اُتم پريم
13
جي ھُون اِنسون ھانَ فريشتون رَي ٻولَي ٻولون، پڻ پريم نِي راکون، تو ھُون باجڻ آݪو پيتل ھانَ ڇَڻ ڇَڻ ڪرڻ آݪَي مجيرون جھڙو ھون۔ ‏2 جي مھنَي اگڪٿَي ڪرڻ رِي نعمت ملَي ھانَ ھر ھيڪ ڀيد ھانَ ھر ھيڪ عِلم رِي خبر ھووَي ھانَ مھارو وِشواس اِترو، تو پڪو ھووَي ڪہ ھُون جبل ھٽائي ڇوڙون، پڻ جي پريم نِي راکون، تو ھُون ڪئين ڪونھي۔ ‏3 جي ھُون آپرو ݾجو ڌن مال غريبون ۾ بِݪائُون ھانَ آپرو ݾَرير ٻاݪڻ رَي ݾارُو ڏيئون، پڻ جي پريم نِي راکون، تو مھارو ڪھڙو فائدو۔
‏4 پريم ۾ صبر ھانَ دايا ھَي۔ پريم ۾ ݾاݪ ڪونھي۔ پريم ۾ موٽَي موٽَي باتون ڪونھي ھانَ نَڪو بڏائو۔ ‏5 پريم آݪو ڪيرِي بي عِزتي ڪونھي ڪرَي ھانَ نَڪو آپرو فائدو جوتو۔ پريم ۾ ڪڏي ڀِي ريݾ ڪونھي ھانَ نَڪو ٻيجون را ڏوھ من ۾ راکَي۔ ‏6 پريم بُڇڙائي ݾون خُوش ڪونھي ھووَي، پڻ ݾاچَي باتون ۾ خُوش ھووَي ھَي۔ ‏7 پريم ٻيجون رَي ڪمزوريون تي پڙدو راکَي ھَي، پريم ݾجَي باتون رو ڀروسو ڪرَي ھَي، پريم ھميشا اُميد راکَي ھَي ھانَ ݾجَي باتون برداش ڪرَي ھَي۔
‏8 اگڪٿَي ڪرڻ، غير ٻولَي ٻولڻ ھانَ ڀيد، اَي ݾجائِي ٿوڙَي ڏِنون را ھَي، پڻ پريم اَمر ريشَي، ‏9 ڪيونڪہ آپڻِي ڄاڻ ھانَ اگڪٿَي اَڻپُورَي ھَي، ‏10 پڻ جڏي ڪامل آشَي، تو اَي اَڌُورَي باتون ڪونھي رَي۔
‏11 جڏي ھُون ٻاݪ ھتو، تو ٻاݪ آݪِي ڪار ٻولتو، ٻاݪ جھڙِي ݾوچ ھانَ ݾمجھ راکتو، پڻ ھمَي ھُون موٽو ھون، اِيئي رَي ڪري مھَي ۾ ٻاݪون آݪَي باتون ڪونھي۔ ‏12 ھڻون آپي آريݾِي ۾ ڌُنڌ ڏيکون ھون، پڻ اُوئي ٽيم رُوبرو ڏيکشون۔ ھڻون مھنَي ايشوَر رِي ٿوڙِي خبر ھَي، پڻ اُوئي ٽيم مھنَي ھر ھيڪ بات رِي خبر پڙشَي، جھڙَي نمُونَي ايشوَر مھنَي پُورَي نمُونَي اوݪکَي ھَي۔
‏13 مطلب اَي ھَي ڪہ، وِشواس، اُميد ھانَ پريم اَي تينئي اَمر ھَي، پڻ پريم اِيئون ۾ اُتم ھَي۔