَي11‏:1‏-12‏:29
ايشوَر نَي ڪيڪر خُوش راکون 13‏:1‏-19
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 13‏:20‏-25