يھُوديون رو پولُوس تي ڪيس
24
پونچون ڏِنون ݾون پَڇي ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار حننيا، ڪئينڪہ اَگووڻون ھانَ تِرطُطُس نون رَي ھيڪَي وڪيل ڀيڙو قيصريا شھر ۾ آيو۔ او صُوبَي رَي گوَرنر فِيلڪس ڪڍي گيا ڪہ او پولُوس تي الزوم ھڻَي۔ ‏2 جڏي پولُوس نَي ھيلو ڪرايو، تو تِرطُطُس اُوئي تي الزوم ھڻي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جناب فِيلڪس صاحب، ٿي ݾمجھداري ݾون حڪُومت ڪرو پڙيا، جڪَي رَي ڪري مھي خُوش ٻيٺا ھون ھانَ ٿارِي ݾمجھداري رَي ڪري اِيئي قوم رِي ترقي ھوئِي ھَي۔ ‏3 ٿارِي اِيئي مھربونِي رَي ڪري مھي ھر نمُونَي ݾون ھانَ جيٿ ڪيٿ ٿارا تموم گھڻا ٿورائتا ھون۔ ‏4 ھُون ٿنَي گھڻِي تڪليف ڪونھي ڏيئون۔ اِيئي رَي ڪري ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ مھربونِي ڪري مھورِي ڪئين مِنٿ ݾُڻ۔ ‏5 مھون ڏيٺو ھَي ڪہ اَي مِنک خطرناڪ ھَي ھانَ ݾجِي دُنيا رَي يھُوديون ۾ گوڙ گھاتَي ھَي ھانَ يسُوع ناصرِي رَي پَنٿ رو اَگووڻ ھَي۔ ‏6 ھيڪ گُھمرو اِيئي مھورَي، ايشوَر رَي گھر نَي پليت ڪرڻ رِي ڪوشش ڪِي ھتِي، پڻ مھون اِيئي نَي جھاليو۔ [مھورِي مرضِي ھتِي ڪہ اِيئي رو فيصلو آپڻَي شريعت تي ڪرون۔ ‏7 پڻ فوج رو موٽو آفيسر لُوسياس آيو ھانَ اِيئي نَي زورِي مھورَي ھاٿون کوݾي لي گيو۔ ‏8 اُوئي اِيئي تي الزوم ھڻڻ آݪون نَي حُڪم ڏينو ڪہ ٿون ڪڍي آوَي۔] ھمَي ٿي آپ اِيئي ݾون اِيئي ݾجَي باتون رَي بارَي ۾ پُوڇو، جڪو مھي اِيئي تي الزوم ھڻون پڙيا۔“ ‏9 پَڇي ݾجائِي يھُودي اُوئي ڀيڙا ھوئي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي ݾاچِي ڪَي ھَي۔“
پولُوس رو آپرَي بارَي ۾ ݾُڻاوڻ
‏10 پَڇي جڏي گوَرنر پولُوس نَي ٻولڻ رو اِشارو ڪيئو، تو پولُوس ڪھيو ڪہ، ”سائين، مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿي ݾالون ݾون اِيئي قوم را فيصلا ڪرو پڙيا، اِيئي رَي ڪري ھُون تموم گھڻِي خُوشِي ݾون آپرَي بارَي ۾ چِٽو ݾُڻائُون ھون۔ ‏11 ٿي آپ جانچ ڪري ݾگھو ھو ڪہ ٻارھَي ڏِن ھويا ڪہ ھُون يروشلم شھر ۾ ڀگتي ڪرڻ گيو ھتو۔ ‏12 نَڪو اِيئون مھنَي ايشوَر رَي گھر ۾ ڪَي ݾون بَحث ڪرتَي ڏيٺو ھانَ نَڪو ڀگتي گھرون جون اِيئا اُوئا شھر ۾ گوڙ ڪراوتَي ڏيٺو۔ ‏13 جڪَي باتون رو ھمَي اَي مھَي تي الزوم لگاوَي پڙيا، او ٿونرَي رُوبرو ثابت ڪري ڪونھي ݾگھتا۔ ‏14 پڻ ھُون اَي بات منون ھون ڪہ ھُون آپرَي ٻاپ ڏاڏَي رَي ايشوَر رِي ڀگتي پرڀُو يسُوع رَي بتايوڙَي ݾاچَي مارگ تي ڪرون ھون، جڪَي نَي اَي مِنک غلط پَنٿ ݾمجَھي ھَي ھانَ جڪو ڪئين توريت شاستر ھانَ نبيون رَي شاسترون ۾ لِکيوڙو ھَي، اُوئون ݾجون باتون تي مھارو وِشواس ھَي۔ ‏15 ھُون ايشوَر ݾون اوج اُميد راکون ھون۔ جڪو اَي ڀِي راکَي ھَي ڪہ ايشوَر ݾجَي نيڪ ھانَ بُڇڙَي مِنکون نَي ڀڙي مُوئوڙون ݾون جيتا ڪرشَي۔ ‏16 اِيئي رَي ڪري مھارِي ھميشا ڪوشش ھَي ڪہ مھارو من ايشوَر ھانَ مِنکون آگھي آڇو اُوجݪو رَي۔ ‏17 تموم گھڻَي ݾالون ݾون ھُون يروشلم شھر ݾون ٻاھر ھتو۔ پَڇي ھُون آپرِي قوم نَي اِمدادي پُگاوڻ ھانَ ٻَليدون ڪرڻ ايٿ آيو۔ ‏18 جڏي اِيئون مھنَي ايشوَر رَي گھر ۾ ڏيٺو، تو مھَي پويتر ھوئڻ رِي ريت پُورِي ڪِي ھتِي۔ اوٿ مھَي ڀيڙا نَڪو مِنک ھتا ھانَ نَڪو مھَي ڪو گوڙ ڪيئو۔ ‏19 ھاوي، آسيا صُوبَي را ڪئين يھُودي اوٿ ھتا ھانَ جي اُوئون نَي مھَي تي ڪو الزوم ھڻڻو ھتو، تو او ٿون ڪڍي آئي مھَي تي ڪيس ڪرون تو۔ ‏20 جون اَي مِنک ڪَي ڪہ جڏي مھنَي آپرِي ڌرمي پنچائيت آگھي لي آيا ھتا، تو اِيئون مھَي ۾ ڪھڙو ڏوھ ڏيٺو؟ ‏21 مھَي اِيئون آگھي تموم گھڻَي زور ݾون رُگو اَي بات ڪِي ھتِي ڪہ، ’آج ٿي مھَي تي اِيئي رَي ڪري ڪيس ھلائو پڙيا ڪہ مھارو وِشواس ھَي ڪہ مِنک ڀڙي مُوئوڙون ݾون جيتا ھوئي جاشَي۔‘“ ‏22 پَڇي فِيلڪس ڪيس نَي اُڀاڙي ڇوڙيو۔ او پرڀُو يسُوع رَي بتايوڙَي مارگ نَي ݾُٺَي نمُونَي اوݪکتو۔ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”جڏي فوج رو موٽو آفيسر لُوسياس آشَي، تو ھُون ٿونرَي ڪيس رو فيصلو ڪرين۔“ ‏23 پَڇي اُوئي ھيڪَي آفيسر نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”پولُوس نَي جيل ۾ تو راکيا، پڻ گھڻِي سختِي نِي ڪريا ھانَ جي اُوئي را مِنک اُوئي رِي شيوا ڪرَي، تو اُوئون نَي پاليا نِي۔“
پولُوس رو پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ ݾُڻاوڻ
‏24 پَڇي ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي فِيلڪس آپرِي لُگائِي درُوسِلا جڪو يھُودي قوم رِي ھتِي ڀيڙِي لي آيو۔ اُوئي پولُوس نَي ھيلو ڪرايو ھانَ مَسيح يسُوع تي وِشواس راکڻ آݪون رَي بارَي ۾ باتون ݾُڻئَي۔ ‏25 پڻ جڏي پولُوس ݾچائي، آپرو آپ تي ڪاٻُو راکڻ ھانَ اِنصاف رَي آوڻ آݪَي ڏِن رَي بارَي ۾ ݾُڻاوتو پڙيو، تو فِيلڪس ٻيئاجو ھانَ ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”ھمَي تُو جائي ݾگھَي ھَي۔ جڏي ھُون ووندو ھويو، تو ڀڙي ٿنَي ھيلو ڪرائين۔“ ‏26 اُوئي نَي اَي ڀِي آݾرو ھتو ڪہ پولُوس اُوئي نَي رشوَت ڏيشَي۔ اِيئي رَي ڪري فِيلڪس اُوئي نَي گھڙِي گھڙِي اَڻاوتو ھانَ اُوئي ݾون باتون ڪرتو۔ ‏27 پڻ پُورَي ٻيئون ݾالون ݾون پَڇي فِيلڪس رِي جگھا تي پُرڪُيس فيستُس گوَرنر ھويو۔ فِيلڪس يھُوديون نَي خُوش ڪرڻ رَي ݾارُو ڪرتو، اِيئي رَي ڪري اُوئي پولُوس نَي جيل ۾ راکيو۔