پرچار ڪرڻ آݪَي رو حق
9
ڪِي ھُون آپرو حق ليوَڻ رَي ݾارُو آزاد ڪونھي؟ ڪِي ھُون پرڀُو يسُوع رو پرچار ڪرڻ آݪو ڪونھي؟ ڪِي آپڻَي پرڀُو يسُوع، مھنَي درشن ڪونھي ڏينو؟ ڪِي ٿونرو وِشواس مھارِي محنت رَي ڪري پرڀُو تي ڪونھي؟ ‏2 جي ھُون ٻيجون رَي ݾارُو سنت ڪونھي، تو ڀِي ٿونرَي ݾارُو تو ھون، ڪيونڪہ ٿونرو پرڀُو تي وِشواس مھارَي پرچار رو ثبُوت ھَي۔
‏3 جڪون رو مھَي تي اعتراض ھَي، اُوئون رَي ݾارُو مھارو اَي جواب ھَي ڪہ، ‏4 ڪِي پرچار رَي بدلَي مھنَي ھانَ برنباس نَي کاوڻ پيئڻ رو حق ڪونھي؟ ‏5 ڪِي مھونَي اَي حق ڪونھي ڪہ مھي بيئان ڪرون ھانَ آپرِي لُگائِي نَي پرچار رَي ڪوم ۾ ڀيڙِي راکون، جھڙَي نمُونَي ڪيفا، ٻيجا سنت ھانَ پرڀُو يسُوع را ڀائي ڪرَي ھَي؟ ‏6 ڪِي رُگو مھارَي ھانَ برنباس رَي ݾارُو ضرُوري ھَي ڪہ مھي محنت مزُورِي ڪري آپرو گُذارو ڪرون؟ ‏7 ڪيو فوجي آپرَي خرچ تي جنگ بِڙھَي ھَي؟ ڪيو انگُورون رو باگ لگائي اُوئي رو ڦل ڪونھي کاوتو؟ جون ڪيو مال چاري اُوئي رو ڏُوڌ ڪونھي پيتو؟
‏8 ڪِي ھُون اَي باتون اِنسونِي ݾوچ رَي ڪري ڪرون پڙيو؟ ڪِي شريعت ۾ ڀِي اَي ڪونھي؟ ‏9 اِيئي رَي ڪري مُوسيٰ رَي توريت شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جڏي ڍگو ھَلر ۾ ھَي، تو اُوئي رو مونڏو نِي ٻونڌيا۔“
ڪِي ايشوَر رُگو، ڍگون رِي گڻتِي ڪرَي ھَي، ‏10 جون اُوئي اَي بات آپڻَي ݾارُو ڪِي ھَي؟ ھاوي، ايشوَر اَي بات آپڻَي ݾارُو لِکي ھَي۔ ھَݪ کيڙڻ آݪو اِيئي ڀروسَي تي ھَݪ کيڙَي ھَي ڪہ اُوئي نَي آپرو حِصو ملشَي ھانَ ھَلر گاوڻ آݪو اِيئي ڀروسو تي ھَلر گاوَي ھَي ڪہ اُوئي نَي آپرو حِصو ملشَي۔ ‏11 جڏي مھون ٿونرِي آتما رِي ڀلائي رَي ݾارُو ٻيج پوکيو ھَي، تو ڪِي اَي ضرُوري ڪونھي ڪہ مھي ٿون ݾون دُنياوِي پوک يعني کاوڻ پيئڻ رَي شيون ليئون؟ ‏12 جي ٻيجون نَي ٿون ݾون آپرو حِصو ليوَڻ رو حق ھَي، تو ڪِي مھورو اُوئون ݾون وڌيڪ حق ڪونھي؟ پڻ مھون اِيئي حق رو فائدو ڪونھي ليئو۔ مھي ݾجو ڪئين برداش ڪرون ھون ڪہ آپڻَي ڪري مَسيح رِي خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرڻ ۾ ڪو ڀِي رُڪاوٽ نِي آوَي۔ ‏13 ڪِي ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ ايشوَر رَي گھر رَي شيوادارون رَي ضرُورتون ايشوَر رَي گھر ݾون پُورَي ھووَي ھَي ھانَ جڪو ٻَليدون چاڙھڻ رو ڪوم ڪرَي ھَي، اُوئون نَي ٻَليدون رِي جگھا ݾون حِصو ملَي ھَي؟ ‏14 اِيئي نمُونَي پرڀُو رِي مرضِي ھَي ڪہ خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرڻ آݪون رَي ضرُورتون اُوئون ݾون پُورَي ھووَي، جڪون نَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائُون ھون۔
‏15 مھَي ڪَي ڀِي نمُونَي، اِيئي حق رو فائدو ڪونھي ليئو، نَڪو اِيئي رَي بارَي ۾ لِکيو ڪہ مھنَي ڪَي شئي رِي ضرُورت ھَي۔ اِيئي ݾون پيل ڪہ ڪو مھارو بڏائو مھَي ݾون کوݾَي، مھارَي ݾارُو ڀلو ھَي ڪہ ھُون مري جائُون۔ ‏16 جي ھُون خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرون، تو اَي مھارَي ݾارُو بڏائي رِي بات ڪونھي، ڪيونڪہ اِيئون ڪرڻ مھارو فرض ھَي، پڻ جي ھُون خُوشِي رِي خبر رو پرچار نِي ڪرون، تو مھارَي ݾارُو اَي ڏُک رِي بات ھوشَي۔ ‏17 جي ھُون خُوشِي رِي خبر رو پرچار آپرِي مرضِي ݾون ڪرون، تو پَڇي مھارو حق ھتو ڪہ مھنَي اَجر ملَي، پڻ اِيئون ڪونھي، پڻ اَي ذميوارِي ايشوَر مھنَي ڏينِي ھَي۔ ‏18 تو پَڇي مھنَي ڪھڙو اَجر ملَي ھَي؟ رُگو اَي ڪہ ھُون خُوشِي رِي خبر رو پرچار مُکت ۾ ڪرون۔ اِيئي رَي ڪري ھُون خُوشِي رِي خبر ݾُڻائي آپرو حق ڪونھي مونگتو۔
‏19 بيشڪ، ھُون ݾجون ݾون آزاد ھون، تو ڀِي ھُون ݾجون رو غُلوم ھويو ھون ڪہ تموم گھڻا مِنک مَسيح ڪڍي لي آئُون۔ ‏20 ھُون يھُوديون رَي ݾارُو يھُودي ھويو ڪہ يھُوديون نَي جيتون۔ ھُون مُوسيٰ رِي شريعت تي بيوَڻ آݪون رَي ݾارُو شريعت تي بيوَڻ آݪو ھويو ڪہ اُوئون نَي جيتون، بيشڪ ھُون آپ شريعت رو پابند ڪونھي ھتو۔ ‏21 ھُون اُوئون جھڙو ھويو جڪو شريعت تي ڪونھي بيتا ڪہ اُوئون نَي جيتون۔ اِيئي رو مطلب اَي ڪونھي ڪہ ھُون ايشوَر رِي شريعت تي ڪونھي بيتو، پڻ ھُون مَسيح رِي شريعت تي بون ھون۔
‏22 ھُون ڪمزور رَي ݾارُو ڪمزور ھويو ڪہ اُوئون نَي جيتون۔ ھُون ھر ھيڪ رَي ݾارُو اُوئون جھڙو ھويو ڪہ ڪيڪر ڀِي ڪري ڪئينڪہ مِنک بچائُون۔
‏23 ھُون اَي ݾجو ڪئين خُوشِي رِي خبر رَي پرچار رَي ݾارُو ڪرون ھون ڪہ ٻيجون ڀيڙو اِيئون برڪتون ۾ شامل ھوئون۔
‏24 ڪِي ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ ميدون ۾ ناݾَي، تو ݾجائِي ھَي، پڻ اِنوم ھيڪَي نَي ملَي ھَي؟ اِيئي نمُونَي ٿي ڀِي اِيئون ناݾو ڪہ جيتو۔ ‏25 ھر ھيڪ پھلوون ھر نمُونَي رو پرھيز ڪرَي ھَي۔ او مِٽڻ آݪَي تاج رَي ݾارُو محنت ڪرَي ھَي، پڻ آپي اُوئي تاج رَي ݾارُو جڪو ڪڏي ڀِي مِٽڻ آݪو ڪونھي۔ ‏26 اِيئي رَي ڪري ھُون بِنا مطلب ڪونھي ناݾتو، ڪيونڪہ ھُون اُوئي پھلوون آݪِي ڪار ھون جڪو بائيرَي ۾ نا، پڻ نِشون تي ٺونشا ھڻَي ھَي۔ ‏27 ھُون آپرو ݾَرير مارون ڪُوٽون ھانَ ڪاٻُو ۾ راکون ھون ڪہ اِيئون نِي ھووَي ڪہ جڪَي باتون رو پرچار ھُون ٻيجون ۾ ڪرون ھون، اُوئون تي ھُون آپ نِي بون۔