طيطُس رَي نون خط
تعارف
اَي خط سنت پولُوس آپ ڀيڙو پرچار ڪرڻ آݪَي طيطُس نَي اندازن سن 65 عيسوِي ۾ لِکيو ھتو۔ طيطُس ٻيجِي قوم ݾون وِشواسي ھويو ھتو۔ سنت پولُوس اُوئي نَي ڪريتَي ٻيٽ ۾ ڇوڙي آيو ھتو ڪہ او اوٿ رَي ھانَ وِشواسي مَنڊلِي رِي ݾنڀال ڪرَي۔ او سنت پولُوس رَي پرچار رَي ڪوم ۾ ھانَ ھر جگھا وِشواسي مَنڊلَي ٺاوڻ ۾ اُوئي رو مددگار ھانَ ساٿِي ھتو۔
اِيئي خط ۾ تين خاص باتون ھَي، پيلڪو اَي ڪہ طيطُس نَي ياد ڪرايوڙو ھَي ڪہ وِشواسي مَنڊلِي رَي اَگووڻ رو چال چلن ڪھڙو ھوئڻ کپَي، خاص ڪري ڪريتَي ۾ جيٿ گھڻو ڪري خراب مِنک ريتا۔ ٻيجِي بات اَي ھَي ڪہ طيطُس نَي ھدايت ڏينوڙِي ھَي ڪہ وِشواسي مَنڊلِي ۾ فرق فرق مِنکون نَي ڪيڪر ݾيکاوڻ کپَي يعني ڏوڪرون، نوجوانون، غُلومون ھانَ ڏوڪريون نَي، جڪو پَڇي نوجوان لُگايون نَي ݾيکاوڻ آݪا ھوشَي۔ آخري بات اَي ھَي ڪہ سنت پولُوس طيطُس نَي ھدايت ڪرَي ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع ۾ نُوئِي زندگِي مِلڻ ݾون وِشواسيون رو چال چلن ڪھڙو ھوئڻ کپَي۔ خاص ڪري او نِرمل من ھانَ نِموڻائِي تي زور ڏَي ھَي ھانَ نفرت ھانَ بَحث بازِي ݾون پالَي ھَي ڪہ وِشواسي مَنڊلِي ۾ ڪو ڀِي ڦُوٽ نِي پڙَي۔
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا1:1-4
وِشواسي مَنڊلِي را اَگووڻ 1:5-16
صحيح تعليم ݾيکاوڻ رَي بارَي ۾ ھدايت2:1-15
وِشواسيون رو ڪِردار3:1-11
آخري باتون 3:12-15