مَسيح يسُوع رو ݾاچو فوجي
2
ھمَي اي مھارا پيارا ڏيڪرا، تُو اُوئي ڪِرپا ݾون جڪو مَسيح يسُوع ۾ ٿَي تي ھوئِي ھَي، پڪو رَي۔ ‏2 جڪو باتون ٿَي تموم گھڻَي گواھون رَي رُوبرو مھَي ݾون ݾُڻئَي ھَي اُوئون نَي اھڙَي وفادار مِنکون رَي حوالي ڪر جڪو ٻيجون نَي ڀِي ݾيکاوڻ آݪا ھووَي۔
‏3 مَسيح يسُوع رَي ݾُٺَي فوجي آݪِي ڪار مھَي ڀيڙو ڏُک برداش ڪر۔ ‏4 جڏي ڪو فوجي جنگ بِڙھڻ جاوَي ھَي، تو او آپرو آپنَي دُنياوِي ڪومون ۾ ڪونھي ڦݾاوتو ڪہ ڀرتِي ڪرڻ آݪَي آفيسر نَي خُوش ڪرَي۔ ‏5 ݾاگي نمُونَي مُقابلَي ۾ مَلھ بِڙھڻ آݪو جترِي توڻي او صحيح اصُولون تي ڪونھي بَي، تو اُوئي نَي اِنوم ڀِي ڪونھي ملَي۔ ‏6 جڪو ھاݪِي محنت ڪرَي ھَي اُوئي نَي ݾجون ݾون پيل پوک رو حِصو مِلڻ کپَي۔ ‏7 اِيئون مِثالون تي ڌھيون لگا ڪيونڪہ پرميشوَر ٿنَي اِيئي ݾجَي باتون رِي ݾمجھ ڏيشَي۔
‏8 يسُوع مَسيح نَي ياد راک، جڪو دائُود بادشاھ رِي پيڙھِي ݾون ھَي ھانَ جڪَي نَي ايشوَر مُوئوڙون ݾون جيتو ڪيئو۔ ھُون اَئيج خُوشِي رِي خبر ݾيکائُون ھون۔ ‏9 اِيئي خُوشِي رِي خبر رَي پرچار رَي ڪري ڏُک برداش ڪرون پڙيو ھانَ مھنَي ڏوھاري آݪِي ڪار ݾونڪڙون ۾ ٻونڌيو ھَي پڻ ايشوَر رو شُٻڌ ݾونڪڙون ݾون ٻونڌي ڪونھي ݾگھتا۔ ‏10 اِيئي رَي ڪري ھُون ايشوَر رَي چُونڊيوڙَي مِنکون رَي ݾارُو ݾجو ڪئين برداش ڪرون ھون ڪہ او ڀِي اُوئي مُگتي نَي ھميشا رَي مونَ مرتبَي ݾُوڌو حاصل ڪرَي جڪو مَسيح يسُوع رَي ڪري ملِي ھَي۔ ‏11 اَي بات ݾاچِي ھَي ڪہ،
”جي آپي اُوئي ڀيڙا مُوئا ھون،
تو پَڇي اُوئي ڀيڙا جيتا ڀِي ريشون۔
‏12 جي آپي برداش ڪرون ھون،
تو اُوئي ڀيڙِي بادشاھي ڀِي ڪرشون۔
جي آپي اُوئي رو اِنڪار ڪرشون،
تو او ڀِي آپڻو اِنڪار ڪرشَي۔
‏13 جي آپي بي وفا ھوئي جائُون،
تو ڀِي او وفادار ريشَي
ڪيونڪہ او آپرو اِنڪار ڪري ڪونھي ݾگھتو۔“
ايشوَر رو ݾُٺو شيواداري
‏14 اَي باتون مِنکون نَي ياد ڪرا ھانَ اُوئون نَي ݾمجھا ڪہ بيڪار باتون تي بَحث نِي ڪرَي ڪيونڪہ اُوئون رو ڪو ڀِي فائدو ڪونھي ھوتو پڻ ݾُڻڻ آݪا خراب ھووَي ھَي۔ ‏15 تُو آپنَي ايشوَر آگھي اھڙَي پسند آوڻ آݪَي ھانَ محنتِي مِنک آݪِي ڪار ثابت ڪرڻ رِي ڪوشش ڪر جڪَي نَي شرميدو ھوئڻو نِي پڙَي پڻ ݾاچَي باتون صحيح نمُونَي ݾيکاوڻ آݪو ھو۔ ‏16 اجايو بَحث نِي ڪر، ڪيونڪہ اھڙَي باتون ݾون مِنک ايشوَر رِي مرضِي رَي خلاف ڪومون ۾ بڌتا جاشَي۔ ‏17 اُوئون رو اجايو بَحث ناسُور آݪِي ڪار پِکڙي جاشَي۔ ھُمنيس ھانَ فِليتُس ڀِي اھڙَي مِنکون ۾ شامل ھَي۔ ‏18 اُوئون ݾاچ نَي ڇوڙيو رو ھانَ ڪَي ھَي ڪہ ايشوَر رو مُوئوڙون نَي جيتا ڪرڻ پيل ھويو رو۔ اِيئي نمُونَي اُوئون ڪئينڪہ مِنکون رَي وِشواس رو ٻيڙو ٻوڙي ڇوڙيو ھَي۔ ‏19 تو ڀِي ايشوَر رو راکيوڙو بُنياد پڪو رَي ھَي ھانَ اُوئي تي اَي ٺَپو لاگوڙو ھَي جڪَي تي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”پرميشوَر آپرَي مِنکون نَي اوݪکَي ھَي“
ھانَ ”جڪو ڀِي پرميشوَر رو نون لَي ھَي، او بُڇڙائي ݾون اݪگو رَي۔“
‏20 ڪَي ڀِي موٽَي گھر ۾ نِي رُگو ݾونَي ھانَ چوندِي را ٺيڪر پڻ لڪڙِي ھانَ مٽِي را ڀِي ٺيڪر ھووَي ھَي۔ ڪئينڪہ ٺيڪر خاص ڪوم رَي ݾارُو ھانَ ڪئينڪہ عام ڪوم رَي ݾارُو ھووَي ھَي۔ ‏21 اِيئج نمُونَي جي ڪُڻ آپرو من صاف راکَي ھانَ ڪُوڙَي باتون ݾون اݪگو رَي، تو او عِزت آݪو ھانَ خاص ٺيڪر ھوشَي جڪو آپرَي مالڪ رَي ݾارُو فائدَي آݪو ھوشَي ھانَ ھر نيڪ ڪوم رَي ݾارُو تيار ريشَي۔
‏22 تُو جوانِي رَي بُڇڙَي خواھشون ݾون اݪگو ناݾ ھانَ جڪو صاف دِل ݾون پرميشوَر ݾون پراٿنا ڪرَي ھَي، تُو اُوئون ݾون ݾچائي، وفادارِي، پريم ھانَ صُلح ݾون بَي۔ ‏23 جڪو باتون مِنک بي وقوفي ۾ ھانَ بِنا ݾوچي ݾمجھي ڪرَي ھَي، تُو اُوئون ݾون اݪگو رَي ڪيونڪہ ٿنَي خبر ھَي ڪہ اُوئون باتون ݾون جھيڙا جھگڙا ھووَي ھَي۔
‏24 اَي ݾُٺو ڪونھي ڪہ پرميشوَر رو شيواداري جھيڙا جھگڙا ڪرَي پڻ اُوئي نَي کپَي ڪہ او ݾجون ݾون نرمِي ݾون بَي ھانَ صبر ݾون ݾيکاوڻ آݪو ھووَي۔ ‏25 جڪو اُوئي رِي مُخالفت ڪرَي ھَي اُوئون نَي او نرمِي ݾون ݾمجھاوَي۔ ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ ايشوَر اُوئي نَي ھِمت ڏَي ڪہ او توبھون ڪرَي ھانَ ݾاچ نَي اوݪکَي ‏26 ھانَ ھوش ۾ آئي شيطون رَي جاݪ ݾون آزاد ھوئي جاوَي ڪيونڪہ شيطون اُوئون نَي آپرِي مرضِي پُورِي ڪرڻ رَي ݾارُو ڦݾايا ھَي۔