پرڀُو يسُوع جھڙِي زندگِي
2
جي مَسيح ۾ ٿونَي ڪئين حوصلو، پريم ݾون تسلِي، پويتر آتما رِي ست سنگ، مھربونِي جون دايا ھَي، 2 تو مھارِي اَي خُوشِي پُورِي ڪرو ڪہ ھيڪ من رو، ھيڪ جھڙو پريم راکو، ھيڪ ھوئي رو ھانَ ھيڪج ݾوچ راکو۔ 3 ٿي آپرِي عِزت بڌاوڻ رَي ݾارُو ھانَ ھرو ڀرُو رَي بڏاوَي ۾ ڪئين نِي ڪرو پڻ نِوڙت ݾون ھيڪَي ٻيجَي نَي آپ ݾون وڌيڪ ݾمجھو۔ 4 ٿون ۾ ھر ھيڪ نِي رُگو آپرَي بارَي ۾ پڻ ٻيجون رَي بارَي ۾ ڀِي ݾوچَي۔5 اھڙِي ݾوچ راکو جھڙِي مَسيح يسُوع رِي ھتِي۔
6 او آپ ايشوَر رو رُوپ ھتو،
تو ڀِي اُوئي ايشوَر رَي برابر ھوئڻ رِي ڪوشش ڪونھي ڪِي۔
7 پڻ اِيئي ݾون ٽاݪ اُوئي آپرو آپنَي کالِي ڪري ڇوڙيو
ھانَ شيواداري ھوئي، اِنسون جھڙو ھويو۔
8 اِنسون ھوئي، اُوئي آپرو آپنَي نِموڻو ڪيئو
ھانَ اِترو تو وفادار رھيو ڪہ موت، پڻ ݾُولِي رِي موت ڀِي قبُول ڪِي۔
9 اِيئي رَي ڪري ايشوَر اُوئي نَي ݾجون ݾون مونَ آݪِي جگھا تي ٻيݾاڙيو
ھانَ او نون ڏينو جڪو ݾجَي نوئون ݾون مھانَ ھَي۔
10 اِيئون اِيئي رَي ڪري ھويو ڪہ
پرڀُو يسُوع رَي نون تي ھر ھيڪ گوڏو جُھڪَي،
بيشڪ او آڪاش تي ھووَي جون ڌرتي تي جون ڌرتي ھيٺا
11 ھانَ ھر ھيڪ زِبون اِقرار ڪرَي،
ڪہ يسُوع مَسيح، پرڀُو ھَي،
ڪہ ايشوَر پِتا رِي مھما رِي بکوڻ ھووَي۔
ڏِيئي رو مِثال
12 اي پيارون، جڏي مھَي ٿون ڪڍي رئي ٿونَي ݾيکايا، تو ٿي ايشوَر را وفادار رھيا ھانَ ھمَي اَڃون ڀِي ھو، جڏي ھُون ٿون ڪڍي ڪونھي ھون۔ اِيئي رَي ڪري ٿي ڏڪتا ھانَ ٻيئاجتا وفادارِي ݾون بو ڪہ ٿونَي پُورَي نمُونَي مُگتي ملَي۔ 13 ڪيونڪہ او ايشوَر ھَي جڪو ٿون ۾ نيت ھانَ عمل ٻيئون نَي آپرو نيڪ مقصد پُورو ڪرڻ رَي ݾارُو ھِمت ڏَي ھَي۔
14 ݾجائِي ڪوم بِنا ڪُرڪڻ ھانَ بِنا بَحث ڪرتا ڪرو 15 ڪہ ٿي بي عيب ھانَ ڀوݪا ھوئي بُڇڙَي ھانَ خراب مِنکون ۾ ايشوَر را بي عيب ٻاݪ ھوئي رو۔ اُوئون رَي بِچ ۾ ٿي دُنيا ۾ ڏِيئي آݪِي ڪار ڏيکيجو ھو 16 ھانَ زندگِي ڏيوَڻ آݪو شُٻڌ ݾُڻائو ھو ڪہ مَسيح رَي ڀڙي آوڻ آݪَي ڏِن ھُون بڏائو ڪري ݾگھون ڪہ نَڪو مھارِي ناݾا دوڙ بِنا فائدَي آݪِي ھتِي ھانَ نَڪو مھارِي محنت اجائِي گئِي۔
17 شيوا رو ڪوم جڪو ٿي وِشواس ݾون ڪرو ھو، او ھيڪ اھڙو ٻَليدون ھَي جڪو ايشوَر نَي پسند ھَي۔ اِيئي رَي ڪري جي مھنَي آپرو لوئِي بھاڻو پڙَي، تو ڀِي ھُون خُوش ھون ھانَ ٿون ڀيڙو خُوشِي ملھائُون ھون۔ 18 ٿي ڀِي اِيئج نمُونَي خُوش رو ھانَ مھَي ڀيڙا خُوشِي ملھائو۔
تيمٿيس ھانَ اِپفروديتُس
19 مھنَي پرڀُو يسُوع ۾ اُميد ھَي ڪہ ھُون تيمٿيس نَي ٿون ڪڍي ڇيڪو ميلين ڪہ او ٿونرو حال پُوڇَي ڪہ مھنَي تسلِي ملَي۔ 20 ڪيونڪہ مھَي ڪڍي اِيئي جھڙو ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي جڪو ݾاچَي من ݾون ٿونرو فِڪر ڪرَي۔ 21 ݾجائِي آپرَي آپرَي فِڪر ۾ ھَي، نِي ڪہ يسُوع مَسيح رَي۔ 22 پڻ ٿونَي خبر ھَي ڪہ تيمٿيس ڀروسَي رَي لائق ھَي ڪيونڪہ اُوئي مھارو ڏيڪرو ھوئي مھَي ڀيڙو ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪيئو ھَي۔ 23 ھمَي ھُون اُميد ڪرون ھون ڪہ جڏي مھنَي خبر پڙشَي ڪہ مھارو ڪِي ھوشَي، تو ھُون اُوئي نَي ڇيڪو ٿون ڪڍي ميلين۔ 24 مھنَي پرڀُو ۾ ڀروسو ھَي ڪہ ھُون ڀِي ڇيڪو ٿون ڪڍي آئين۔
25 ھڻون ھُون اَي ضرُوري ݾمجھون ھون ڪہ اِپفروديتُس نَي پاڇو ٿون ڪڍي ميلون جڪو مَسيح ۾ مھارو ڀائي ھَي ھانَ مھَي ڀيڙو شيواداري ھانَ سپاھي ھَي۔ اَي ٿونرو نياپو پُگاوڻ آݪو ڀِي ھَي جڪَي نَي ٿون مھارَي ضرُورتون پُورَي ڪرڻ رَي ݾارُو شيواداري ٺائي مھَي ڪڍي ميليو ھتو۔ 26 ھُون اُوئي نَي ٿون ڪڍي اِيئي رَي ڪري ميلون پڙيو ڪيونڪہ اُوئي نَي ٿونرِي گھڻِي ياد آوَي ھَي ھانَ اُوئي نَي ٿون ݾون مِلڻ رِي تموم گھڻِي ݾِڪ ھَي ڪيونڪہ ٿون ݾُڻيو ھتو ڪہ او بيمار ھتو۔ 27 او اِترو تو بيمار ھتو ڪہ مرڻ آݪو ھتو پڻ ايشوَر اُوئي تي دايا ڪِي، نِي رُگو اُوئي تي پڻ مھَي تي ڀِي ڪہ مھَي تي وڌيڪ ڏُک نِي آوَي۔ 28 اِيئي رَي ڪري جِترو ڀِي ڇيڪو ھويو ھُون اُوئي نَي ٿون ڪڍي ميلين ڪہ ٿي اُوئي نَي جوئي خُوش ھوئي جائو ھانَ مھارِي پريشونِي ڀِي ختم ھوئي جاوَي۔ 29 جڏي او ٿون ڪڍي پُگَي، تو ٿي اُوئي نَي پرڀُو ۾ تموم گھڻِي خُوشِي ݾون اِستقبال ڪريا ھانَ اھڙَي مِنکون نَي عِزت ڏيتا رھيا۔ 30 اِيئي رَي ڪري ڪہ او مَسيح رِي خُوشِي رِي خبر رَي ڪري مرڻ آݪو ھتو ھانَ اُوئي آپرِي جان خطرَي ۾ گھاتِي ڪہ جڪو گھٽتائِي ٿون ݾون رئِي ھتِي اُوئي نَي پُورو ڪرَي۔