سنت پولُوس ھانَ ٻيجا سنت
2
پَڇي چئوڏَي ݾالون ݾون پَڇي ھُون برنباس ڀيڙو يروشلم ۾ گيو ھانَ طيطُس نَي ڀِي آپ ڀيڙو لي گيو۔ 2 ھُون اِيئي رَي ڪري اُوئون ڪڍي گيو، ڪيونڪہ ايشوَر آپ مھنَي درشن ڏي اُوئون ڪڍي ميليو۔ اوٿ رَي ڪئينڪہ وِشواسي مَنڊليون رَي اَگووڻون آگھي مھَي آپرَي مُونھ او خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي، جڪَي رو پرچار ھُون ٻيجَي قومون ۾ ڪرتو رون ھون۔ مھارِي اَي مرضِي ڪونھي ڪہ پيلڪو جون ھڻون آݪو شيوا رو ڪوم اجايو جاوَي۔ 3 طيطُس جڪو يُوناني قوم رو ھتو، او ڀِي مھَي ڀيڙو ھتو، تو ڀِي اُوئون اُوئي نَي کَتنو ڪراوڻ تي مجبُور ڪونھي ڪيئو۔ 4 کَتنو ڪراوڻ رَي بارَي ۾ او ڪُوڙا مِنک جڪو لِڪي مھون ڀيڙا شامل ھويا ھتا ڪہ آپون نَي جڪو آزادي مَسيح يسُوع ۾ مِلي ھَي اُوئي رِي جاچُوسي ڪري آپون نَي يھُودي ريت رواج را غُلوم ٺاوَي۔ 5 پڻ مھي اُوئون رِي غُلومي ۾ ھيڪ مِنٽ ڀِي ڪونھي رھيا ڪہ خُوشِي رِي خبر رِي ݾچائي ٿون ۾ پڪِي رَي۔ 6 پڻ وِشواسي مَنڊلِي را او اَگووڻ جڪو عِزت آݪا ݾمجھا جاوتا، اُوئون اَگووڻون ݾون مھنَي ڪو ڀِي فائدو ڪونھي ھويو۔ او جھڙا ڀِي ھتا، مھارو اُوئون ݾون ڪو ڀِي واسطو ڪونھي ھتو، ڪيونڪہ ايشوَر رِي نظر ۾ ݾجائِي برابر ھَي۔ 7 پڻ اُوئون ڏيٺو ڪہ جھڙَي نمُونَي ايشوَر يھُودي قوم نَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوڻ رو ڪوم پطرس رَي حوالي ڪيئو ھتو، اُوئيج نمُونَي مھارَي حوالَي ڀِي ڪيئو ھَي، 8 ڪيونڪہ جڪو پرچار رو ڪوم ايشوَر يھُوديون ۾ پطرس رَي وسيلَي ڪرتو پڙيو، اوج ڪوم ايشوَر مھارَي وسيلَي ڀِي ڪرتو پڙيو ڪہ ھُون ٻيجَي قومون ۾ پرچار ڪرڻ آݪو ھوئون۔ 9 جڏي يعقُوب، پطرس ھانَ يُوحنا نَي خبر پڙِي، جڪو وِشواسي مَنڊلِي را خاص اَگووڻ ݾمجھا جاوتا ڪہ ايشوَر ڪِرپا ڪري مھنَي پرچار ڪرڻ رَي ݾارُو چُونڊيو ھَي، تو اُوئون مھَي ݾون ھانَ برنباس ݾون ݾاجو ھاٿ مِلائي اَي بات منِي ڪہ او مھون ڀيڙا ھَي ھانَ اِيئي بات رو فيصلو ھويو ڪہ ھُون ھانَ برنباس ٻيجَي قومون ۾ پرچار ڪرشون ھانَ او يھُوديون ۾۔ 10 اُوئون رُگو اَي ڪھيو ڪہ،”غريبون رو خيال راکيا۔“ پڻ ھُون اَي ڪوم ڪرڻ رَي ݾارُو پيل ݾون تيار ھتو۔پولُوس رو پطرس نَي ھدايت ڪرڻ
11 جڏي پطرس انطاڪيا شھر ۾ آيو، تو مھَي ݾجون رَي رُوبرو اُوئي نَي ھدايت ڪِي، ڪيونڪہ اُوئي غلطِي ڪِي ھتِي۔ 12 بات اَي ھتِي ڪہ پطرس وِشواسيون ڀيڙو کاوتو پيتو، جڪو ٻيجِي قوم را ھتا، پڻ جڏي يعقُوب رَي طرفون ڪئينڪہ مِنک آيا، تو اُوئي اُوئون ڀيڙو کاوڻ پيئڻ ڇوڙي اُوئون ݾون ڌار ھويو، ڪيونڪہ او اُوئون يھُوديون ݾون ٻيئاجو جڪو کَتنو ڪراوڻ تي زور ڏيتا۔ 13 ٻيجا يھُودي جڪو وِشواسي ھتا، اُوئون ڀِي پطرس رو پاݾو جھاليو، اترِي توڻي ڪہ برنباس ڀِي اِيئي ٺَگِي ۾ اُوئون ڀيڙو شامل ھويو۔ 14 جڏي مھَي اَي ڏيٺو ڪہ او مِنک خُوشِي رِي خبر رِي ݾچائي رَي ݾِڌَي مارگ تي ڪونھي بيتا، تو مھَي ݾجون رَي رُوبرو پطرس نَي ڪھيو ڪہ،”تُو يھُودي ھَي، تو ڀِي تُو ٻيجَي قومون آݪِي ڪار بَي ھَي، نِي ڪہ يھُوديون آݪِي ڪار۔ تو پَڇي ٻيجَي قومون نَي يھُوديون رَي ريت رواج تي بيوَڻ رَي ݾارُو ڪيئون مجبُور ڪرَي ھَي؟“
وِشواس ݾون مُگتي
15 بيشڪ آپي جنم ݾون يھُودي ھون، پڻ ٻيجَي قومون آݪِي ڪار پاپي ڪونھي، جڪون نَي پاپي ݾمجھا جاوَي ھَي۔ 16 پڻ آپون نَي خبر ھَي ڪہ ڪو ڀِي مِنک شريعت تي بيوَڻ ݾون نا، پڻ رُگو يسُوع مَسيح تي وِشواس راکڻ ݾون نيڪ ھووَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري آپون ڀِي مَسيح يسُوع تي وِشواس راکيو ھَي ڪہ شريعت تي بيوَڻ ݾون نا، پڻ وِشواس راکڻ ݾون نيڪ ھوئون، ڪيونڪہ شريعت تي بيوَڻ ݾون ڪو ڀِي نيڪ ڪونھي ھويو۔ 17 پڻ آپي جڪون رِي مَسيح رَي وسيلَي نيڪ ھوئڻ رِي مرضِي ھَي، جڏي مھي آپ شريعت تي پاپي ھوئي جائُون، تو ڪِي مَسيح پاپون رو ڪارڻ ھَي؟ ڪڏي ڀِي نا۔ 18 جي ھُون ڀڙي اُوئي قانُون تي بون جڪو مھَي ڇوڙيا ھَي، تو ھُون آپنَي ڏوھي ٺائُون ھون۔ 19 ڪيونڪہ جترِي توڻي شريعت رِي بات ھَي، تو ھُون مُوئوڙو ھون، پڻ ھُون شريعت تي مُوئو ڪہ ايشوَر رَي ݾارُو جيتو ھوئي جائُون۔ ھُون مَسيح ڀيڙو ݾُولِي تي چڙھيو ھون۔ 20 اِيئي رَي ڪري ھمَي ھُون جيتو ڪونھي، پڻ مَسيح مھَي ۾ جيتو ھَي ھانَ جڪو زندگِي ھمَي ھُون اِيئي ݾَرير ۾ رئي گُذارون پڙيو، او ايشوَر رَي ڏيڪرَي تي وِشواس راکڻ رَي ڪري ھَي، جڪَي مھَي ݾون پريم ڪيئو ھانَ مھارَي ݾارُو ٻَليدون ھويو۔ 21 ھُون مَسيح رِي ڪِرپا بيڪار ڪونھي ݾمجھتو، ڪيونڪہ جي آپي شريعت تي نيڪ ھويا ھووَنت، تو پَڇي مَسيح رو مرڻ اجايو ھتو۔