ايشوَر رو مُخالف
2
اي وِشواسيون، پرڀُو يسُوع مَسيح رَي آوڻ ھانَ آپڻو اُوئي ڪڍي ڀيڙا ھوئڻ رَي بارَي ۾ مھي ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ‏2 جڏي مِنک ڪشَي ڪہ پويتر آتما اُوئون نَي ڪھيو ھَي جون ايشوَر اُوئون نَي ݾُڻايو ھَي جون اُوئون نَي مھورَي طرفون ڪو خط مِليو ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع پاڇو آيو رو، تو ٿي اَي بات ݾُڻي پريشون نِي ھويا ھانَ نِي گھٻرايا۔ ‏3 ٿي ڪيرَي دوکَي ۾ نِي آيا ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع رَي آوڻ ݾون پيل تموم گھڻا مِنک ايشوَر رَي خلاف ھوشَي ھانَ ھيڪ مُخالف پَڌرو ھوشَي جڪَي نَي ايشوَر ھميشا رِي موت رِي سزا ڏيشَي۔ ‏4 او ݾجَي ڏيوون ھانَ مُورتيون رَي خلاف ھوشَي ھانَ آپرو آپنَي اِيئون ݾجون ݾون موٽو ݾمجھشَي اترِي توڻي ڪہ او ايشوَر رَي گھر ۾ ٻيݾي ڪشَي ڪہ، ”ھُون ايشوَر ھون۔“ ‏5 ٿونَي ياد ھوشَي ڪہ جڏي ھُون ٿون ڪڍي ھتو، تو مھَي ٿونَي اَي ݾجَي باتون ݾُڻائَي ھتَي۔ ‏6 ٿونَي اُوئي بات رِي خبر ھَي جڪو اَڃون توڻي اُوئي مُخالف نَي آوڻ ݾون روڪي ٻيٺو ھَي پڻ جڏي او آشَي، تو او ظاھر ھوئي جاشَي۔ ‏7 او مُخالف لِڪي آپرو ڪوم ڪرَي پڙيو پڻ ھيڪ ھَي جڪو اُوئي نَي روڪي ٻيٺو ھَي۔ جڏي ايشوَر اُوئي روڪڻ آݪَي نَي اݪگو ڪرشَي، ‏8 تو اُوئي ٽيم او مُخالف ظاھر ھوشَي پڻ جڏي پرڀُو يسُوع آشَي، تو اُوئي نَي آپرِي ڦُونڪ ݾون مارشَي ھانَ آپرَي چمتڪار رَي اُجاݪَي ݾون مِٽائي ڇوڙشَي۔ ‏9 جڏي ايشوَر رو مُخالف آشَي، تو او شيطون را ڪوم ڪرشَي ھانَ ھر نمُونَي را ڪُوڙا پرچا، عجيب ڪوم ھانَ نِشون بتاشَي۔ ‏10 اِيئي نمُونَي او اُوئون نَي ھر نمُونَي رِي بُڇڙائي ۾ ڦݾاشَي جڪون نَي ھميشا رِي موت رِي سزا ملشَي ڪيونڪہ اُوئون ݾچائي ݾون پريم ڪونھي ڪيئو۔ جي او ڪرون تو، تو بچي جائُون تو۔ ‏11 اِيئي رَي ڪري ايشوَر اھڙَي ڀٽڪيوڙَي مِنکون نَي اُوئون رَي حال تي ڦِٽا ڪرشَي ڪہ او اُوئي ڪُوڙ تي ڀروسو ڪرَي۔ ‏12 اِيئي نمُونَي اُوئون ݾجون نَي سزا ملشَي جڪو ݾچائي تي وِشواس ڪونھي راکتا پڻ بُڇڙائي ݾون خُوش ھووَي ھَي۔
چُونڊيوڙا مِنک
‏13 پڻ اي وِشواسيون، اي پرميشوَر رَي پيارون، مھورو فرض ھَي ڪہ ٿون ݾجون رَي ݾارُو ھميشا ايشوَر رو شُڪر ڪرون ڪيونڪہ اُوئي ٿونَي شرُوع ݾون اِيئي رَي ڪري چُونڊيا ھَي ڪہ ٿي پويتر آتما ݾون پويتر ھوئي ݾچائي تي وِشواس راکو، تو ٿونَي مُگتي ملَي۔ ‏14 اُوئي مھورِي ݾُڻايوڙِي خُوشِي رِي خبر رَي وسيلَي ٿونَي اِيئي رَي ڪري اَڻايا ڪہ ٿونَي مھورَي پرڀُو يسُوع مَسيح جھڙِي مھما ملَي۔ ‏15 اي وِشواسيون، پڪو وِشواس راکو ھانَ او باتون نِي ڇوڙو جڪو مھون موڏَي ݾون جون خط لِکي ٿونَي ݾيکائَي ھَي۔
‏16 ھمَي آپڻو پرڀُو يسُوع مَسيح ھانَ آپڻو ايشوَر پِتا جڪَي آپون ݾون پريم ڪيئو ھانَ آپون نَي ھميشا رَي ݾارُو آپرِي ڪِرپا ݾون تسلِي ھانَ پڪِي اُميد ڏينِي۔ ‏17 او ٿونرَي منون نَي تسلِي ڏَي ھانَ ٿونَي ݾُٺَي باتون ڪرڻ ھانَ ڀلائي ڪرڻ رِي ھِمت ڏَي۔