پويتر آتما ھانَ اُوئي رَي نعمتون
12
اي وِشواسيون، مھارِي مرضِي ڪونھي ڪہ ٿونَي پويتر آتما رَي نعمتون رَي بارَي ۾ خبر نِي پڙَي۔ ‏2 ٿونَي خبر ھَي ڪہ جڏي ٿي غير وِشواسي ھتا، تو ٿي گُونگَي بُتون لاري بيتا، جھڙَي نمُونَي ڪو ٿونَي لي جاوتو، اُوئا ٿي جاوتا۔ ‏3 اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي ݾُڻائُون ھون ڪہ جڪو ڀِي ايشوَر رِي آتما ݾون ٻولَي ھَي، او اَي ڪونھي ڪَي ڪہ، ”پرڀُو يسُوع تي لعنت۔“ ھانَ ڪو ڀِي پويتر آتما بِنا، اَي ڪونھي ڪَي ڪہ، ”يسُوع، پرڀُو ھَي۔“
‏4 پويتر آتما رَي نعمتون تموم گھڻَي ھَي، پڻ پويتر آتما ھيڪج ھَي۔ ‏5 شيوا را ڪوم تموم گھڻا ھَي، پڻ پرڀُو ھيڪج ھَي۔ ‏6 ڪوم ڪرڻ را نمُونا تموم گھڻا ھَي، پڻ ايشوَر ھيڪج ھَي، جڪو آپون ݾجون ۾ آپرِي قُدرت ظاھر ڪرَي ھَي۔ ‏7 آپون ۾ ھر ھيڪ نَي پويتر آتما رِي فرق فرق نعمت ملَي ھَي ڪہ آپي ھيڪَي ٻيجَي نَي فائدو ڏيئون۔ ‏8 ڪينَي پويتر آتما رَي طرفون ڏاھپ ھانَ ڪينَي اُوئي پويتر آتما رَي طرفون ڀيد رَي باتون ملَي ھَي۔ ‏9 ڪينَي اُوئي پويتر آتما رَي طرفون وِشواس ھانَ ڪينَي اُوئي ھيڪَي پويتر آتما رَي طرفون شفا ڏيوَڻ رِي نعمت ملَي ھَي۔ ‏10 ڪينَي پرچا بتاوڻ رِي طاقت ھانَ ڪينَي اگڪٿِي ڪرڻ رِي نعمت ملَي ھَي۔ ڪينَي اَي ݾمجھڻ رِي نعمت ملَي ھَي ڪہ ڪِي ڪو آتما ايشوَر رَي طرفون ھَي، جون نا۔ ڪينَي غير ٻولَي ٻولڻ رِي نعمت ھانَ ڪينَي اِيئون ٻوليون رو ترجمو ڪرڻ رِي نعمت۔ ‏11 ھيڪج پويتر آتما ھَي، جڪو اَي ݾجَي نعمتون ڏَي ھَي ھانَ اوج فيصلو ڪرَي ھَي ڪہ ڪينَي ڪئِي نعمت ڏيوَڻ کپَي۔
ھيڪ ݾَرير ھانَ فرق فرق عُضوا
‏12 اِنسون رَي ݾَرير را تموم گھڻا عُضوا ھووَي ھَي، پڻ اَي ݾجائِي عُضوا مِلي ھيڪ ݾَرير ٺَي ھَي۔ مَسيح رو ݾَرير يعني وِشواسي مَنڊلِي ڀِي اِيئوج ھَي۔ ‏13 آپون ۾ ڪئينڪہ يھُودي، ڪئينڪہ ٻيجِي قوم آݪا، ڪئينڪہ غُلوم ھانَ ڪئينڪہ آزاد ھتا، پڻ آپون ݾجون ھيڪَي آتما رَي وسيلَي ھيڪَي ݾَرير رَي ݾارُو پويتر سِنون ليئو ھانَ ايشوَر آپون ݾجون نَي ھيڪج پويتر آتما ڏينو ھَي۔
‏14 ݾَرير ۾ نِي رُگو ھيڪ عُضوو، پڻ اُوئي ۾ تموم گھڻا عُضوا ھووَي ھَي۔ ‏15 جي پگ ڪَي ڪہ، ”ھُون ھاٿ ڪونھي، اِيئي رَي ڪري ھُون ݾَرير رو عُضوو ڪونھي۔“ ڪِي اَي ڪيوَڻ ݾون اُوئي رو واسطو ݾَرير ݾون ختم ھوئي جاشَي؟ ‏16 اِيئي نمُونَي جي ڪونَ ڪَي ڪہ، ”ھُون اونک ڪونھي، اِيئي رَي ڪري ھُون ݾَرير رو عُضوو ڪونھي۔“ ڪِي اَي ڪيوَڻ ݾون اُوئي رو واسطو ݾَرير ݾون ختم ھوئي جاشَي؟ ‏17 جي ݾجو ݾَرير اونک ھويو ھووَنت، تو پَڇي ڪيڪر ݾُڻون تو؟ جي ݾجو ݾَرير ڪونَ ھويو ھووَنت، تو پَڇي ڪيڪر ݾُوگون تو؟ ‏18 آپڻَي ݾَرير را تموم گھڻا عُضوا ھَي ھانَ ھر ھيڪ نَي ايشوَر اوٿ لگايو ھَي، جيٿ اُوئي نَي ھوئڻ کپَي۔ ‏19 جي اَي ݾجائِي ھيڪج عُضوا ھويا ھووَنت، تو پَڇي اَي ڪھڙو ݾَرير ھوئون تو؟ ‏20 پڻ اِيئون ڪونھي۔ عُضوا تموم گھڻا ھَي، پڻ ݾَرير ھيڪج ھَي۔
‏21 اونک ھاٿ ݾون ڪونھي ڪَي ڪہ، ”مھنَي ٿارِي ضرُورت ڪونھي۔“ نَڪو ماٿو پگون نَي ڪَي ڪہ، ”مھنَي ٿارِي ضرُورت ڪونھي۔“ ‏22 جي ڏيٺو جاوَي، تو ݾَرير را جڪو عُضوا تموم گھڻا ڪمزور لاگَي ھَي، اُوئون رِي وڌيڪ ضرُورت ھووَي ھَي۔ ‏23 او عُضوا جڪو آپي عِزت رَي لائق ڪونھي ݾمجھتا، اُوئون نَي آپي وڌيڪ عِزت ݾون ڍڪون ھون۔ اِيئي نمُونَي او عُضوا جڪون نَي آپي شرم رَي ڪري لڪائُون ھون، اُوئون رو وڌيڪ خيال راکون ھون۔ ‏24 پڻ او عُضوا جڪون نَي آپي عِزت آݪا ݾمجھون ھون، اُوئي رِي عِزت ڪرڻ رِي ضرُورت ڪونھي۔ ايشوَر ݾَرير نَي اِيئون ٺاھيو ڪہ جڪو عُضوا عِزت جھڙا ڪونھي، اُوئون رِي وڌيڪ عِزت ھووَي، ‏25 ڪہ ݾَرير رَي عُضوون ۾ فرق نِي رَي، پڻ او ھيڪَي ٻيجَي رَي بارَي ۾ ݾوچَي۔ ‏26 جي ھيڪ عُضوو ڏُک ۾ ھووَي، تو ٻيجا عُضوا اُوئي ڀيڙا ڏُک محسُوس ڪرَي ھَي۔ جي ھيڪَي عُضوَي رِي عِزت ھووَي، تو ٻيجا عُضوا ڀِي اُوئي ڀيڙا خُوشِي ملھاوَي ھَي۔
‏27 ٿي ݾجائِي ڀيڙا ھوئي مَسيح رو ݾَرير ھو ھانَ ٿي اُوئي ݾَرير را ڌار ڌار عُضوا ھو۔ ‏28 ايشوَر آپرِي مَنڊلِي ۾ ڌار ڌار مِنک چُونڊيا ھَي۔ پيل سنت، ٻيجا نبِي ھانَ تيجا اُستاد۔ اِيئي ݾون پَڇي پرچا ڪرڻ آݪا، شفا ڏيوَڻ آݪا، ٻيجون رِي مدد ڪرڻ آݪا، اَگووڻِي ڪرڻ آݪا ھانَ غير ٻولَي ٻولڻ آݪا۔ ‏29 ڪِي ݾجائِي سنت ھَي؟ ڪِي ݾجائِي نبِي ھَي؟ ڪِي ݾجائِي اُستاد ھَي؟ ڪِي ݾجائِي پرچا ڪرڻ آݪا ھَي؟ ‏30 ڪِي ݾجون ڪڍي شفا ڏيوَڻ رِي نعمت ھَي؟ ڪِي ݾجائِي غير ٻولَي ٻولَي ھَي؟ ڪِي ݾجائِي اِيئون ٻوليون رو ترجمو ڪرَي ھَي؟ ڪڏي ڀِي نا۔ ‏31 جي ٿي موٽَي ݾون موٽِي نعمت رِي اُميد راکو ھو، تو ھُون ٿونَي ݾُٺَي نمُونَي آپرَي زندگَي گُذارڻ رَي بارَي ۾ ݾُڻائُون ھون۔