4
ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ بيشڪ بارݾ ھر ھيڪ شئي رو مالڪ ھَي، پڻ جترِي توڻي او ٻاݪ ھَي، اُترِي توڻي اُوئي ۾ ھانَ غُلوم ۾ ڪو ڀِي فرق ڪونھي۔ 2 ٻاپ رَي طرفون راکيوڙِي عُمر توڻي ٻيجا اُوئي رِي ݾنڀال ڪرَي ھَي ھانَ اُوئي رِي ملڪيت رِي ݾنڀال ڪرَي ھَي۔ 3 اِيئي نمُونَي جڏي آپي ٻاݪ ھتا، تو دُنياوِي شرُوعاتِي اصُولون را غُلوم ھتا۔ 4 پڻ جڏي ٽيم پُورو ھويو، تو ايشوَر آپرو ڏيڪرو ميليو، جڪو لُگائِي ݾون جايو ھانَ او شريعت تي بيتو رھيو 5 ڪہ او آپون نَي آپي جڪو شريعت را غُلوم ھتا، آپون نَي مول لي آزاد ڪراوَي ھانَ ايشوَر را ٻاݪ ھوئڻ رو حق ڏَي۔ 6 ڪيونڪہ آپي اُوئي را ڏيڪرا ھون، اِيئي رَي ڪري ھمَي ايشوَر آپرَي ڏيڪرَي رِي آتما آپڻَي من ۾ ميلِي ھَي۔ او آتما ”اَبا“ يعني ”اي پِتا“ ڪئي ھيلو ڪرتو رَي ھَي۔ 7 ھمَي ٿي غُلوم ڪونھي رھيا، پڻ ڏيڪرا ھويا ھو ھانَ ڏيڪرا ھوئڻ رو مطلب اَي ھَي ڪہ ايشوَر ٿونَي بارݾ ٺاھيا ھَي۔مَنڊلِي رَي ݾارُو پولُوس رِي گڻتِي
8 وِشواس راکڻ ݾون پيل ٿي ايشوَر نَي ڪونھي اوݪکتا ھانَ اُوئون ڏيوِي ڏيوتائون رِي غُلومي ۾ ھتا، جڪو حقيقت ۾ ايشوَر ڪونھي ھتا، 9 پڻ ھمَي ٿي ايشوَر نَي اوݪکو ھو، پڻ ايشوَر ٿونَي اوݪکيا ھَي، اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿي پاڇا اُوئون بِنا فائدَي ھانَ بيڪار باتون ڏيݾا ڪڏي ڀِي پاڇا نِي جايا ھانَ ڀڙي اُوئون را غُلوم نِي ھويا۔ 10 ٿي يھُوديون را خاص ڏِن، مھيڻا، ٽيم ھانَ ݾال منو ھو۔ 11 مھنَي ٿونرَي بارَي ۾ ٻِي ھَي ڪہ ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ جڪو محنت مھَي ٿون تي ڪِي ھَي، او اجائِي جاوَي۔
12 اي وِشواسيون، ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٿي مھَي جھڙا ھوئو، ڪيونڪہ ھُون ڀِي ٿون جھڙو ھويو ھون۔ ٿون مھَي ݾون ڪو ڀِي بُرائي ڪونھي ڪِي۔ 13 ٿونَي ياد ھوشَي ڪہ جڏي ھُون پيلڪو گُھمرو ٿون ڪڍي آيو ھتو، تو مھَي بيمارِي رِي حالت ۾ آئي ٿونَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائي ھتِي۔ 14 بيشڪ، مھارِي اِنسونِي حالت ٿونرَي ݾارُو ھيڪ آزمُوتو ھتو، پڻ تو ڀِي ٿون مھنَي گھٽ ڪونھي ݾمجھو ھانَ نَڪو مھنَي بيڪار ݾمجھو۔ ٿون مھنَي اھڙِي عِزت ڏينِي، جھڙو ڪہ ھُون ايشوَر رو فريشتو جون مَسيح يسُوع آپ ھون۔ 15 ٿي تموم گھڻا خُوش ھتا، پڻ ھمَي ڪِي ھويو؟ ھُون اِيئي بات رو گواھ ھون ڪہ اُوئي ٽيم جي ٿونَي آپرَي اونکَي ڪاڍي مھنَي ڏيوَڻَي پڙون تو، تو ڀِي ٿي مھنَي ڏي ڇوڙون تو۔ 16 ڪِي ھُون ٿون ݾون ݾاچ ٻولي ٿونرو دُشمن ھويو رو؟ 17 او مِنک ٿونَي آپرا ڪرڻ رِي ڪوشش تو ڪرَي ھَي، پڻ اُوئون رِي نيت صاف ڪونھي۔ او ٿونَي مھَي ݾون اݪگا ڪرڻ رِي ڪوشش ڪرَي ھَي ڪہ ٿي رُگو اُوئون رَي ݾارُو جوش راکو۔ 18 جوش راکڻ ݾُٺِي بات ھَي، پڻ شرط اَي ھَي ڪہ نيت ڀِي صاف ھووَي۔ ھُون نِي رُگو اُوئي ٽيم اِيئون ڪرون ھون، جڏي ٿون ڀيڙو ھوئون ھون، پڻ ھميشا اِيئوج ڪرون ھون۔
19 اي مھارَي ٻاݪون، ھُون ٿونرَي ݾارُو ھيڪ گُھمرو ڀڙي ٻاݪ جِڻڻ آݪِي لُگائِي آݪِي ڪار ڏُک محسُوس ڪرون ھون، جترِي توڻي ٿي پُورَي نمُونَي مَسيح جھڙا نِي ھوئو۔ 20 مھارو من ڪَي ھَي ڪہ ھُون ھڻون ٿون ڪڍي آئي ٿونَي پريم ݾون ݾمجھائُون، ڪيونڪہ مھنَي ٿونرو تموم گھڻو فِڪر ھَي۔
ݾارون ھانَ ھاجرا رو مِثال
21 اي شريعت تي بيوَڻ آݪون، ٿي مھنَي ݾُڻائو ڪہ ٿي اُوئي شريعت تي ڪيئون ڪونھي بيتا؟ 22 شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ، ”اڀراھيم را ٻي ڏيڪرا ھتا، ھيڪ اُوئي رِي لُگائِي ݾون ھانَ ٻيجو اُوئي رِي ٻونھِي ݾون۔“ 23 ٻونھِي رو ڏيڪرو اِنسونِي نمُونَي جايو، پڻ ݾارون رو ڏيڪرو ايشوَر رَي واعدَي تي جايو۔ 24 اِيئون باتون ۾ ھيڪ مِثال ھَي ڪہ اَي ٻيئي لُگائَي ٻي وچن ھَي۔ ھاجرا سينا جبل رو وچن جڪَي ۾ رُگو غُلوم پيدا ھووَي ھَي۔ 25 ھاجرا عرب رو سينا جبل ھَي ھانَ ھڻون رو يروشلم اُوئي رو جواب ھَي، ڪيونڪہ او آپرَي ڏيڪرون ݾُوڌو غُلومي ۾ ھَي۔ 26 آڪاشِي يروشلم آزاد ھَي ھانَ اوج آپڻِي ما ھَي۔ 27 ڪيونڪہ شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”اي رونڏٻير، ٿنَي جڪو اولاد ڪونھي ھوتا، تُو خُوش ھو،
ٿنَي جڪو ڪڏي ڀِي ٻاݪ جِڻڻ را ݾُور ڪونھي ھوتا، تُو خُوشِي ݾون رڙَي ڪر،
ڪيونڪہ ڦٽِي ڪيئوڙِي لُگائِي را ٻاݪ،
ڌڻِي آݪِي لُگائِي رَي ٻاݪون ݾون گھڻا ھَي۔“
28 ھمَي اي وِشواسيون، آپون اضحاق آݪِي ڪار ايشوَر رَي واعدَي تي جنم ليئو ھَي۔ 29 جون اُوئي ٽيم عام جنم ليوَڻ آݪو ٻاݪ، ايشوَر رَي واعدَي تي جايوڙَي ٻاݪ نَي ڏُک ڏيتو، اِيئوج آج ڀِي ھووَي پڙيو۔ 30 پڻ شاستر ڪِي ڪَي ھَي؟ اَي ڪہ،
”ٻونھِي ھانَ اُوئي رو ڏيڪرو گھر ݾون ڪاڍ،
ڪيونڪہ ٻونھِي رو ڏيڪرو،
واعدَي آݪَي ڏيڪرَي ڀيڙو بارݾ ڪونھي ھووَي۔“
31 اي وِشواسيون، آپي اڀراھيم رِي ٻونھِي را نا، پڻ اڀراھيم رِي لُگائِي را اولاد ھون۔