گِلتيون رَي نون خط
جَئي پرڀُو رِي
1
اَي خط مھَي پولُوس رَي طرفون ھَي، جڪو يسُوع مَسيح رو سنت ھون۔ ھُون نَڪو ڪَي اِنسون رَي طرفون ھانَ نَڪو ڪيرَي وسيلَي چُونڊيوڙو ھون، پڻ يسُوع مَسيح ھانَ ايشوَر پِتا رَي وسيلَي، جڪَي يسُوع نَي مُوئوڙون ݾون جيتو ڪيئو۔ 2 مھارَي ھانَ ݾجَي وِشواسيون رَي طرفون جڪو مھَي ڀيڙا ھَي، گِلتيا صُوبَي رَي وِشواسي مَنڊليون نَي جَئي پرڀُو رِي۔ 3 آپڻَي ايشوَر پِتا ھانَ پرڀُو يسُوع مَسيح رِي ڪِرپا ٿون تي ھووَي ھانَ او ٿونَي ݾُکيا راکَي۔ 4 آپڻَي ايشوَر پِتا رِي مرضِي تي پرڀُو يسُوع آپڻَي پاپون رَي ݾارُو ٻَليدون ھويو ڪہ آپون نَي اِيئي خراب جگت رِي بُڇڙائي ݾون بچاوَي۔ 5 اُوئي رِي بکوڻ ھميشا ھوتِي رَي، آمين۔ھيڪج خُوشِي رِي خبر
6 ھُون حيرون ھون ڪہ ايشوَر ٿونَي مَسيح رِي ڪِرپا رَي وسيلَي اَڻايا، ھمَي اِترا ڇيڪا ڦِري ڪَي ٻيجِي خُوشِي رِي خبر لاري جائو پڙيا۔ 7 حقيقت ۾ او خُوشِي رِي خبر ھائِي ڪونھي، پڻ ڪئينڪہ مِنک ٿونَي ڦيرائي مَسيح رِي خُوشِي رِي خبر بدلاوڻ رِي ڪوشش ۾ ھَي۔ 8 جي ڪُڻ مھورِي ݾُڻايوڙِي خُوشِي رِي خبر رِي جگھا تي ڪو ٻيجِي خبر ݾُڻاوَي، تو ڀلي مھي ھوئون جون ڪو آڪاشِي فريشتو، اُوئي تي ايشوَر رِي لعنت ھووَي۔ 9 جون مھون پيل ݾُڻايو ھتو ھانَ ھمَي ڀِي ڪونھ ھون ڪہ جي ڪُڻ ٿونَي ݾُڻايوڙِي خُوشِي رِي خبر رِي جگھا تي جڪَي نَي ٿون قبُول ڪِي ھتِي، اُوئي رِي جگھا ڪو ٻيجِي خبر ݾُڻاوَي، تو اُوئي تي لعنت ھووَي۔ 10 ڪِي ھُون مِنکون نَي خُوش ڪرڻ رِي ڪوشش ڪرون ھون، جون ايشوَر نَي؟ ھُون مِنکون نَي نا، پڻ ايشوَر نَي خُوش ڪرڻ رِي ڪوشش ڪرون ھون۔ جي ھُون مِنکون نَي خُوش ڪرنت، تو ھُون مَسيح رو شيواداري ڪونھي ھوئون تو۔
پولُوس رو آپرَي بارَي ۾ ݾُڻاوڻ
11 اي وِشواسيون، ھُون ٿونَي ݾمجھائُون ھون ڪہ جڪو خُوشِي رِي خبر مھَي ٿونَي ݾُڻائِي ھَي، او اِنسون رَي طرفون ڪونھي، 12 ڪيونڪہ او مھنَي نَڪو ڪَي اِنسون ݾُڻائِي ھانَ نَڪو ڪَي ݾيکائِي، پڻ يسُوع مَسيح آپ مھنَي درشن ڏي ݾُڻائِي۔ 13 ٿونَي خبر ھَي ڪہ جڏي ھُون يھُودي ڌرم تي بيتو، تو ڪيڪر بيتو۔ اُوئي ٽيم مھَي ايشوَر رَي وِشواسي مَنڊليون نَي تموم گھڻا تنگ ڪيئا ھانَ اُوئون نَي برباد ڪرڻ رِي حد ݾون وڌيڪ ڪوشش ڪِي۔ 14 ھُون اُوئي ٽيم ڀِي آپرِي عُمر رَي ھر ھيڪ يھُودي ڌرم نَي منڻ آݪون ݾون وڌيڪ ھتو ھانَ آپرَي ٻاپ ڏاڏون رَي ريت رواج تي تموم گھڻَي جوش ݾون بيتو۔ 15 پڻ ايشوَر آپرِي ڪِرپا ݾون مھنَي مھارِي ما رَي پيٽ ݾون چُونڊيو ھانَ آپرِي شيوا رَي ݾارُو اَڻايو۔ اُوئي آپرِي مرضِي ݾون 16 آپرَي ڏيڪرَي پرڀُو يسُوع نَي مھَي تي ظاھر ڪيئو ڪہ ھُون ٻيجَي قومون ۾ پرڀُو يسُوع رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائُون۔ اُوئي ٽيم مھَي ڪَي ڀِي اِنسون ݾون صلاح ڪونھي لِي 17 ھانَ نَڪو ھُون يروشلم شھر ۾ اُوئون ڪڍي گيو، جڪو مھَي ݾون پيل پرچار رو ڪوم ڪرتا پڻ اُوئيج ٽيم عرب ڏيݾا گيو ھانَ پَڇي دمشق شھر ۾ پاڇو آيو۔ 18 پَڇي تينون ݾالون ݾون پَڇي ھُون پطرس ݾون مِلڻ رَي ݾارُو يروشلم گيو ھانَ پنڌرَي ڏِن اُوئي ڀيڙو رھيو۔ 19 اوٿ پرڀُو يسُوع رَي ڀائي يعقُوب ݾون ٽاݪ ڪَي ٻيجَي سنت ݾون ڪونھي مِليو۔ 20 جڪو باتون ٿونَي ھُون لِکون پڙيو، ايشوَر گواھ ھَي ڪہ اَي ݾاچَي ھَي۔ 21 ھُون اِيئي ݾون پَڇي سُوريا ھانَ ڪِلڪيا علائقَي ڏيݾا بُوئو گيو۔ 22 اُوئي ٽيم جڪو مَسيح رِي وِشواسي مَنڊلِي آݪا يھُوديا صُوبَي ۾ ھتا، او مھنَي ڪونھي اوݪکتا، 23 پڻ اُوئون مھارَي بارَي ۾ اَي ݾُڻيو ڪہ جڪو پيل مھونَي تنگ ڪرتو، ھمَي او آپ اُوئي وِشواس رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوَي ھَي، جڪَي نَي او پيل برباد ڪرڻ رِي ڪوشش ۾ ھتو۔ 24 اُوئون مھارَي بارَي ۾ اَي ݾُڻي ايشوَر رِي بکوڻ ڪِي۔