پرڀُو يسُوع ۾ نُوئِي زندگِي
2
پيل ٿي آپرَي ڏوھون ھانَ پاپون رَي ڪري آتما ۾ مُوئوڙا ھتا۔ ‏2 اُوئي ٽيم ٿي دُنياوِي ريتون رواجون تي بيتا ھانَ نِي ڏيکيجڻ آݪَي ڀُوتون رَي ݾردار يعني شيطون لاري بيتا۔ اُوئي رِي آتما اَڃون توڻي اُوئون مِنکون تي اَثر ڪرَي ھَي، جڪو ايشوَر را نافرمون ھَي۔ ‏3 پيل آپي ݾجائِي اُوئون ڀيڙا آپرَي ݾَرير رَي بُڇڙَي خواھشون تي بيتا ھانَ آپرَي ݾَرير ھانَ من رِي مرضِي پُورِي ڪرتا۔ ٻيجون آݪِي ڪار آپي ڀِي جِسموني نمُونَي ايشوَر رِي سزا را حقدار ھتا۔
‏4 پڻ ايشوَر جڪو دايا ڪرڻ ۾ ڀرپُور ھَي، اُوئي آپون ݾون اِترو تو گھڻو پريم ڪيئو ڪہ ‏5 جڏي آپي پاپون رَي ڪري مُوئوڙا ھتا، تو اُوئي آپون نَي مَسيح ڀيڙا جيتا ڪيئا۔ (ٿونَي ايشوَر رِي ڪِرپا ݾون مُگتي ملِي ھَي۔) ‏6 جڏي آپون مَسيح يسُوع تي وِشواس راکيو، تو ايشوَر آپون نَي اُوئي ڀيڙا جيتا ڪري ݾُرگ ۾ اُوئي ڀيڙا ٻيݾاڙيا ‏7 ڪہ او آپرِي مھربونِي ݾون جڪو مَسيح يسُوع رَي وسيلَي آپون تي ھَي، آپرِي ڪِرپا رِي حد ݾون وڌيڪ برڪت نَي آوڻ آݪَي زمونَي ۾ ظاھر ڪرَي۔
‏8 ڪيونڪہ ٿونَي وِشواس رَي ڪري ڪِرپا ݾون مُگتي ملِي ھَي ھانَ اَي ٿونرَي طرفون ڪونھي، پڻ ايشوَر رَي طرفون مُکت ۾ ملِي ھَي۔ ‏9 اَي ٿونرَي ݾُٺَي ڪومون رَي ڪري ڪونھي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ڪو آپرو آپ تي بڏائو ڪرَي۔ ‏10 ڪيونڪہ ايشوَر آپون نَي اِيئي رَي ڪري ٺاھيا ھانَ مَسيح يسُوع ۾ نُوئِي زندگِي ڏينِي ڪہ آپي او ݾُٺا ڪوم ڪرون، جڪو پيل ݾون آپڻَي ݾارُو راکيوڙا ھَي۔
پرڀُو يسُوع ۾ ھيڪ ھوئڻ
‏11 اِيئي رَي ڪري ياد راکو ڪہ ٿي جِسموني نمُونَي ٻيجِي قوم را ھو ھانَ يھُودي جڪو کَتنو ڪيئوڙا ڪھيجَي ھَي، او ٿونَي بِنا کَتنو ڪيئوڙا ڪَي ھَي۔ ‏12 پيل ٿونرو مَسيح ݾون ڪو ڀِي واسطو ڪونھي ھتو ھانَ اِسرائيلي قوم ݾون ٻاھر ھتا ھانَ ايشوَر رَي ڪيئوڙَي واعدَي رَي وچنون رِي خبر ڪونھي ھتِي۔ ٿونَي اِيئي دُنيا ۾ ڪو ڀِي اُميد ڪونھي ھتِي ھانَ ٿونرو ايشوَر ݾون ڪو ڀِي واسطو ڪونھي ھتو۔ ‏13 پڻ ٿي جڪو پيل تموم گھڻا اݪگا ھتا، ھمَي مَسيح يسُوع ۾ اُوئي رَي لوئِي رَي وسيلَي نيڙا ھويا ھو۔ ‏14 ڪيونڪہ مَسيح رَي وسيلَي آپڻِي صُلح ھوئِي ھَي، جڪَي يھُوديون ھانَ ٻيجِي قوم نَي ھيڪ ڪيئا ھَي ھانَ بِچ ۾ آوڻ آݪو جُدائِي آݪو ڪوٽ ڀونگي ڇوڙيو ھَي۔ ‏15 اُوئي آپرَي ٻَليدون رَي وسيلَي شريعت را حُڪم ھانَ اصُول ختم ڪيئا ڪہ او يھُوديون ھانَ ٻيجِي قوم آݪون نَي آپت ۾ مِلاوَي ھانَ ھيڪ نُوئو اِنسون ٺاوَي، جڪو ݾُک ݾون رَي۔ ‏16 اِيئي نمُونَي اُوئي ݾُولِي تي آپرِي جان ڏي ٻيئون رِي دُشمنِي ختم ڪِي ھانَ ٻيئون نَي ھيڪ ݾَرير ٺاھيا ڪہ ايشوَر ݾون اُوئون رو ميلاپ ڪراوَي۔ ‏17 پرڀُو يسُوع آيو ھانَ ٻيجِي قوم آݪا جڪو ايشوَر ݾون اݪگا ھتا ھانَ يھُودي جڪو اُوئي رَي نيڙا ھتا، ٻيئون نَي صُلح رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي۔ ‏18 ھمَي آپي ٻيئي مَسيح رَي وسيلَي ھيڪَي پويتر آتما ۾ پِتا ڪڍي آئي ݾگھون ھون۔
‏19 اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿي ٻيجِي قوم آݪا ڌاريا ھانَ پرديسي ڪونھي ھو، پڻ ايشوَر رَي نيڪ مِنکون ۾ شامل ھويا ھو ھانَ ٿي ايشوَر رَي خاندان را مِنک ھو۔ ‏20 ٿي اُوئي جگھا آݪِي ڪار ھو، جڪَي رو بُنياد سنت ھانَ نبِي ھَي ھانَ اُوئي بُنياد رو ڪُنڊ آݪو خاص پٿر مَسيح يسُوع آپ ھَي۔ ‏21 اُوئي تي ھر ھيڪ حِصو آپت ۾ جُڙتو رَي ھَي ھانَ اِيئي نمُونَي پرميشوَر رَي ݾارُو ھيڪ پويتر گھر ٺيتو جاوَي ھَي۔ ‏22 ٿي ٻيجَي قوم آݪا ڀِي اُوئي جگھا ۾ شامل ھوتا جائو پڙيا ڪہ او اھڙو گھر ٺَي، جڪَي ۾ ايشوَر رو پويتر آتما رئي ݾگھَي۔