پراٿنا رَي ݾارُو عرض
3
اي وِشواسيون، آخري بات اَي ھَي ڪہ مھورَي ݾارُو پراٿنا ڪرو ڪہ پرڀُو يسُوع رَي باتون جيٿ ڪيٿ اِيئي نمُونَي ݾُڻائَي جاوَي جھڙَي نمُونَي ٿون ڪڍي پُگَي ھَي ھانَ اُوئي رَي نون رِي عِزت ھووَي۔ 2 اَي ڀِي پراٿنا ڪرو ڪہ ايشوَر مھونَي اُوئون خراب ھانَ پاپي مِنکون ݾون بچاوَي جڪو ايشوَر تي وِشواس ڪونھي راکتا۔ 3 پرڀُو يسُوع رو واعدو ݾاچو ھَي اِيئي رَي ڪري او ٿونرو وِشواس پڪو ڪري ٿونَي شيطون ݾون بچاوتو ريشَي۔ 4 مھونَي پرڀُو يسُوع ۾ ٿون تي پڪو ڀروسو ھَي۔ اِيئي رَي ڪري جڪو حُڪم مھي ٿونَي ڏيئون ھون، ٿي اُوئون تي بو ھو ھانَ بيتا ريشو۔ 5 پرڀُو يسُوع ٿونرِي مدد ڪرَي ڪہ ٿي ايشوَر رَي پريم ھانَ مَسيح رَي صبر رَي بارَي ۾ وڌيڪ ݾمجھتا جائو۔6 اي وِشواسيون، مھي ٿونَي پرڀُو يسُوع مَسيح رَي نون ݾون حُڪم ڏيئون ھون ڪہ اُوئون وِشواسيون ݾون اݪگا رو جڪو سُستِي ۾ ٽيم گُماوَي ھَي ھانَ مھورَي ݾُڻايوڙَي باتون تي ڪونھي بيتا۔ 7 ٿونَي خبر ھَي ڪہ ٿونَي مھون آݪِي ڪار ڪيڪر ريوَڻو ھَي ڪيونڪہ جڏي مھي ٿون ڪڍي ھتا، تو مھون سُستِي ۾ ٽيم ڪونھي گُمايو۔ 8 مھون مُکت ۾ ڪيرِي ڀِي ٻاٽِي ڪونھي کاڌِي پڻ ڏِن رات محنت ڪري ڪمايو ڪہ ٿون ۾ ڪَي تي ڀِي ڀار نِي پڙَي۔ 9 مھي ٿون تي آپرو ڀار راکي ݾگھتا پڻ مھون اِيئون ڪونھي ڪيئو پڻ مھي ٿونرَي ݾارُو ݾُٺو نمُونو ھويا اِيئي رَي ڪري ٿي ڀِي مھون آݪِي ڪار ھوئي جائو۔ 10 جڏي مھي ٿون ڪڍي ھتا، تو مھون ٿونَي حُڪم ڏينو ھتو ڪہ،”جڪو ڪوم ڪونھي ڪرتو، تو او ٻاٽِي ڀِي نِي کاوَي۔“ 11 ھمَي مھون اَي ݾُڻيو ھَي ڪہ ٿون ۾ ڪئينڪہ اھڙا مِنک ڀِي ھَي جڪو سُست ھَي۔ او آپ تو ڪوم ڪونھي ڪرتا پڻ ٻيجون رَي ڪوم ۾ ٽونگ اَڙاوَي ھَي۔ 12 مھي پرڀُو يسُوع مَسيح رَي نون ݾون اھڙَي مِنکون نَي حُڪم ڏي ھدايت ڪرون ھون ڪہ او ماٺ ڪري آپرو ڪوم ڪرَي ھانَ آپرو ڪمائي کاوَي۔ 13 اي وِشواسيون، ٿي ڀلائي ڪرڻ ۾ ھِمت نِي ھارو۔ 14 جي ڪُڻ مھورَي اِيئي لِکيوڙَي خط رَي باتون تي ڪونھي بيتو، تو اُوئي تي نظر راکو پڻ اُوئي ݾون واسطو ڀِي نِي راکو ڪہ او پڇتاوَي۔ 15 پڻ ٿي اُوئي نَي آپرو دُشمن نِي ݾمجھو پڻ ڀائي ݾمجھي ݾمجھائو۔
آخري باتون
16 ھمَي پرڀُو جڪو مِنکون نَي ݾُک ڏَي ھَي، اوج ٿونَي ھميشا ݾُکيا راکَي ھانَ ٿون ڀيڙو رَي۔ 17 ھُون پولُوس آپرَي ھاٿون ݾون جَئي پرڀُو رِي لِکون پڙيو۔ مھارَي ھر ھيڪ خط ۾ اَي نِشونِي ھَي ھانَ ھُون اِيئوج لِکون ھون۔
18 آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح رِي ڪِرپا ٿون ݾجون ماٿَي ھوتِي رَي۔