پويتر آتما رو برنباس ھانَ سائُول نَي چُونڊڻ
13
انطاڪيا شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي ۾ تموم گھڻا نبِي ھانَ اُستاد ھتا۔ اُوئون ۾ برنباس، شمعُون جڪَي نَي ڪاݪُو ڀِي ڪيتا، لُوڪيس ڪُريني، محنايم، جڪو گليل صُوبَي رَي چوٿَي حِصَي رَي گوَرنر، ھيروديس اِنتپاس رو نِنئي ٿڪَي رو دوست ھتو ھانَ سائُول ڀِي ڀيڙو ھتو۔ ‏2 جڏي او روزا راکي پرميشوَر رِي ڀگتي ڪرتا پڙيا، تو پويتر آتما اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”برنباس ھانَ سائُول نَي اُوئي خاص ڪوم رَي ݾارُو چُونڊو، جڪَي رَي ڪري مھَي اُوئون نَي اَڻايا ھَي۔“
‏3 پَڇي اُوئون روزا راکيا ھانَ برنباس ھانَ سائُول تي آپرا ھاٿ راکي پراٿنا ڪِي ھانَ پَڇي اُوئون نَي ميليا۔
برنباس ھانَ سائُول رو ڪُپرس ٻيٽ جاوڻ
‏4 اِيئي نمُونَي پويتر آتما برنباس ھانَ سائُول نَي ميليا۔ پيل او سلُوڪيا شھر ۾ گيا ھانَ پَڇي اوٿ ݾون ٻيڙَي ۾ چڙھي ڪُپرس ٻيٽ ڏيݾا گيا۔ ‏5 جڏي او سلميس شھر ۾ پُگا، تو يھُوديون رَي ڀگتي گھرون ۾ ايشوَر رَي باتون رو پرچار ڪرڻ لاگا ھانَ يُوحنا مرقس اُوئون رِي مدد رَي ݾارُو ڀيڙو ھتو۔ ‏6 پَڇي جڏي او ݾجَي ٻيٽ ۾ ڦِرتا ڦِرتا پافُس شھر ڪڍي پُگا، تو اُوئون نَي اوٿ ھيڪ يھُودي جادُوگر ڀيڙو ھويو۔ اُوئي رو نون بريسُوع ھتو ھانَ او ڪُوڙَي اگڪٿَي ڪرتو۔ ‏7 او ٻيٽ رَي گوَرنر سِرگيُس پولُوس ڀيڙو ھتو، جڪو ھيڪ ݾمجھدار مِنک ھتو۔ گوَرنر برنباس ھانَ سائُول نَي آپ ڪڍي اَڻايا، ڪيونڪہ او ايشوَر رَي باتون ݾُڻڻ رَي ݾارُو ڪرتو۔ ‏8 پڻ جادُوگر جڪَي رو يُوناني نون اِليماس ڀِي ھتو، او برنباس ھانَ سائُول رَي خلاف ھويو ھانَ گوَرنر نَي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ ݾون پالڻ رِي ڪوشش ڪرڻ لاگو۔ ‏9 تو سائُول جڪَي نَي پولُوس ڀِي ڪيتا، پويتر آتما ݾون ڀريجي گيو ھانَ اُوئي جادُوگر نَي ڌھيون ݾون جوئڻ لاگو۔ ‏10 پولُوس اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اي شيطون را اولاد، تُو ھر نمُونَي رِي ٺَگِي ھانَ پاپ ݾون ڀريوڙو ھَي ھانَ ھر نمُونَي رِي نيڪِي رو دُشمن ھَي۔ ڪِي تُو پرميشوَر رو ݾِڌو مارگ خراب ڪرڻ ڦِٽو ڪونھي ڪرَي؟ ‏11 ھمَي ايشوَر ٿنَي سزا ڏيشَي۔ تُو اونڌو ھوئي ھانَ ڪئين ڏِنون توڻي ڪئين ڪونھي ڏيکَي۔“ پَڇي اُوئيج ٽيم جادُوگر اونڌو ھويو ھانَ او آپرا ھاٿ اِيئا اُوئا ڪرڻ لاگو ڪہ ڪو اُوئي رو ھاٿ جھالي لي جاوَي۔ ‏12 جڏي گوَرنر اَي ݾجو ڪئين ڏيٺو، تو اُوئي وِشواس راکيو، ڪيونڪہ او برنباس ھانَ پولُوس ݾون پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ ݾُڻي حيرون ھتو۔
انطاڪيا شھر ۾ پرچار
‏13 پَڇي پولُوس ھانَ اُوئي را ساٿِي پافُس شھر ݾون ٻيڙَي ۾ چڙھي بَئير ھويا ھانَ پمفليا صُوبَي رَي شھر پِرگا ۾ پُگا۔ پَڇي يُوحنا مرقس اُوئون نَي اوٿ ڇوڙي پاڇو يروشلم شھر ڏيݾا گيو۔ ‏14 پڻ پولُوس ھانَ برنباس پِرگا شھر ݾون بَئي پَسديا علائقَي رَي انطاڪيا شھر ۾ پُگا۔ اوٿ او ڇنڇر يعني پويتر ڏِن تي ڀگتي گھر ۾ گيا۔ ‏15 توريت شاستر ھانَ ٻيجَي نبيون رو لِکيوڙو شاستر پڙھڻ ݾون پَڇي ڀگتي گھر رَي ݾردارون اُوئون نَي ڪئي ميليو ڪہ، ”اي ڀايون، جي مِنکون نَي ھِمت ڏيوَڻ رَي ݾارُو ٿونرَي من ۾ ڪو ڀِي بات ھَي، تو ݾُڻائو۔“ ‏16 اِيئي تي پولُوس اُٺيو ھانَ اُوئون نَي ھاٿون رَي اِشارون ݾون ماٺ ڪرايا ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اي اِسرائيليون ھانَ ٻيجِي قوم آݪون، ٿي جڪو ايشوَر نَي منو ھو، مھارِي بات ڌھيون ڏي ݾُڻو۔ ‏17 آپڻِي اِسرائيلي قوم رَي ايشوَر آپڻَي ٻاپ ڏاڏون نَي چُونڊيا۔ جڏي آپڻِي قوم مِصر مُلڪ ۾ پرديسي ھتِي، تو اُوئي نَي ھيڪ موٽِي قوم ٺائِي ھانَ آپرِي قُدرت ݾون اوٿ ݾون ڪاڍي لي آيو۔ ‏18 او اندازن چاليھ ݾالون توڻي رڻ پَٽ ۾ اُوئون رَي ݾجَي باتون برداش ڪرتو رھيو۔ ‏19 پَڇي ڪنعان مُلڪ ۾ ݾات قومون نَي مِٽائي آپڻِي قوم نَي اُوئون رَي مُلڪ را ڌڻِي ڪيئا۔ ‏20 اِيئون باتون نَي اندازن ݾاڍِي چار ݾئو ݾال ھويا ھَي۔ پَڇي سيموئيل نبِي رَي زمونَي توڻي اُوئون ۾ جَج راکيا۔ ‏21 اُوئي ݾون پَڇي اُوئون بادشاھ رو ڪھيو ھانَ ايشوَر بنيامين رَي قبيلَي ݾون قيس رَي ڏيڪرَي سائُول نَي چاليھ ݾالون توڻي اُوئون رو بادشاھ ٺاھيو۔ ‏22 پَڇي اُوئي نَي ھٽائي دائُود نَي اُوئون رو بادشاھ ٺاھيو، جڪَي رَي بارَي ۾ ايشوَر اَي ڪھيو ڪہ، ’جڪو مھارَي من نَي وڻتو، يَسي رو ڏيڪرو دائُود اھڙوج ھَي ھانَ دائُود اوج ڪرشَي جڪو ھُون اُوئي نَي ڪئين۔‘ ‏23 اُوئي رِي پيڙھِي ݾون ايشوَر آپرَي واعدَي تي اِسرائيلي قوم ڪڍي ھيڪ مُگتي داتا يعني پرڀُو يسُوع نَي ميليو۔ ‏24 جڪَي رَي آوڻ ݾون پيل پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا ݾجِي اِسرائيلي قوم رَي ݾومھو توبھون رَي پويتر سِنون رو پرچار ڪيئو۔ ‏25 پَڇي جڏي يُوحنا آپرو ڪوم پُورو ڪرڻ آݪو ھتو، تو اُوئي ڪھيو ڪہ، ’ٿي مھنَي جڪو ݾمجھو ھو، ھُون او ڪونھي ھون۔ پڻ ݾُڻو، مھَي ݾون پَڇي جڪو آوڻ آݪو ھَي، ھُون اُوئي رِي جُتِي را ڪشا کولڻ جھڙو ڀِي ڪونھي ھون۔‘ ‏26 اي ڀايون، ٿي جڪو اڀراھيم را اولاد ھو ھانَ ٻيجِي قوم آݪون، ٿي جڪو ايشوَر نَي منو ھو، اُوئي مُگتي رو اَي نياپو آپون ڪڍي ميليو ھَي۔ ‏27 يروشلم آݪون ھانَ اُوئي رَي ݾردارون نَڪو پرڀُو يسُوع نَي اوݪکيو ھانَ نَڪو نبيون رَي باتون ݾمجَھي، جڪو ھر ھيڪ پويتر ڏِن تي ݾُڻائَي جاوَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون پرڀُو يسُوع تي الزوم ھڻي اُوئي نَي موت رِي سزا ڏيرائِي۔ ‏28 اُوئون نَي پرڀُو يسُوع نَي مارڻ رو ڪو ڀِي ثبُوت ڪونھي مِليو، تو ڀِي اُوئون رُومي گوَرنر پِلاطُس نَي مِنٿ ڪِي ڪہ، ’اُوئي نَي ماري ڇوڙو۔‘ ‏29 جڏي اُوئون رَي وسيلَي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ شاستر رَي لِکيوڙَي ݾجَي باتون پُورَي ھوئَي، تو اُوئي نَي ݾُولِي ݾون اُتاري مُڪوم ۾ راکيو۔ ‏30 پڻ ايشوَر اُوئي نَي مُوئوڙون ݾون جيتو ڪيئو۔ ‏31 او تموم گھڻَي ڏِنون توڻي اُوئون نَي درشن ڏيتو رھيو، جڪو اُوئي ڀيڙا گليل صُوبَي ݾون يروشلم شھر ۾ آيا ھتا۔ ھمَي آپڻِي اِسرائيلي قوم رَي آگھي اوج اُوئي را گواھ ھَي۔ ‏32 مھي ٿونَي اُوئي واعدَي رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر ݾُڻائُون ھون، جڪو آپڻَي ٻاپ ڏاڏون ݾون ڪيئوڙو ھتو ‏33 ڪہ ايشوَر پرڀُو يسُوع نَي جيتو ڪيئو ھانَ اُوئون رَي اولاد رَي ݾارُو يعني آپڻَي ݾارُو، او واعدو پُورو ڪيئو۔ اِيئي رَي ڪري زبُور شاستر رَي ٻيجَي اَڌيا ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’تُو مھارو ڏيڪرو ھَي،
آج ݾون ھُون ٿارو پِتا ھون۔‘
‏34 باقي اَي بات ڪہ ايشوَر پرڀُو يسُوع نَي مُوئوڙون ݾون جيتو ڪيئو ڪہ او ڪڏي ڀِي ڪونھي مرَي، اُوئي رَي بارَي ۾ اِيئون لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’ھُون او پويتر ھانَ ݾاچَي برڪتون ٿونَي ڏئين،
جڪَي رو مھَي دائُود ݾون واعدو ڪيئو ھتو۔‘
‏35 اِيئي رَي ڪري او زبُور شاستر رَي ھيڪَي ٻيجَي اَڌيا ۾ ڪَي ھَي ڪہ،
’تُو آپرَي پويتر شيواداري نَي مُڪوم ۾ گَڙڻ ڪونھي ڏَي۔‘
‏36 دائُود بادشاھ، آپرَي ٽيم تي ايشوَر رِي مرضِي پُورِي ڪري مري گيو ھانَ جائي آپرَي ٻاپ ڏاڏون ڀيڙو ٻُوريجو ھانَ گَݪيو۔ ‏37 پڻ پرڀُو يسُوع جڪَي نَي ايشوَر جيتو ڪيئو، اُوئي رو ݾَرير ڪونھي گَݪيو۔ ‏38 اِيئي رَي ڪري ڀايون، جڪو بات مھي ݾُڻائُون پڙيا، او ݾُٺَي نمُونَي ݾمجھو ڪہ پرڀُو يسُوع رَي وسيلَي ٿونَي پاپون رِي معافي ملَي ھَي۔ ‏39 مُوسيٰ رِي شريعت تي بيوَڻ ݾون ٿونَي پاپون ݾون معافي ڪونھي ملتِي، پڻ پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ ݾون ٿونَي پاپون رِي معافي ملَي ھَي۔ ‏40 اِيئي رَي ڪري ھوشيار رو، اِيئون نِي ھووَي ڪہ جڪو باتون نبيون ڪيئَي ھَي، او ٿون ۾ پُورَي ھووَي ڪہ،
‏41 ’اي ٺٺولَي ڪرڻ آݪون جوئو،
ٿي حيرت ۾ پڙشو ھانَ مِٽي جاشو،
ڪيونڪہ ھُون ٿونرَي زمونَي ۾ ھيڪ اھڙو ڪوم ڪرين
ڪہ جي ٿونَي ڪو ݾُڻاوَي،
تو ٿي اُوئي رو ڪڏي ڀِي ڀروسو ڪونھي ڪرو۔‘“
‏42 پَڇي جڏي پولُوس ھانَ برنباس ڀگتي گھر ݾون ٻاھر جاوڻ لاگا، تو مِنک مِنٿ ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ٿي آوڻ آݪَي پويتر ڏِن تي ڀِي مھونَي اھڙَي باتون ݾُڻايا۔“ ‏43 ڀگتي ݾون پَڇي تموم گھڻا يھُودي ھانَ ايشوَر تي وِشواس راکڻ آݪا نُوئا يھُودي پولُوس ھانَ برنباس لاري بيوَڻ لاگا۔ پَڇي پولُوس ھانَ برنباس اُوئون ݾون باتون ڪيئَي ھانَ اُوئون نَي ڀروسو ڏيرايو ڪہ، ”ايشوَر رِي ڪِرپا تي وِشواس راکو۔“
‏44 ٻيجَي پويتر ڏِن تي اندازن ݾجو شھر پرميشوَر رَي باتون ݾُڻڻ رَي ݾارُو ڀيڙو ھويو۔ ‏45 پڻ يھُودي اِترا مِنک ڏيکي ريݾي ٻَݪيا ھانَ او پولُوس رَي باتون رَي خلاف ھويا ھانَ اُوئي نَي گاݪ گند ڏيوَڻ لاگا۔ ‏46 پولُوس ھانَ برنباس دليرِي ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي ضرُوري ھتو ڪہ ايشوَر رَي باتون پيل ٿون يھُوديون نَي ݾُڻائَي جاوَي، پڻ ٿي اَي ڪونھي منتا ھانَ نَڪو اَمر جيوَن ليوَڻ رَي ݾارُو ڪرتا، اِيئي رَي ڪري مھي ٻيجِي قوم ڏيݾا جائُون پڙيا۔ ‏47 ڪيونڪہ پرميشوَر مھونَي اَي حُڪم ڏينو ھَي ڪہ،
’مھَي ٿنَي ٻيجِي قوم رَي ݾارُو اُجاݪو ڪري راکيو ھَي
ڪہ ݾجِي دُنيا رَي مِنکون نَي مُگتي ملَي۔‘“
‏48 اَي بات ݾُڻي ٻيجِي قوم آݪا خُوش ھويا ھانَ پرڀُو يسُوع رَي باتون رِي بکوڻ ڪرڻ لاگا ھانَ جڪون نَي ايشوَر، اَمر جيوَن رَي ݾارُو چُونڊيا ھتا، اُوئون وِشواس راکيو۔ ‏49 اِيئي نمُونَي اُوئي ݾجَي علائقَي ۾ پرڀُو رَي باتون بڌتَي گئَي۔ ‏50 پڻ يھُوديون، ايشوَر تي وِشواس راکڻ آݪَي اَمير لُگايون ھانَ شھر رَي ݾردارون نَي ڀڙڪائي پولُوس ھانَ برنباس نَي تموم گھڻا پريشون ڪيئا ھانَ اُوئون نَي اُوئي علائقَي ݾون دڙڪا ڏي تگڙي ڪاڍيا۔ ‏51 اِيئي تي پولُوس ھانَ برنباس آپرَي پگون رِي مٽِي اُوئون رَي آگھي ڇنڊي اڪنيم شھر ڏيݾا گيا۔ ‏52 پڻ انطاڪيا شھر ۾ ريوَڻ آݪا چيلا خُوشِي ھانَ پويتر آتما ݾون ڀريجوڙا ھتا۔