پولُوس ھانَ سيلاس رو ٿيسلينڪي شھر ۾ جاوڻ
17
پَڇي پولُوس ھانَ سيلاس امفِپُلس ھانَ اپلُونيا شھرون ݾون ھوئي ٿيسلينڪي شھر ۾ آيا، جيٿ يھُوديون رو ھيڪ ڀگتي گھر ھتو۔ ‏2 پولُوس اَگي آݪِي ڪار اوٿ گيو ھانَ تينون ھفتون توڻي ھر ھيڪ پويتر ڏِن تي شاستر ݾون يھُوديون ݾون بَحث ڪرتو رھيو۔ ‏3 او شاستر رَي باتون رو مطلب ݾمجھائي ثابت ڪرتو ڪہ، ”مَسيح رو ڏُک ڏيکڻ ھانَ مُوئوڙون ݾون جيتو ھوئڻ ضرُوري ھتو ھانَ اَئيج پرڀُو يسُوع، جڪَي رَي بارَي ۾ ھُون ݾُڻائُون پڙيو، مَسيح ھَي۔“ ‏4 اُوئون يھُوديون ۾ ڪئينڪہ مِنکون پولُوس رَي باتون منئَي ھانَ او پولُوس ھانَ سيلاس ڀيڙا شامل ھويا ھانَ ايشوَر تي وِشواس راکڻ آݪَي يُونانيون رو ھيڪ موٽو ٽولو ھانَ تموم گھڻَي اَمير لُگائَي ڀِي اُوئون ڀيڙَي شامل ھوئَي۔ ‏5 پڻ تموم گھڻا يھُودي ريݾي ٻَݪڻ لاگا ھانَ او شھر ۾ گيا ھانَ ڪِنَي مِنکون ۾ تموم گھڻا لوڦر آپ ڀيڙا ليئا ھانَ ھيڪ موٽو ٽولو ٺائي شھر ۾ جھيڙا ڪرڻ لاگا۔ پَڇي اُوئون ياسُون نون رَي مِنک رَي گھر تي حملو ڪيئو ھانَ او پولُوس ھانَ سيلاس نَي جوئڻ لاگا ڪہ اُوئون نَي مِنکون ڪڍي لي آوَي۔ ‏6 جڏي او اوٿ ڪونھي لاڌا، تو او ياسُون ھانَ وِشواسيون نَي گيݾلي شھر رَي حاڪمون ڪڍي لي گيا ھانَ زور ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”جڪون مِنکون ݾجِي دُنيا ۾ جھيڙا ڪيئا ھَي، او ايٿ ڀِي آيا ھَي۔ ‏7 ياسُون اُوئون نَي آپرَي گھري ٻيݾاڙيا ھَي ھانَ اَي ݾجائِي قيصر بادشاھ رَي حُڪمون رِي مُخالفت ڪري ڪَي ھَي ڪہ، ’بادشاھ تو ڪو ٻيجو ھَي، جڪَي رو نون يسُوع ھَي۔‘“ ‏8 اَي ݾُڻي عام مِنک ھانَ شھر را حاڪم پريشون ھويا۔ ‏9 پَڇي حاڪمون ياسُون ھانَ ٻيجَي مِنکون رِي زمونت لي ڦِٽا ڪيئا۔
بيريا شھر ۾ تموم گھڻَي يھُوديون رو وِشواس
‏10 رات ھوئِي، تو وِشواسيون پولُوس ھانَ سيلاس نَي بيريا شھر ڏيݾا ميلي ڇوڙيا۔ او اوٿ پُگي يھُوديون رَي ڀگتي گھر ۾ گيا۔ ‏11 اَي مِنک ٿيسلينڪي شھر رَي يھُوديون ݾون وڌيڪ ڀلا ھتا، ڪيونڪہ اُوئون گھڻَي شوق ݾون ايشوَر رَي باتون منئَي ھانَ ھروز شاستر پڙھي جوتا ڪہ اَي باتون ݾاچَي ھَي، جون نا؟ ‏12 پَڇي اُوئون ۾ تموم گھڻَي مِنکون وِشواس راکيو ھانَ يُونانيون ݾون ڀِي تموم گھڻَي اَمير لُگائَي ھانَ آڏمي وِشواسي ھويا۔ ‏13 جڏي ٿيسلينڪي شھر رَي يھُوديون نَي خبر پڙِي ڪہ پولُوس بيريا شھر ۾ ڀِي ايشوَر رَي باتون ݾُڻاوَي ھَي، تو اوٿ جائي مِنکون نَي ڀڙڪايا ھانَ اُوئون ۾ گوڙ گھاتيو۔ ‏14 اُوئي ٽيم وِشواسيون ڇيڪائِي ڪري پولُوس نَي ݾمُوندر رَي ڪپ توڻي ميلي ڇوڙيو، پڻ سيلاس ھانَ تيمٿيس بيريا شھر ۾ رھيا۔ ‏15 پولُوس ڀيڙا جاوڻ آݪا مِنک اُوئي نَي اَٿيني شھر توڻي ڇوڙي پاڇا بيريا شھر ڏيݾا گيا۔ پولُوس اُوئون نَي اَي نياپو ڏي ميليو ڪہ، ”سيلاس ھانَ تيمٿيس ڇيڪائِي ڪري مھَي ڪڍي آوَي۔“
پولُوس رو اَٿيني شھر ۾ پرچار
‏16 اَٿيني شھر ۾ سيلاس ھانَ تيمٿيس رو اِنتظار ڪرتا، جڏي پولُوس ݾجَي شھر نَي مُورتيون ݾون ڀريجوڙو ڏيٺو، تو اُوئي رو جِي ٻَݪڻ لاگو۔ ‏17 اِيئي رَي ڪري او يھُوديون رَي ڀگتي گھر ۾ يھُوديون ھانَ وِشواسيون ھانَ ٻيجَي مِنکون ݾون جڪو اُوئي نَي چوڪ ۾ مِلتا، اُوئون ݾون ھروز بَحث ڪرتو۔ ‏18 اوٿ ڪئين اَپڪُورِي پَنٿ ھانَ ستُوئيڪي پَنٿ را گُرو اُوئي ݾون بَحث ڪرڻ لاگا۔ اُوئون ۾ ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”اَي ڄٽ ڪھڙَي بيڪار باتون ڪرَي پڙيو؟“ ٻيجَي مِنکون ڪھيو ڪہ، ”اَي ٻيجَي ڏيوتائون رو پرچار ڪرڻ آݪو لاگَي ھَي۔“ ڪيونڪہ پولُوس، پرڀُو يسُوع ھانَ ڀڙي جيتا ھوئڻ رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرتو۔ ‏19 پَڇي او پولُوس نَي اَريوپگُس نون رَي جبل تي شھر رِي پنچائيت ڪڍي لي گيا ھانَ ڪھيو ڪہ، ”تُو جڪو نُوئَي باتون ݾيکاوَي ھَي، اُوئي رَي بارَي ۾ مھونَي ݾمجھا، ‏20 ڪيونڪہ تُو مھونَي اھڙَي باتون ݾُڻاوَي ھَي، جڪو مھون ڪڏي ڀِي ڪونھي ݾُڻئَي۔ اِيئي رَي ڪري مھونَي ݾُڻا ڪہ اِيئون باتون رو مطلب ڪِي ھَي؟“ ‏21 اَٿيني شھر را مِنک ھانَ پرديسي مِنک ووندڪائِي ۾ نُوئَي نُوئَي باتون ݾُڻتا ھانَ ݾُڻاوتا۔ ‏22 پَڇي پولُوس، اَريوپگُس شھر رِي پنچائيت رَي بِچ ۾ اُٺي ڪھيو ڪہ، ”اي اَٿيني آݪون، ھُون جوئُون پڙيو ڪہ ٿي ھر ھيڪ بات ۾ تموم گھڻا ڌرمي ھو، ‏23 ڪيونڪہ مھَي بيتَي بيتَي ٿونرَي ڏيوتائون نَي ڌھيون ݾون ڏيٺا ھانَ ھيڪ اھڙِي چڙھاوَي رِي جگھا ڏيٺِي، جڪَي تي لِکيوڙو ھتو ڪہ، ’اھڙو ڏيوتا جڪَي رِي خبر ڪونھي۔‘ اِيئي رَي ڪري جڪَي نَي ٿي اوݪکڻ بِنا پُوجو ھو، ھُون ٿونَي اُوئي رَي بارَي ۾ ݾُڻائُون ھون۔ ‏24 ايشوَر او ھَي، جڪَي اَي جگت ھانَ جگت رَي ݾجَي شيون ٺاھئَي۔ او آڪاش ھانَ ڌرتي رو مالڪ ھوئي ھاٿ رَي ٺاھيوڙَي مندرون ۾ ڪيڪر رئي ݾگھَي ھَي؟ ‏25 اِنسون اُوئي رِي ڪھڙِي شيوا ڪرشَي، ڪيونڪہ او ڪيرو ڀِي مُحتاج ڪونھي۔ او آپ ݾجون نَي زندگِي، ݾاݾ ھانَ ھر ھيڪ شئي ڏَي ھَي۔ ‏26 اُوئي ھيڪَي آڏمي ݾون ݾجَي قومون پيدا ڪيئَي ڪہ او ݾجِي ڌرتي تي رَي۔ اُوئي شرُوع ݾون اُوئون رَي ݾارُو خاص ٽيم ھانَ ريوَڻ رَي حدون ٺائَي۔ ‏27 ايشوَر اِنسون نَي اِيئي رَي ڪري ٺاھيو ڪہ او اُوئي نَي جوئي ھاٿ ڪرَي ھانَ اُوئي نَي اوݪکَي ھانَ اُوئي تي وِشواس راکَي۔ پڻ حقيقت ۾ او آپون ۾ ڪَي ݾون ڀِي اݪگو ڪونھي ھَي، ‏28 ڪيونڪہ اُوئي رِي مرضِي ݾون آپي جيتا ھون، گُھمون ڦِرون ھون ھانَ جڪو ڪئين آپي ھون، او اُوئي رَي ڪري ھَي۔ اِيئي نمُونَي ٿونرَي ڪَي ٻيجَي شاعر ڀِي ڪھيو ھَي ڪہ،
’آپي ڀِي ايشوَر را اولاد ھون۔‘
‏29 جي آپي ايشوَر را اولاد ھون، تو آپون نَي اَي نِي ݾمجھڻ کپَي ڪہ ايشوَر رِي ذات ݾونَي، چوندِي جون پٿر آݪِي ڪار ھَي، جڪَي نَي ڪَي اِنسون آپرَي ھُنر ھانَ ڪاريگرِي ݾون ٺاھيو ھووَي۔ ‏30 جڪَي زمونَي ۾ اِنسون نَي ايشوَر رَي بارَي ۾ خبر ڪونھي ھتِي، اُوئي زمونَي ۾ ايشوَر اُوئون نَي پاپون رِي سزا ڪونھي ڏينِي۔ پڻ اِيئي زمونَي ۾ ايشوَر ݾجِي دُنيا رَي ݾجَي مِنکون نَي حُڪم ڏَي ھَي ڪہ، ’آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرو۔‘ ‏31 ڪيونڪہ اُوئي ھيڪ ڏِن راکيو ھَي، جڪَي ۾ او ݾچائي ݾون دُنيا رو اِنصاف آپرَي چُونڊيوڙَي مِنک رَي ھاٿون ڪراشَي، جڪَي نَي اُوئي مُوئوڙون ݾون جيتو ڪري، اَي بات ݾجون تي ثابت ڪِي ھَي۔“
‏32 جڏي اُوئون مُوئوڙون رو جيتا ھوئڻ رَي بارَي ۾ ݾُڻيو، تو ڪئينڪہ مِنک ھاݾا ڪرڻ لاگا، پڻ ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”اِيئي بات رَي بارَي ۾ مھي ڪَي ٻيجَي ڏِن تي وڌيڪ ݾُڻشون۔“ ‏33 پَڇي پولُوس پنچائيت ݾون نڪري بُوئو گيو۔
‏34 پَڇي ڪئينڪہ آڏمي پولُوس ݾون مِليا ھانَ پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو۔ اُوئون ۾ ديونُسيس نون رو ھيڪ مِنک جڪو اَريوپگُس رِي پنچائيت رو ميمبر ھتو ھانَ ٻيجِي دَمرس نون رِي ھيڪ لُگائِي ھتِي ھانَ ڪئينڪہ ٻيجا مِنک ڀِي اُوئون ڀيڙا ھتا۔