ھيڪَي ٻيجَي را ڀار کڻڻ
6
اي وِشواسيون، جي ٿون ۾ ڪو مِنک ڪَي ڏوھ ۾ جھليجَي، تو پَڇي ٿي جڪو پويتر آتما رِي مرضِي تي بو ھو، اھڙَي مِنک نَي نرمِي ݾون ݾمجھائو۔ اِيئي ڀيڙو آپرو ڀِي خيال راکيا، متان ٿي ڀِي ڪَي آزمُوتَي ۾ پڙو۔ 2 ٿي ھيڪَي ٻيجَي را ڀار کڻو، اِيئي نمُونَي ٿي مَسيح رِي شريعت پُورِي ڪرشو۔ 3 جي ڪو مِنک ڪئين ڪونھي ھانَ آپنَي موٽو ݾمجَھي ھَي، تو او آپنَي دوکو ڏَي ھَي۔ 4 اِيئي نمُونَي ھر ھيڪ مِنک آپرا ڪوم پَرکَي، جي او ݾُٺا ھَي، تو بڏائو ڪري ݾگھَي ھَي، نِي تو او ڪَي ٻيجَي رو مُقابلو نِي ڪرَي۔ 5 اِيئي نمُونَي ھر ھيڪ مِنک آپرو ڀار آپ کڻَي۔6 جي ڪو شاستر ݾيکَي ھَي، تو اُوئي رو فرض ھَي ڪہ او ݾيکاوڻ آݪَي نَي ڀِي آپرِي ھر ھيڪ ݾُٺِي بات ۾ شامل ڪرَي۔ 7 ٺَگِي نِي ڪرو، ڪو ڀِي ايشوَر تي ھاݾا نِي ڪرَي۔ ياد راکو، اِنسون جڪو پوکشَي، اوج لُڻشَي۔ 8 جڪو آپرَي ݾَرير رَي ݾارُو پوکَي ھَي، او آپرَي ݾَرير ݾون موت رِي پوک لُڻشَي، پڻ جڪو پويتر آتما رَي ݾارُو پوکشَي، تو او پويتر آتما ݾون اَمر جيوَن رِي پوک لُڻشَي۔ 9 آپي نيڪِي ڪرڻ ۾ ھِمت نِي ھارون، ڪيونڪہ جي آپي ھِمت ڪونھي ھارون، تو پُورَي ٽيم تي پوک لُڻشون۔ 10 اِيئي رَي ڪري جڏي ڀِي موقعيو ملَي، تو ݾجون ݾون نيڪِي ڪرون، خاص ڪري اُوئون ݾون جڪو وِشواس ۾ آپون ڀيڙا ھيڪ خاندان ھَي۔
آخري باتون
11 جوئو، ھُون ٿونَي آپرَي ھاٿ ݾون موٽَي موٽَي آکرون ݾون اَي خط لِکون پڙيو۔ 12 جڪو مِنک دُنيا ۾ آپرِي عِزت رو ݾوچَي ھَي ھانَ او ٿونَي کَتنو ڪراوڻ تي مجبُور ڪرَي ھَي۔ او رُگو اِيئي رَي ڪري اِيئون ڪرَي ھَي ڪہ جي او اَي ݾيکاوَي ڪہ مُگتي رُگو مَسيح رو ݾُولِي تي ٻَليدون ڏيوَڻ ݾون ملَي ھَي، تو يھُودي قوم آݪا اُوئون نَي ڏُک ڏيئون تو۔ 13 حقيقت ۾ جڪو کَتنو ڪراوڻ رو ݾوچَي ھَي، او شريعت تي ڪونھي بيتا، پڻ او ٿونَي کَتنو ڪراوڻ تي اِيئي رَي ڪري مجبُور ڪرَي ھَي ڪہ ٿونرَي ݾَرير آݪَي کَتنَي تي بڏائو ڪري ݾگھَي۔ 14 پڻ ايشوَر ڪرَي ڪہ ھُون رُگو آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح رِي ݾُولِي تي بڏائو ڪرون، ڪيونڪہ او مھارَي ݾارُو ݾُولِي تي ٻَليدون ھويو۔ اُوئي رو اِيئون ڪرڻ ݾون جگت مھارَي ݾارُو مُوئوڙو ھَي ھانَ ھُون جگت رَي ݾارُو۔ 15 کَتنو ڪراوڻ جون نِي ڪراوڻ ڪو بات ڪونھي، پڻ نُوئو جنم ليوَڻ موٽِي بات ھَي۔ 16 جڪو ڀِي اِيئي اصُول تي بَي ھَي، اُوئون تي يعني اِسرائيلي قوم تي ايشوَر رِي دايا ھانَ ݾُک ھووَي۔
17 آج ݾون پَڇي ڪو ڀِي مھنَي ڏُک نِي ڏَي، ڪيونڪہ ھُون آپرَي ݾَرير تي ڦٽون را نِشون کڻي ڦِرون ھون، اَي ݾُڻاوَي ھَي ڪہ ھُون يسُوع رو ٻونھون ھون۔
18 اي وِشواسيون، آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح رِي ڪِرپا ٿونرِي آتما ڀيڙِي ھميشا ھوتِي رَي۔ آمين۔