تيمٿيس رَي نون ٻيجو خط
تعارف
سنت پولُوس تيمٿيس نَي اَي ٻيجو خط اندازن سن 67 ݾون 68 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔ اِيئي خط ۾ سنت پولُوس تيمٿيس نَي تموم گھڻا مشورا ڏَي ھَي ھانَ ھدايت ڀِي ڪرَي ھَي۔ او اُوئي رِي ھِمت ڀِي بڌاوَي ھَي ڪہ ايمونداري ھانَ وفادارِي ݾون پرڀُو يسُوع مَسيح رِي گواھِي ڏيتو رَي۔ خُوشِي رِي خبر ھانَ شريعت رَي باتون تي بيتو رَي۔ پرڀُو يسُوع رو پرچار ڪري ڏُک ھانَ مُخالف ۾ صبر ݾون مُقابلو ڪرَي۔
سنت پولُوس اِيئي خط ۾ تيمٿيس نَي ڪھيو ھَي ڪہ او ڀِي اُوئي آݪِي ڪار مقصد، وِشواس، صبر، پريم، برداش ھانَ ڏُک ياد راکَي۔
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 1:1-2
ايشوَر رو شُڪر ھانَ تيمٿيس نَي حوصلو 1:3-2:13
مشورا ھانَ ھدايت 2:14-4:5
سنت پولُوس رو آپرَي بارَي ۾ حال 4:6-18
آخري جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 4:19-22