گِلتيون رَي نون خط
تعارف
سنت پولُوس اَي خط گِلتيا صُوبَي رِي وِشواسي مَنڊليون رَي نون اندازن سن 49 ݾون 52 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔ جڏي ٻيجَي قومون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو، تو مِنکون اَي سوال پُوڇو ڪہ ڪِي ݾاچو وِشواسي ھوئڻ رَي ݾارُو ڪَي مِنک نَي مُوسيٰ نبِي رِي شريعت پُورِي ڪرڻ کپَي جون نا۔ سنت پولُوس اِيئي سوال رَي جواب ۾ 2‏:16 وچن ۾ ڪھيو ڪہ،”آپون نَي خبر ھَي ڪہ ڪو ڀِي مِنک شريعت تي بيوَڻ ݾون نا، پڻ رُگو يسُوع مَسيح تي وِشواس راکڻ ݾون نيڪ ھووَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري آپون ڀِي مَسيح يسُوع تي وِشواس راکيو ھَي ڪہ شريعت تي بيوَڻ ݾون نا، پڻ وِشواس راکڻ ݾون نيڪ ھوئون، ڪيونڪہ شريعت تي بيوَڻ ݾون ڪو ڀِي نيڪ ڪونھي ھويو۔“
سنت پولُوس مِنکون نَي ݾاچَي وِشواس ڏيݾا پاڇا آوڻ رَي ݾارُو اَي خط لِکيو۔ اِيئي خط رَي آخر ۾ اُوئي ݾُڻايو ڪہ جڪو مِنک پرڀُو يسُوع رَي ݾيکايوڙَي باتون تي بَي ھَي، تو او اُوئي پريم رَي ڪري اِيئون ڪرَي ھَي جڪو پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ ݾون ملَي ھَي۔
خاص مضمُون
تعارف ھانَ ھيڪج خُوشِي رِي خبر 1‏:1‏-10
سنت پولُوس رو آپرَي بارَي ۾ گواھِي 1‏:11‏-2‏:21
ايشوَر رِي ڪِرپا ھانَ خُوشِي رِي خبر 3‏:1‏-4‏:31
مَسيح ۾ آزادي ھانَ آپڻِي ذميوارِي5‏:1‏-6‏:10
آخري باتون 6‏:11‏-18