ݾاچِي خُوشِي
3
اي پيارَي وِشواسيون، پرڀُو ۾ ھميشا خُوش رو۔ ھُون ٿونَي ھيڪج بات گھڙِي گھڙِي لِکڻ ݾون ٿَڪتو ڪونھي ڪيونڪہ اَي باتون ٿونَي غلط تعليم ڏيوَڻ آݪون ݾون بچاشَي۔
‏2 ڪُتون ݾون ھوشيار رو يعني اُوئون ݾون جڪو ڀُونڏا ڪوم ڪرَي ھَي ھانَ کَتنو ڪراوڻ رو ڪَي ھَي۔ ‏3 ياد راکو، حقيقت ۾ کَتنو ڪيئوڙا آپي ھون جڪو ايشوَر رَي پويتر آتما رِي مرضِي تي ڀگتي ڪرون ھون ھانَ مَسيح يسُوع تي بڏائو ڪرون ھون ھانَ جِسموني باتون تي ڀروسو ڪونھي ڪرتا۔ ‏4 جوئو، ھُون ڀِي آپرَي جِسموني باتون تي ڀروسو راکي ݾگھون ھون۔ ھاوي، جي ڪُڻ ٻيجو مِنک ݾمجَھي ھَي ڪہ او ڀِي جِسموني باتون تي ڀروسو راکي ݾگھَي ھَي، تو ھُون اُوئي ݾون ڀِي وڌيڪ ڀروسو راکي ݾگھون ھون۔ ‏5 ڪيونڪہ ھُون جنم ݾون اِسرائيلي ھانَ بنيامين رَي قبيلَي رو ھون ھانَ آٺوين ڏِن مھارو کَتنو ڀِي ھويو۔ ھُون پڪو عبراني ھانَ شريعت تي فريسي پَنٿ رو ھتو۔ ‏6 ھُون ڌرمي جوش رَي حِساب ݾون وِشواسي مَنڊلِي نَي تنگ ڪرتو ھانَ شريعت تي بيوَڻ ۾ نيڪ ھانَ بي عيب ھتو۔ ‏7 اُوئي ٽيم جڪو ڀِي باتون مھارَي فائدَي آݪَي ھتَي ھمَي ھُون او باتون مَسيح رَي ڪري نُقصون آݪَي ݾمجھون ھون۔ ‏8 ھُون آپرَي پرڀُو مَسيح يسُوع نَي اوݪکڻ آݪِي مھانَ خُوبِي ݾون ٽاݪ ھر ھيڪ شئي نُقصون آݪِي ݾمجھون ھون۔ جڪَي رَي ڪري مھنَي ݾجَي شيون رو نُقصون ھويو، ھُون او ݾجَي شيون ڪِن ݾمجھون ھون ڪہ ھُون مَسيح نَي حاصل ڪرون ‏9 ھانَ مَسيح ݾون واسطو راکي ݾگھون۔ ھُون اَي ݾجو ڪئين آپرِي اُوئي نيڪِي رَي ڪري حاصل ڪري ڪونھي ݾگھتو جڪو شريعت تي بيوَڻ ݾون ملَي ھَي پڻ ھمَي مھَي ڪڍي او نيڪِي ھَي جڪو مَسيح تي وِشواس راکڻ ݾون ايشوَر رَي طرفون ملِي ھَي۔ ‏10 مھارِي رُگو اَي مرضِي ھَي ڪہ مَسيح ھانَ اُوئي رَي ڀڙي جِي اُٺڻ رِي قُدرت نَي اوݪکون ھانَ اُوئي آݪِي ڪار ڏُک برداش ڪري مرڻ توڻي وفادار رون ‏11 ڪہ ڪَي ڀِي نمُونَي مُوئوڙون ۾ جِي اُٺڻ رو درجو حاصل ڪرون۔
نِشون ڏيݾا ناݾڻ
‏12 مھارو مطلب اَي ڪونھي ڪہ مھَي ݾجو ڪئين حاصل ڪيئو رو، جون ھُون ڪامل ھويو رو، پڻ اُوئي مقصد نَي حاصل ڪرڻ رِي اُميد راکي آگھي ناݾون پڙيو، جڪَي رَي ڪري مَسيح يسُوع مھنَي چُونڊيو ھَي۔ ‏13 اي وِشواسيون، ھُون اَي ڪونھي ڪيتو ڪہ مھنَي او اِنوم مِليو رو پڻ ھُون ھيڪج بات تي زور ڏيئون ھون جڪو ڪئين لاري رھيو ھَي او پونتري آگھي بڌتو ‏14 نِشون ڏيݾا ناݾتو جائُون پڙيو ڪہ او اِنوم ليئون جڪَي رَي ڪري ايشوَر مھنَي مَسيح يسُوع ۾ اُونچو ھيلو ڪيئو ھَي۔
‏15 ھمَي آپون ۾ جڪو پڪا وِشواسي ھَي او اَئيج ݾوچ راکَي، جي ڪَي ڀِي بات ۾ ٿونرِي ݾوچ فرق ھَي، تو ايشوَر او بات ٿون تي ڀِي ظاھر ڪرشَي۔ ‏16 اِيئي رَي ڪري آپي جيٿ ڀِي پُگا ھون اُوئيج نمُونَي بيتا رون۔
‏17 اي وِشواسيون، ٿي ݾجائِي ڀيڙا ھوئي مھَي آݪِي ڪار بيتا رو ھانَ اُوئون مِنکون آݪِي ڪار بو جڪو مھورَي بتايوڙَي مارگ تي بَي ھَي۔ ‏18 ڪيونڪہ پيل مھَي ٿونَي تموم گھڻا گُھمرا ڪھيو ھَي ھانَ ھمَي ڀِي روئي روئي ڪونھ ھون ڪہ تموم گھڻا مِنک آپرَي ڪِردار ݾون مَسيح رِي ݾُولِي را دُشمن ھَي۔ ‏19 پڇاڙِي ۾ اھڙا مِنک نرگ ۾ جاشَي۔ او پيٽ را پُوجاري ھَي، کَتنَي تي بڏائو ڪرَي ھَي ھانَ دُنياوِي شيون رَي خيال ۾ رَي ھَي۔ ‏20 پڻ آپڻو وطن ݾُرگ ۾ ھَي ھانَ آپي ھيڪَي مُگتي داتا يعني پرڀُو يسُوع مَسيح رَي ڀڙي آوڻ رَي اِنتظار ۾ ھون۔ ‏21 اُوئي ٽيم او آپڻَي فانِي ݾَرير نَي آپرَي مھما آݪَي ݾَرير جھڙو ٺاشَي۔ اَي ڪوم او آپرِي اُوئي قُدرت ݾون ڪرشَي جڪَي ݾون او ݾجَي شيون آپرَي اِختيار ۾ ڪري ݾگھَي ھَي۔