فليمُون رَي نون خط
تعارف
اَي خط سنت پولُوس فليمُون نَي اندازن سن 60 عيسوِي ۾ لِکيو ھتو۔ فليمُون تموم گھڻو مشھُور وِشواسي مِنک ھتو، ھوئي ݾگھَي او ڪُلسي شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي رو ميمبر ڀِي ھتو۔ اَي خط اندازن اُوئي ٽيم لِکيو جڏي سنت پولُوس ڪُلسي شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي نَي خط لِکيو ھتو ڪيونڪہ اَي ٻيئي خط پُگاوڻ آݪو اُنيسمُس ھتو۔ اُنيسمُس پيل فليمُون رو غُلوم ھتو ھانَ اُوئي ݾون ناݾي گيو ھتو۔ او ڪيڪر ڀِي ڪري سنت پولُوس ݾون مِليو جڪو اُوئي ٽيم قيد ۾ ھتو۔ اُنيسمُس سنت پولُوس رَي وسيلَي وِشواسي ھويو ھتو۔
سنت پولُوس فليمُون نَي اِيئي خط ۾ مِنٿ ڪرَي ھَي ڪہ او آپرَي پِروڻَي غُلوم اُنيسمُس نَي معاف ڪري اُوئي ݾون صُلح ڪرَي، جڪَي نَي پولُوس اُوئي ڪڍي ميلڻ آݪو ھَي۔ او نِي رُگو معاف ڪيئوڙَي غُلوم آݪِي ڪار پڻ وِشواسي ڀائي آݪِي ڪار اُوئي نَي خُوش آمد ڀِي ڪرَي۔
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 1‏:1‏-3‏
فليمُون رو وِشواس ھانَ پريم 1‏:4‏-7
اُنيسمُس رَي ݾارُو مِنٿ 1‏:8‏-22
آخري باتون 1‏:23‏-25‏