ايشوَر را شيواداري
3
اي وِشواسيون، مھَي ٿون ݾون اھڙَي باتون ڪونھي ڪيئَي، جھڙَي اُوئون ݾون ڪرون ھون، جڪون ڪڍي ايشوَر رِي آتما ھَي، پڻ اھڙَي باتون ڪيئَي جھڙَي عام مِنکون ݾون ڪرون ھون، ڪيونڪہ ٿي اَڃون توڻي مَسيح ۾ نِنيا ٻاݪ ھو۔ ‏2 مھَي ٿونَي ڏُوڌ پياڙيو، پڻ ٻاٽِي ڪونھي کݪائِي، ڪيونڪہ اُوئي ٽيم ٿي اِيئي لائق ڪونھي ھتا ھانَ ھڻون ڀِي ڪونھي ھو۔ ‏3 ٿي اَڃون توڻي دُنياوِي ھو، ڪيونڪہ ٿون ۾ ݾاݪ ھانَ جھيڙا ھَي۔ ڪِي اِيئي ݾون ثابت ڪونھي ھوتو ڪہ ٿي دُنياوِي ھو ھانَ آپرِي مرضِي تي بو ھو؟ ‏4 جڏي ٿون ۾ ڪو ڪَي ھَي ڪہ، ”ھُون پولُوس رِي پارٽِي رو ھون۔“ ٻيجو ڪَي ھَي ڪہ، ”ھُون اپلُوس رِي پارٽِي رو ھون۔“ تو ڪِي اِيئي ݾون اَي ڪونھي لاگتو ڪہ ٿي دُنياوِي ݾوچ راکو ھو؟
‏5 اپلُوس رِي ڪھڙِي حيثيت ھَي ھانَ پولُوس ڪُڻ ھَي؟ مھي ٻيئي ايشوَر را شيواداري ھون، مھورَي ڪري ٿي وِشواسي ھويا، ڪيونڪہ جڪو شيوا رو ڪوم پرڀُو مھونَي ڏينو، مھون ۾ ھر ھيڪ اوج ڪوم ڪيئو۔ ‏6 مھَي بَڻ لگايو، اپلُوس پوڻي ڏينو، پڻ موٽو ايشوَر ڪيئو۔ ‏7 اِيئي رَي ڪري بَڻ لگاوڻ آݪو ھانَ پوڻي ڏيوَڻ آݪو ٻيئي ڪئين ڪونھي، پڻ ݾجو ڪئين ايشوَر ھَي، جڪو بَڻ نَي موٽو ڪرَي ھَي۔ ‏8 بَڻ لگاوڻ آݪو ھانَ پوڻي ڏيوَڻ آݪو ٻيئي ھيڪج ھَي، ھر ھيڪ نَي اُوئي رِي محنت ݾون مزُورِي ملشَي۔ ‏9 ڪيونڪہ آپي ݾجائِي ڀيڙا ھوئي ايشوَر را شيواداري ھون ھانَ ٿي ايشوَر رِي پوک ھانَ اُوئي رو گھر ھَي۔ ‏10 ايشوَر رِي ڪِرپا جڪو مھَي تي ھوئِي اُوئي تي مھَي ھيڪَي ڪاريگر مِستري آݪِي ڪار اُوئي رو بُنياد راکيو، اِيئي ݾون پَڇي جي ڪو ٻيجو اُوئي ماٿَي گھر ٺاوَي ھَي، تو او خبردار رَي ڪہ اُوئي بُنياد ماٿَي ڪھڙو گھر ٺاوَي پڙيو، ‏11 ڪيونڪہ بُنياد راکيجو رو ھانَ او ھَي، يسُوع مَسيح۔ اِيئي ݾون ٽاݪ ڪو ڀِي ڪو ٻيجو بُنياد راکي ڪونھي ݾگھتو۔ ‏12 جڪو ڀِي اُوئي بُنياد ماٿَي ڪئين ٺاشَي، او فرق فرق شيون تو اِستعمال ڪري ݾگھَي ھَي، جڪَي ۾ ݾونو، چوندِي، قيمتي پٿر، لڪڙَي، ݾُوڪو گاݾ جون بوھ۔ ‏13 پڻ آخر ۾ ھر ھيڪ رو ڪوم ظاھر ھوئي جاشَي۔ ڀڙي جيتا ھوئڻ آݪَي ڏِن ڪو ڀِي لِڪيوڙِي شئي ڪونھي رَي، پڻ باݾڏي ھر ھيڪ نَي ظاھر ڪرشَي۔ او ثابت ڪرشَي ڪہ ھر ھيڪ مِنک ڪھڙو ڪھڙو ڪوم ڪيئو ھَي۔ ‏14 جڪَي رو ڪوم اُوئي بُنياد تي ھويو، تو اُوئي نَي اَجر ملشَي۔ ‏15 جي ڪيرو ڪوم ٻَݪي گيو، تو اُوئي رو نُقصون ھوشَي۔ او آپ تو بچي جاشَي، پڻ ٻَݪتو ٻَݪتو۔
‏16 ڪِي ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ ٿي ايشوَر رو گھر ھو ھانَ ايشوَر رو پويتر آتما ٿون ۾ رَي ھَي؟ ‏17 جي ڪُڻ ايشوَر رو گھر برباد ڪرشَي، تو ايشوَر اُوئي نَي برباد ڪرشَي، ڪيونڪہ ايشوَر رو گھر خاص ھانَ پويتر ھَي ھانَ اَي گھر ٿي آپ ھو۔
‏18 ڪو ڀِي آپنَي دوکو نِي ڏَي۔ جي ٿون ۾ ڪو ݾمجَھي ڪہ ھُون اِيئي جگت ۾ ڏاھو ھون، تو پَڇي ضرُور ھَي ڪہ او بي وقوف ھووَي ڪہ واقعي ڏاھو ھوئي جاوَي۔ ‏19 ڪيونڪہ اِيئي جگت رِي ڏاھپ ايشوَر رِي نظر ۾ بي وقوفي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري ايُوب نبِي رَي شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”او ڏاھون نَي اُوئون رِي آپرِي چالاڪِي رَي ڦندَي ۾ ڦݾاوَي ھَي۔“
‏20 ھانَ زبُور شاستر ۾ ڀِي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”پرميشوَر ڏاھون رِي ڏاھپ اوݪکَي ھَي ڪہ او بيڪار ھَي۔“
‏21 اِيئي رَي ڪري ڪو ڀِي ڪَي اِنسون تي بڏائو نِي ڪرَي، ڪيونڪہ ݾجو ڪئين ٿونرو ھَي۔ ‏22 پولُوس، اپلُوس، ڪيفا، دُنيا، زندگِي، موت، موجُود ھانَ آوڻ آݪَي ݾجَي شيون ٿونرَي ھَي۔ ‏23 پڻ ٿي مَسيح را ھو ھانَ مَسيح، ايشوَر رو ھَي۔