ايشوَر رو نياپو ھانَ غير ٻولِي
14
ھر ٽيم پريم رِي تلاش ڪرتا رو ھانَ پويتر آتما ݾون مِلڻ آݪَي نعمتون رِي اُميد راکو، خاص ڪري اگڪٿَي ڪرڻ رِي۔ 2 جڪو مِنک غير ٻولِي ٻولَي ھَي، او مِنکون ݾون نا، پڻ ايشوَر ݾون باتون ڪرَي ھَي، اِيئي رَي ڪري اُوئي رَي باتون ڪو ڀِي ڪونھي ݾمجھتو، ڪيونڪہ او پويتر آتما ݾون ڀيد رَي باتون ڪرَي ھَي۔ 3 پڻ جڏي ڪو ايشوَر رِي اگڪٿَي ڪرَي ھَي، تو اُوئي ݾون مِنکون رِي ترقي، ھدايت ھانَ تسلِي ملَي ھَي۔ 4 جڪو ڀِي غير ٻولِي ٻولَي ھَي، تو اُوئي ݾون اُوئي رِي آپرِي ترقي ھووَي ھَي، پڻ ايشوَر رَي اگڪٿَي ڪرڻ ݾون وِشواسي مَنڊلِي رِي ترقي ھووَي ھَي۔5 بيشڪ، مھارِي مرضِي ھَي ڪہ ٿي ݾجائِي غير ٻولَي ٻولو، پڻ اِيئي ݾون وڌيڪ اَي مرضِي ھَي ڪہ ٿي ايشوَر رَي اگڪٿَي ڪرو، ڪيونڪہ جي ڪُڻ غير ٻولِي ٻولَي ھَي، پڻ او وِشواسي مَنڊلِي رَي ݾارُو ترجمو ڪونھي ڪرتو، تو اِيئي رو ڪو ڀِي فائدو ڪونھي، اِيئي رَي ڪري ايشوَر رو نياپو ڏيوَڻ آݪو اُوئي ݾون وڌيڪ ھَي۔
6 اي وِشواسيون، جي ھُون ٿون ڪڍي آئي غير ٻولَي ٻولون، تو ٿونرو اِيئي ۾ ڪھڙو فائدو؟ ٿونرو فائدو اِيئي ۾ ھَي ڪہ ھُون ٿونَي ڀيد،گيونَ، ايشوَر رو نياپو ھانَ ݾيکاوڻ رَي باتون ݾُڻائُون۔
7 مِثال، بِنا ݾاݾ آݪا ساز جھڙَي نمُونَي بونݾلِي جون بربط ساز، جي اَي ݾُر ۾ نِي باجَي، تو ݾُڻڻ آݪون نَي اُوئون رَي ݾُرون رِي ڪيڪر خبر پڙشَي؟ 8 ھانَ جي ڪُڻ نَر ݾِينگو، ݾُر ۾ نِي بجاوَي، تو جنگ رَي ݾارُو ڪو ڀِي تيار ڪونھي ھووَي۔ 9 اِيئي نمُونَي جي ٿونرِي بات صاف نِي ھووَي، تو ݾُڻڻ آݪون نَي ڪيڪر ݾمجھ آشَي ڪہ ٿي ڪِي ڪو پڙيا؟ اَي اِيئون ھوشَي جھڙا ٿي بائيرَي ۾ باتون ڪرو ھو۔ 10 دُنيا ۾ تموم گھڻَي ٻولَي، ٻولئَي جاوَي ھَي ھانَ ھر ھيڪ ٻولِي رو آپرو آپرو مطلب ھَي۔ 11 جي مھنَي ڪَي ٻولِي رو مطلب ڪونھي آوتو، تو ٻولڻ آݪو مھنَي ڌاريو ݾمجھشَي ھانَ ھُون اُوئي نَي۔ 12 اِيئي رَي ڪري جي ٿي پويتر آتما رَي نعمتون رِي اُميد راکو ھو، تو پَڇي ڪوشش ڪرو ڪہ ٿونرَي نعمتون ݾون وِشواسي مَنڊلِي رِي ترقي ھووَي۔
13 جڪو غير ٻولِي ٻولَي ھَي، تو او پراٿنا ڪرَي ڪہ ٻوليون رو ترجمو ڀِي ڪرَي۔ 14 جي ھُون غير ٻوليون ۾ پراٿنا ڪرون، تو مھارِي آتما تو پراٿنا ڪرَي ھَي، پڻ مھنَي اُوئي رِي ڪو ڀِي ݾمجھ ڪونھي آوتِي ڪہ ھُون ڪِي ڪونھ پڙيو۔ 15 تو پَڇي ھُون ڪِي ڪرون؟ ھُون آپرِي آتما ۾ پراٿنا ڪرين ھانَ اھڙا آکر ٻولين جڪو مھنَي ݾمجھ آوَي۔ ھُون آپرِي آتما ݾون ڀِي گائين ھانَ اھڙا ڀجن جڪون رِي مھنَي ݾمجھ ڀِي آوَي۔ 16 جي ٿي رُگو آتما ݾون گاشو، تو جڪو اَي باتون ڪونھي ݾمجھتا، او ٿونرَي شُڪر ڪرڻ تي ڪيڪر آمين ڪشَي؟ ڪيونڪہ اُوئون نَي خبر ڪونھي ڪہ ٿي ڪِي ڪو پڙيا۔ 17 بيشڪ، ٿي ݾُٺَي نمُونَي ايشوَر رو شُڪر ڪرو ھو، پڻ اِيئي ݾون ٻيجون رِي ترقي ڪونھي ھووَي۔
18 ھُون ايشوَر رو شُڪر ڪرون ھون ڪہ ھُون ٿون ݾجون ݾون وڌيڪ غير ٻولَي ٻولون ھون، 19 پڻ وِشواسي مَنڊلِي ۾ تموم گھڻَي ٻولَي ٻولڻ ݾون ݾُٺو اَي ھَي ڪہ ھُون اُوئون نَي ݾيکاوڻ رَي ݾارُو گھٽ ٻولون ڪہ او ݾمجَھي۔
20 اي وِشواسيون، ٻاݪون جھڙِي ݾوچ نِي راکو۔ بُڇڙائي ڪرڻ ۾ تو ٻاݪ جھڙا ھوئي رو، پڻ ݾمجھ ۾ آپرو آپنَي موٽا ݾمجھو۔ 21 توريت شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”پرميشوَر ڪَي ھَي ڪہ،
ھُون غير ٻوليون ۾ ھانَ ٻيجِي قوم رَي موڏَي ݾون
اِيئي قوم ݾون باتون ڪرين،
تو ڀِي او مھارَي باتون ڪونھي ݾُڻَي۔“
22 اِيئي ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ غير ٻولَي وِشواسيون ݾارُو نا، پڻ غير وِشواسيون رَي ݾارُو نِشون ھَي ھانَ ايشوَر رو نياپو ݾُڻاوڻ غير وِشواسيون رَي نا، پڻ وِشواسيون رَي ݾارُو نِشون ھَي۔
23 اِيئي رَي ڪري جي ݾجائِي وِشواسي مَنڊلِي آݪا ھيڪِي جگھا تي ڀيڙا ھوئي غير ٻولَي ٻولتا ھووَي، تو اوٿ غير وِشواسي جون اھڙا مِنک آوَي جڪو غير ٻولِي ڪونھي ݾمجھتو، تو ڪِي او ٿونَي ڪالھا ڪونھي ڪَي؟ 24 پڻ جي ݾجائِي ايشوَر رو نياپو ݾُڻاوتا ھووَي ھانَ اوٿ غير وِشواسي جون اھڙو مِنک آوَي، جڪو ݾمجھتو نِي ھووَي، جڏي او نياپو ݾُڻشَي، تو او وِشواس راکشَي، اِيئي نمُونَي ٿي اُوئي نَي پَرکي ليشو۔ 25 اِيئج نمُونَي اُوئي رَي من رَي باتون ظاھر ھوشَي ھانَ او کِري ايشوَر آگھي آپرو شيش نِماشَي ھانَ اَي بات منشَي ڪہ ݾاچيلي ايشوَر ٿون ۾ رَي ھَي۔
ڀگتي رِي ترتيب
26 اي وِشواسيون، جڏي ٿي ڀگتي رَي ݾارُو ڀيڙا ھوئو ھو، تو ٿون ۾ ڪئينڪہ مِنک ڀجن گاوَي، ڪئينڪہ مِنک شاستر ݾيکاوَي، ڪئينڪہ مِنک ايشوَر رَي ڀيد رَي باتون ݾُڻاوَي، ڪئينڪہ مِنک غير ٻولِي ٻولَي ھانَ ڪئينڪہ مِنک غير ٻولِي رو ترجمو ڀِي ڪرَي۔ اَي ݾجَي باتون وِشواسي مَنڊلِي رِي ترقي رَي ݾارُو ھووَي۔ 27 جي ڪُڻ غير ٻوليون ۾ ٻولتو ھووَي، تو ٻي جون گھڻَي ݾون گھڻا تين مِنک بارِي بارِي ٻولَي ھانَ ھيڪ مِنک اُوئون رو ترجمو ڪرَي۔ 28 جي ڪُڻ ترجمو ڪرڻ آݪو نِي ھووَي، تو غير ٻولِي ٻولڻ آݪا وِشواسي مَنڊلِي ۾ چُپ رَي ھانَ رُگو من ۾ ايشوَر ݾون پراٿنا ڪرَي۔
29 جي ڪُڻ نبِي ھووَي، تو اُوئون ۾ ٻي جون تين مِنک ٻولَي ھانَ ٻيجا مِنک اُوئون رَي باتون پَرکَي۔ 30 جڏي ڪُڻ نياپو ݾُڻاوَي پڙيو ھانَ پرميشوَر ڪَي ٻيٺوڙَي مِنک تي آپرو ڀيد ظاھر ڪرَي، تو نياپو ݾُڻاوڻ آݪو ماٺ ڪرَي۔ 31 اِيئي نمُونَي ھر ھيڪ نياپو ݾُڻاوڻ آݪَي رِي بارِي آشَي ڪہ او ݾجائِي مِنک ݾيکَي ھانَ او پڪا وِشواسي ھووَي۔ 32 جڪو نبِي ھَي، او آپرِي نعمت آپرَي ڪاٻُو ۾ راکَي، 33 ڪيونڪہ ايشوَر رِي مرضِي ڪونھي ڪہ ڪو گوڙ ھووَي، پڻ ايشوَر رِي مرضِي ھَي ڪہ وِشواسي مِنک ݾُک شانتِي ݾون ڀگتي ڪرَي، جھڙَي نمُونَي ھر ھيڪ وِشواسي مَنڊلِي رِي ريت ھَي۔
34 لُگائَي ڀگتي ۾ خاموش رَي، ڪيونڪہ اُوئون نَي ٻولڻ رِي موڪل ڪونھي، پڻ او اَگووڻون رَي ڪيوَڻ ۾ رَي، جون شريعت ۾ لِکيوڙو ھَي۔ 35 جي او ڪئين پُوڇَي، تو گھري جائي آپرَي ڌڻِي ݾون پُوڇَي، ڪيونڪہ لُگائِي رو ڀگتي ۾ ٻولڻ شرم رِي بات ھَي۔
36 ڪِي ٿي ݾمجھو ھو ڪہ ايشوَر رو شُٻڌ ٿون ݾون شرُوع ھويو، جون او رُگو ٿونَي ڏينوڙو ھَي؟ 37 جي ڪُڻ آپرو آپنَي نبِي ݾمجَھي ھانَ اَي ݾوچَي ھَي ڪہ مھنَي پويتر آتما رِي نعمت ملِي ھَي، تو ياد راکو ڪہ جڪو ڪئين ھُون ٿونَي لِکون پڙيو، اَي پرڀُو را حُڪم ھَي۔ 38 جي ٿي اَي حُڪم ڪونھي منو، تو ٿونرِي بات ڀِي ڪو ڀِي ڪونھي منَي۔