مُورتيون تي چاڙھيوڙا چڙھاوا
8
ھمَي ھُون مُورتيون تي چاڙھيوڙَي چڙھائون رِي بات ڪرين۔ آپون نَي خبر ھَي ڪہ، ”آپي ھر ھيڪ بات ۾ ھوشيار ھون۔“ وڌيڪ ھوشياري اِنسون نَي مگرُور ڪرَي ھَي، پڻ پريم ݾون اِنسون رو وِشواس بڌَي ھَي۔ 2 جڪو اَي ݾوچَي ھَي ڪہ مھنَي ڪئين خبر ھَي، تو اُوئي نَي اترِي خبر ڪونھي جترِي ھوئڻ کپَي۔ 3 پڻ جڪو ايشوَر ݾون پريم راکَي ھَي، ايشوَر اُوئي نَي اوݪکَي ھَي۔4 مُورتيون تي چاڙھيوڙَي شيون کاوڻ رَي بارَي ۾ آپون نَي خبر ھَي ڪہ مُورتيون رِي ڪو ڀِي حيثيت ڪونھي ھانَ رُگو ھيڪَي ايشوَر ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي ايشوَر ڪونھي۔ 5 بيشڪ، اِنسون آڪاش ھانَ ڌرتي رَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪرَي ھَي۔ بيشڪ، تموم گھڻا ڏيوِي ڏيوتا ھووَي، 6 پڻ آپڻو ھيڪج ايشوَر ھَي ھانَ اوج آپڻو پِتا ھَي، جڪَي ھر ھيڪ شئي ٺائِي، ھمَي آپي اُوئي رَي ݾارُو زندگَي گُذارون ھون۔ آپڻو پرڀُو ڀِي ھيڪج ھَي يعني يسُوع مَسيح جڪَي رَي وسيلَي ݾجَي شيون ٺاھيوڙَي ھَي ھانَ آپي ڀِي اُوئي رَي وسيلَي ھون۔
7 اِيئي بات رِي ݾجون نَي خبر ڪونھي، اِيئي رَي ڪري ڪئينڪہ مِنک اَڃون توڻي مُورتيون رِي پُوجا ڪرَي ھَي۔ جڏي او ڪَي مُورتِي تي چاڙھيوڙِي شئي کاوَي ھَي، تو ݾمجَھي ھَي ڪہ او اُوئي مُورتِي رِي پُوجا ڪرَي پڙيا۔ مِنکون را وِشواس گھٽ ھوئڻ رَي ڪري اُوئون را من پليت ھوئي جاوَي ھَي۔ 8 کاڌو آپون نَي ايشوَر ݾون ڪونھي مِلاوَي۔ جي آپي نِي کائُون، تو اِيئي ۾ آپڻو ڪو ڀِي نُقصون ڪونھي ھانَ جي کائُون، تو اِيئي رو ڪو فائدو ڀِي ڪونھي۔
9 ھوشياري ݾون رو، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ٿونرِي اِيئي آزادي رَي ڪري گھٽ وِشواس آݪا گُھمراھ ھووَي۔ 10 جي گھٽ وِشواس آݪو ڀائي، ڪَي ݾمجھدار وِشواسي نَي مُورتيون رَي ٿونَ تي چاڙھيوڙَي شيون کاوتو ڏيکَي، تو ڪِي اُوئي رو من ڪونھي ڪرَي ڪہ ھُون ڀِي اَي شيون کائُون؟ 11 ٿونرِي اِيئي ݾمجھ رَي ڪري اُوئي گھٽ وِشواس آݪَي ڀائي رو وِشواس خراب ھوشَي، جڪَي رَي ݾارُو مَسيح ٻَليدون ھويو ھَي۔ 12 اِيئي نمُونَي ٿي آپرَي وِشواسي ڀايون رو وِشواس خراب ڪري، نِي رُگو اُوئون را ڏوھي ھوئو ھو، پڻ مَسيح رو ڀِي ڏوھ ڪرو ھو۔ 13 اِيئي رَي ڪري جي اھڙو کاڌو مھارَي ڪَي وِشواسي ڀائي نَي ݾاچَي مارگ ݾون ڦيراوَي، تو ھُون او کاڌو ڪڏي ڀِي ڪونھي کائُون ڪہ مھارو وِشواسي ڀائي مھارَي ڪري گُھمراھ ھووَي۔