تيمٿيس رَي نون پيلڪو خط
تعارف
اَي خط سنت پولُوس نوجوان وِشواسي ڀائي تيمٿيس نَي اندازن سن 64 ݾون 66 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔ تيمٿيس گِلتيا صُوبَي رَي لُسترا شھر رو ھتو۔ اُوئي رِي ما يھُودي ھانَ ٻاپ يُوناني ھتو۔ جڏي او نوجوان ھتو، تو پرچار رَي ڪوم ۾ سنت پولُوس رو ساٿِي ھانَ مددگار ھويو۔ سنت پولُوس آپرَي پرچار رَي پيلڪَي سفر ۾ لُسترا شھر گيو ھتو۔ جڏي او پرچار رَي ٻيجَي سفر ۾ جڏي اوٿ گيو، تو اُوئي تيمٿيس نَي آپ ڀيڙو پرچار رَي ڪوم رَي ݾارُو چُونڊيو۔
جڏي تيمٿيس اِفسِس شھر ۾ پرچار رو ڪوم ڪرتو پڙيو، تو سنت پولُوس اَي پيلڪو خط لِکيو جڪَي ۾ تين خاص باتون ھتَي۔ ݾجون ݾون پيل سنت پولُوس اِفسِس شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي ۾ ڪُوڙَي ݾيکاوڻ آݪَي باتون رَي بارَي ۾ خبردار ڪرَي ھَي جڪَي ۾ يھُودي ھانَ ٻيجَي قومون را خيال مِليوڙا ھتا، مِثال ڪئين کاوڻ جون نِي کاوڻ، بيئان ڪرڻ ھانَ اھڙَي ٻيجَي باتون ڀِي ھتَي۔ پَڇي سنت پولُوس وِشواسي مَنڊلِي رِي ݾنڀال ھانَ ڀگتي رَي بارَي ۾ ھدايت ڪرَي ھَي ھانَ آخر ۾ تيمٿيس نَي ڀِي ھدايت ڪرَي ھَي، جڪَي ۾ سنت پولُوس اُوئي نَي ݾُڻاوَي ھَي ڪہ او ڪيڪر پرڀُو يسُوع رو ݾُٺو شيواداري ھوئي ݾگھَي ھَي۔ اِيئي ݾون ٽاݪ وِشواسيون، فرق فرق ٽولون ھانَ تيمٿيس رِي ذميوارِي رَي بارَي ۾ ڀِي ھدايت ڪرَي ھَي۔
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا 1‏:1‏-2
وِشواسي مَنڊلِي ھانَ اُوئي رَي اَگووڻون نَي ھدايت 1‏:3‏-3‏:16
تيمٿيس نَي اُوئي رَي ڪوم رَي بارَي ۾ ھدايت 4‏:1‏-6‏:21