پرڀُو يسُوع را شيواداري
4
مِنک آپون نَي مَسيح را اھڙا شيواداري ݾمجَھي، جڪون نَي ايشوَر آپرا ڀيد ݾُڻاوڻ رو ذمو ڏينو ھَي، 2 ذميوارون رو فرض ھَي ڪہ او آپرَي ڪوم ۾ ايموندار رَي۔ 3 مھنَي اِيئي بات رِي گڻتِي ڪونھي ڪہ ٿي جون دُنياوِي عدالت مھارِي جانچ ڪرَي۔ ھُون آپ ڀِي آپرِي جانچ ڪونھي ڪرتو۔ 4 مھارو من صاف ھَي، تو ڀِي اِيئي ݾون خبر ڪونھي پڙتِي ڪہ ھُون نيڪ ھون، پڻ مھارِي جانچ ڪرڻ آݪو پرڀُو آپ ھَي۔ 5 اِيئي رَي ڪري ٽيم ݾون پيل ڪَي ڀِي بات رو فيصلو نِي ڪرو، پڻ اُوئي ٽيم رو اِنتظار ڪرو، جترِي توڻي پرڀُو نِي آوَي۔ اوج انڌارَي آݪَي لِڪيوڙَي باتون اُجاݪَي ۾ ظاھر ڪرشَي ھانَ اِنسون رَي من را خيال ظاھر ڪرشَي۔ اُوئي ٽيم ايشوَر ھر ھيڪ رِي بکوڻ ڪرشَي جڪو بکوڻ رَي لائق ھويو۔ڪِرنٿس مَنڊلِي رو بڏائو
6 اي وِشواسيون، ھُون ھانَ اپلُوس اِيئون باتون تي بُوئا ھون ڪہ ٿي مھورو نمُونو ڏيکي ݾيکو ھانَ جڪو ڪئين لِکيوڙو ھَي، اُوئي ݾون ٽاݪ ڪئين نِي ڪرو۔ ڪو ڀِي مِنک بڏائو ڪري، ڪَي ٻيجَي نَي گھٽ نِي ݾمجَھي۔ 7 ٿون ۾ ھانَ ٻيجون ۾ ڪھڙو فرق ھَي؟ ڪِي جڪو ڪئين ٿون ڪڍي ھَي، او مُکت ۾ ڪونھي مِليو؟ جي اَي مُکت ۾ مِليو ھَي، تو اِيئي تي بڏائو ڪيئون ڪرو ھو، جھڙو اَي ٿونَي آپرِي محنت ݾون مِليو ھووَي؟
8 ڪِي ٿونرَي ضرُورتون پُورَي ھوئَي رَي؟ ڪِي ٿي شاھُوڪار ھويا را؟ ڪِي ٿي مھون بِنا، بادشاھ ھويا را؟ ڪِترو ڀلو ھتو ڪہ ٿي بادشاھ ھوئي جائُون تو، ڪہ مھي ڀِي ٿون ڀيڙا حڪُومت ڪرون تو۔ 9 اِيئون ڪونھي ھَي، پڻ مھنَي لاگَي ھَي ڪہ ايشوَر مھون پرچار ڪرڻ آݪون نَي ݾجون ݾون گھٽ ڪري راکيا ھَي، جڪون نَي موت رِي سزا مِليوڙِي ھووَي۔ مھي دُنيا، فريشتون ھانَ اِنسونون رَي ݾارُو تماشو ھويا ھون۔
10 مھي مَسيح رَي ڪري بي وقوف ھويا ھون، پڻ ٿي مَسيح ۾ ݾمجھدار ھو۔ مھي ڪمزور ھون، پڻ ٿي طاقت آݪا ھو۔ ٿونرِي عِزت ھووَي ھَي، پڻ مھورِي بي عِزتي۔ 11 آج توڻي مھي بُوکيا ھانَ تِرݾيا ھون، مھورَي ݾَرير تي پُورا گاڀا ڀِي ڪونھي۔ مھونَي ماريا ڪُوٽيا جاوَي ھَي ھانَ مھورو ڪو ڀِي ٺِڪوڻو ڪونھي۔ 12 مھي آپرَي ھاٿون ݾون محنت ڪري ڪمائُون ھون۔ مِنک مھونَي بُرو ڀلو ڪَي ھَي، پڻ مھي اُوئون رَي ݾارُو برڪت رِي پراٿنا ڪرون ھون۔ او مھونَي ڏُک ڏَي ھَي، پڻ مھي ڏُک برداش ڪرون ھون۔ 13 او مھونَي بدنوم ڪرَي ھَي، پڻ مھي اُوئون نَي ݾمجھائُون ھون۔ مھي آج توڻي اھڙا ھويا ھون، جھڙو دُنيا رو ڪِن ڪِچرو ھووَي ھَي۔
14 ھُون اَي باتون ٿونَي شرميدا ڪرڻ رَي ݾارُو ڪونھي لِکتو، پڻ آپرا پيارا ٻاݪ ݾمجھي ھدايت ڪرون ھون۔ 15 جي مَسيح ۾ ٿونَي ݾيکاوڻ آݪا تموم گھڻا ھووَي، تو ڀِي ٿونَي ٻاپ آݪِي ڪار ݾمجھاوڻ آݪا ٿوڙيا ھَي، اِيئي رَي ڪري ھُونج مَسيح يسُوع ۾ خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪري ٿونَي ݾمجھاوڻ آݪو ھويو۔ 16 ھمَي ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٿي ڀِي مھَي آݪِي ڪار بيتا رو۔ 17 اِيئي رَي ڪري ھُون تيمٿيس نَي ٿون ڪڍي ميلون پڙيو، جڪو پرڀُو ۾ مھارَي پيارَي ھانَ وفادار ڏيڪرَي آݪِي ڪار ھَي۔ او ٿونَي مَسيح ۾ مھارَي ھدايتون ياد ڏيراشَي، ھُون اَي ھدايت جيٿ ڪيٿ ھانَ ھر ھيڪ وِشواسي مَنڊلِي ۾ ڪرتو رون ھون۔
18 ٿون ۾ ڪئينڪہ مِنک اَي ݾوچي بڏائو ڪرَي پڙيا ڪہ ھُون ٿون ڪڍي ڪڏي ڀِي ڪونھي آئُون۔ 19 جي پرڀُو يسُوع رِي مرضِي ھوئِي، تو ھُون ٿون ڪڍي ڇيڪو آئي اَي جوئين ڪہ ڪِي اَي بڏائو ڪرڻ آݪا مِنک رُگو باتون ڪرَي ھَي، جون ايشوَر رِي قُدرت اُوئون ۾ ڪوم ڀِي ڪرَي ھَي؟ 20 ڪيونڪہ ايشوَر رِي بادشاھي رُگو باتون ݾون نا، پڻ رُگو ايشوَر رِي قُدرت ݾون ڏيکيجَي ھَي۔ 21 ٿونرِي ڪھڙِي مرضِي ھَي ڪہ ھُون ٿون ڪڍي ڪيڪر آئُون، گيڏِي لي جون پريم ھانَ نِوڙت ݾون؟