زناڪارِي
5
مھون اَي ݾُڻيو ھَي ڪہ ٿون ۾ زناڪارِي ھووَي پڙِي، پڻ اھڙِي زناڪارِي جڪو ٻيجَي قومون ۾ ڪونھي۔ اَي ڀِي ݾُڻيو ھون ڪہ ٿون ۾ ھيڪَي ڏيڪرَي آپرِي نگِي ما ݾون بيئان ڪيئو ھَي۔ 2 ٿونَي اِيئي بات تي بڏائو ھَي، پڻ ٿونَي ڏُک ڪرڻ کپَي۔ جڪَي مِنک اَي بُرو ڪوم ڪيئو ھَي، اُوئي نَي وِشواسي مَنڊلِي ݾون ڪاڍڻو ھتو۔ 3 ھُون آپ اوٿ ڪونھي، پڻ مھارو من ٿون ڪڍي ھَي۔ مھَي آپنَي اوٿ حاضر ݾمجھي اُوئي مِنک رو فيصلو ڪيئو رو 4 ڪہ جڏي ٿي ڀيڙا ھوئو، تو مھارِي مرضِي ڀِي آپڻَي پرڀُو يسُوع رِي قُدرت ݾون ٿون ڀيڙِي ھووَي، 5 ٿي اھڙو مِنک تگڙي ڪاڍو ھانَ اُوئي نَي شيطون رَي حوالي ڪرو ڪہ اُوئي رو پاپي ݾَرير مِٽي جاوَي، پڻ اُوئي رِي آتما پرڀُو يسُوع رَي آوڻ توڻي بچائِي جاوَي۔6 اَي ݾُٺو ڪونھي ڪہ ٿي اِيئي بات تي بڏائو ڪرو۔ ڪِي ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ جڏي آپي ٿوڙيو کَمير تازَي گويوڙَي آٽَي ۾ مِلائُون ھون، تو ݾجو آٽو کَمير ھوئي جاوَي ھَي؟ 7 ٿي آپرَي پِروڻَي پاپي عادتون کَمير آݪِي ڪار ڪاڍو ھانَ آپرو آپنَي آڇا اُوجݪا ڪرو ڪہ تازَي گويوڙَي آٽَي جھڙا ھوئي جائو۔ مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿي آڇا اُوجݪا ھو، ڪيونڪہ آپڻو فَسح رو گھيٽو يعني مَسيح آپڻَي پاپون رَي ݾارُو ٻَليدون ھويو ھَي۔ 8 اِيئي رَي ڪري ھمَي آئو، آپي آپرِي زندگِي ۾ فَسح رَي پَرٻ آݪِي ڪار بيتا رون۔ آپي پِروڻَي کَمير آݪَي آٽَي يعني بُڇڙائي ھانَ زنا ݾون اݪگا رئي تازَي گويوڙَي آٽَي رَي ٻاٽيون آݪِي ڪار يعني ݾاچَي من ھانَ ݾچائي ݾون بيتا رون۔
9 مھَي آپرَي خط ۾ اَي لِکيو ھتو ڪہ ٿي زناڪار ݾون پاݾو ڪرو۔ 10 مھارو مطلب اَي ڪونھي ھتو ڪہ ٿي اِيئي دُنيا رَي زناڪارون، لالچي، ٺَگون ھانَ مُورتِي پُوجا ڪرڻ آݪون ݾون ڪڏي ڀِي واسطو نِي راکيا۔ اِيئي نمُونَي ٿونَي تو اَي جگت ڇوڙڻو پڙشَي۔ 11 مھارو ڪيوَڻ رو مطلب اَي ھتو ڪہ ٿي اھڙَي مِنک ݾون واسطو نِي راکو، جڪو مَسيح ۾ وِشواسي ڀائي تو ڪھيجَي ھَي، پڻ اُوئي را ڪوم زنا، لالچ، مُورتِي پُوجا، گاݪَي ڏيوَڻ، نشو ڪرڻ جون ٻيجون ݾون ناحقِي ڪرڻ ھَي۔ ٿي اھڙَي مِنک ڀيڙِي ٻاٽِي ڀِي نِي کائو۔
12 مھنَي اھڙَي مِنکون نَي ڪيوَڻ رِي ضرُورت ڪونھي، جڪو وِشواسي مَنڊلِي ݾون ٻاھر ھَي، پڻ اھڙَي مِنکون نَي ڪونھ ھون جڪو وِشواسي مَنڊلِي را ھَي۔ 13 جڪو وِشواسي مَنڊلِي ݾون ٻاھر ھَي، ايشوَر آپ اُوئون رو فيصلو ڪرشَي، جون توريت شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”ٿي پاپي نَي آپ ݾون ٻاھر ڪاڍو۔“