وِشواسيون رو ڪِردار
3
تُو اوٿ رَي وِشواسيون نَي ياد ڪراوتو رَي ڪہ او حاڪمون ھانَ اِختيار آݪون رِي مرضِي تي بَي ھانَ اُوئون رو حُڪم منَي ھانَ ھر ھيڪ نيڪ ڪوم ڪرڻ رَي ݾارُو تيار رَي۔ ‏2 او ڪيرِي ڀِي گِلا نِي ڪرَي، جھيڙو جھگڙو نِي ڪرَي پڻ نِرمل ھانَ ھر ھيڪ ݾون نِرملائي ݾون بيتا رَي۔
‏3 پيل آپي بي وقوف، نافرمون ھانَ ڀٽڪيوڙا ھتا۔ اُوئي ٽيم آپي فرق فرق جِسموني خواھشون ھانَ عياشِي را غُلوم ھتا۔ آپي دُشمنِي ھانَ ݾاݪ ݾون بيتا۔ ٻيجا آپون ݾون نفرت ڪرتا ھانَ آپي آپت ۾ نفرت ڪرتا۔ ‏4 پڻ جڏي آپڻَي مُگتي داتا ايشوَر رِي مھربونِي ھانَ پريم ظاھر ھويو، ‏5 تو اُوئي آپون نَي مُگتي ڏينِي۔ اَي مُگتي آپڻَي نيڪ ڪومون رَي ڪري نا، پڻ اُوئي رِي دايا ݾون ملِي ھَي۔ اُوئي آپون نَي پويتر آتما رَي وسيلَي ڌوئي نُوئو جنم ڏينو ھانَ نُوئِي زندگِي ڏينِي۔ ‏6 ايشوَر آپڻَي مُگتي داتا، يسُوع مَسيح رَي وسيلَي اَي پويتر آتما ڀرپُور نمُونَي ڏينو ‏7 ڪہ آپي اُوئي رِي ڪِرپا رَي ڪري نيڪ ھوئون ھانَ اَمر جيوَن را بارݾ ھوئون جڪَي رِي آپون نَي اُميد ھَي۔ ‏8 اَي ݾجَي باتون ݾاچَي ھَي ھانَ مھارِي مرضِي ھَي ڪہ تُو اِيئون باتون تي زور ڏي ڪہ جڪو ڀِي ايشوَر تي وِشواس راکَي ھَي، او ڌھيون ݾون نيڪِي ڪرتا رَي۔ اَي باتون ݾُٺَي ھانَ مِنکون رَي ݾارُو فائدَي آݪَي ھَي۔
‏9 بيڪار بَحث، ٻاپ ڏاڏون رِي پيڙھِي ھانَ شريعت رَي بارَي ۾ جھيڙون جھگڙون ݾون اݪگو رَي ڪيونڪہ اَي اجايا ڪوم ھَي اِيئون رو ڪو ڀِي فائدو ڪونھي۔ ‏10 جڪو مِنک وِشواسي مَنڊلِي ۾ پارٽِي بازِي ڪرَي ھَي اُوئي نَي ھيڪ ٻي گُھمرا ݾمجھا۔ پڻ جي او نِي منَي، تو اُوئي ݾون واسطو ختم ڪر۔ ‏11 ٿنَي خبر ھوئڻ کپَي ڪہ اھڙو مِنک ڀٽڪيوڙو ھانَ پاپ ڪري آپنَي ڏوھي ڪرَي ھَي۔
آخري باتون
‏12 جڏي ھُون ارتماس جون تُخِڪُس نَي ٿَي ڪڍي ميلين، تو تُو مھَي ڪڍي نيڪپُلس شھر ڏيݾا آوڻ رِي ڪوشش ڪري ڪيونڪہ مھارو فيصلو ھَي ڪہ ھُون ݾِياݪَي ۾ اوٿج رون۔ ‏13 زيناس جڪو قانُون رو ماھر ھَي ھانَ اپلُوس رِي سفر ۾ ݾُٺَي نمُونَي مدد ڪري ڪہ او ڪَي ڀِي شئي رو مُحتاج نِي ھووَي۔ ‏14 اوٿ رَي آپڻَي وِشواسي ڀايون نَي ݾيکڻ کپَي ڪہ او ݾُٺا ڪوم ڪرتا رَي ڪہ ضرُورت آݪون رَي ضرُورتون پُورَي ڪري ݾگھَي ھانَ اجايا نِي بَي۔
‏15 مھارا ݾجائِي ساٿِي ٿنَي جَئي پرڀُو رِي ڪَي ھَي۔ اُوئون ݾجون نَي مھارا جَئي پرڀُو رِي ڪئي جڪو وِشواس ۾ آپون ݾون پريم راکَي ھَي۔ ٿون ݾجون ماٿَي ايشوَر رِي ڪِرپا ھوتِي رَي۔