اِفسيون رَي نون خط
تعارف
اَي خط سنت پولُوس اِفسِس شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي نَي اندازن سن 60 ݾون 61 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔ اِيئي خط ۾ سنت پولُوس ݾُڻاوَي ھَي ڪہ ايشوَر وِشواسيون نَي ھر نمُونَي رَي آتمڪ برڪتون ڏَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري ھر ھيڪ نَي ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ کپَي۔
اِيئي خط رَي پيلڪَي حِصَي ۾ سنت پولُوس ݾُڻاوَي ھَي ڪہ ايشوَر ڪيڪر مِنکون نَي چُونڊيا ھانَ يسُوع مَسيح رَي وسيلَي پاپ معاف ڪري مُگتي ڏينِي۔ سنت پولُوس 1‏:14 ۾ ڪھيو ڪہ، ”پويتر آتما آپڻِي مُگتي رَي ݾارُو ايشوَر رِي زمونت ھَي ڪہ او آپون نَي واعدو ڪيئوڙِي وِراثت ڏيشَي ڪہ آپي اُوئي رِي مھما رِي بکوڻ ڪرون۔“
ٻيجَي حِصَي ۾ سنت پولُوس مِنکون نَي مِنٿ ڪرَي ھَي ڪہ او مَسيح ڀيڙا بيتا رَي۔ اِيئي خط ۾ سنت پولُوس وِشواسي مَنڊلِي نَي ݾَرير ھانَ ايشوَر رو گھر ڪھيو ھَي، جڪَي رَي بُنياد رو خاص پٿر مَسيح ھَي۔ او ھر ھيڪ بات نَي مَسيح رَي پريم، ٻَليدون، معافي، ڪِرپا ھانَ پويترتائي رِي ݾمجھ ۾ ڏيکَي ھَي۔
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي 1‏:1‏-2‏
پرڀُو يسُوع ھانَ وِشواسي مَنڊلِي 1‏:3‏-3‏:21‏
مَسيح رَي وسيلَي نُوئِي زندگِي 4‏:1‏-6‏:20
آخري باتون 6‏:21‏-24‏