ھيروديس بادشاھ رو وِشواسي مَنڊلِي تي ظُلم
12
اُوئون ڏِنون ۾ ھيروديس اَگرپا بادشاھ وِشواسي مَنڊلِي رَي ڪئينڪہ مِنکون نَي تنگ ڪرڻ شرُوع ڪيئو۔ ‏2 اُوئي يُوحنا رَي ڀائي يعقُوب نَي تلوار ݾون مرائي ڇوڙيو۔ ‏3 جڏي اُوئي ڏيٺو ڪہ يھُودي اِيئي بات ݾون خُوش ھويا ھَي، تو اُوئي بِنا کَمير ٻاٽِي رَي پَرٻ تي پطرس نَي ڀِي ٻونڌايو۔ ‏4 ھيروديس بادشاھ پطرس نَي ٻونڌاوڻ ݾون پَڇي اُوئي نَي جيل ۾ قيد ڪرايو ھانَ چار چار فوجيون را چار ٽولا اُوئي تي پھرو ڏيوَڻ رَي ݾارُو راکيا۔ ھيروديس بادشاھ رِي مرضِي ھتِي ڪہ پطرس رو فيصلو مِنکون رَي رُوبرو فَسح رَي پَرٻ ݾون پَڇي ڪرَي۔ ‏5 جيل ۾ پطرس تي پھرو ھتو، پڻ وِشواسي مَنڊلِي اُوئي رَي ݾارُو پُورَي من ݾون ايشوَر ݾون پراٿنا ڪرتِي رئِي۔
ايشوَر رو پطرس نَي جيل ݾون ڇوڙاوڻ
‏6 جڏي ھيروديس بادشاھ پطرس نَي مِنکون رَي رُوبرو لي آوڻ آݪو ھتو، تو اُوئيج رات پطرس ٻيئون ݾونڪڙون ݾون ٻاڌوڙو ٻيئون فوجيون رَي بِچ ۾ اُونگاجوڙو ھتو ھانَ پھريدار جيل رَي در تي پھرو ڏيتا پڙيا۔ ‏7 تو اوچتو پرميشوَر رو ھيڪ فريشتو آيو ھانَ اُوئي ڪوٺِي ۾ تيز اُجاݪو ھويو۔ فريشتَي پطرس نَي ݾُجاگ ڪري ڪھيو ڪہ، ”ڇيڪو اُٺِي۔“ پَڇي ݾونڪڙون اُوئي رَي ھاٿون ݾون کُلي گئَي۔ ‏8 فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرو ݾندرو ٻونڌ ھانَ آپرا جُتا پير۔“ اُوئي اِيئوج ڪيئو۔ پَڇي فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرو جُبو پير ھانَ مھارَي لاري آ۔“ ‏9 او نڪري اُوئي لاري بيوَڻ لاگو۔ او اَي ݾمجھو ڪہ ھُون ݾپنَي ۾ ھون ھانَ اُوئي نَي ڪو ڀِي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ جڪو ڪئين فريشتَي رَي وسيلَي ھووَي پڙيو، او ݾاچِي بات ھَي۔ ‏10 پَڇي او پيلڪَي ھانَ ٻيجَي پھرَي ݾون نڪري اُوئي لوھ رَي در تي پُگا، جڪو شھر ڏيݾا کُلتو۔ او در ھاڦي اُوئون رَي ݾارُو کُلي گيو۔ پَڇي جڏي او اوٿ ݾون لنگھي گھٽِي ۾ جاوتا پڙيا، تو فريشتو اوچتو اوٿ ݾون بُوئو گيو۔
‏11 جڏي پطرس نَي خبر پڙِي ڪہ اَي ݾپنو تو ڪونھي، پڻ حقيقت ھَي، تو اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ݾاچيلي، پرميشوَر آپرو فريشتو ميلي مھنَي ھيروديس بادشاھ رَي ھاٿ ݾون بچايو ھَي ھانَ يھُودي قوم رَي ݾجَي اُميدون تي پوڻي ڦيريو ھَي۔“ ‏12 پَڇي جڏي پطرس اَي بات ݾمجھي گيو، تو او يُوحنا جڪَي نَي مرقس ڀِي ڪيتا، اُوئي رِي ما مريم رَي گھري آيو۔ اوٿ تموم گھڻا مِنک ڀيڙا ھوئي پراٿنا ڪرتا پڙيا۔ ‏13 جڏي اُوئي در کڙڪايو، تو گھر ݾون رُدي نون رِي ٻونھِي در تي آئِي۔ ‏14 جڏي اُوئي پطرس رو ٻولڻ ݾُڻيو، تو خُوشِي ݾون در کولڻ پونترِي ھانَ اَي ݾُڻاوڻ رَي ݾارُو ناݾتِي پاڇِي گئِي ڪہ در تي پطرس اُڀو ھَي۔ ‏15 اُوئون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي تُو ڪالھِي ھوئِي رِي؟“ پڻ او پڪ ݾون اِيئوج ڪيتِي رئِي۔ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”ٿَي ڪو اُوئي رو فريشتو ڏيٺو ھوشَي۔“
‏16 پطرس در کڙڪاوتو رھيو۔ جڏي اُوئون در کوليو، تو اُوئي نَي جوئي حيرون ھويا۔ ‏17 پطرس اُوئون نَي ھاٿ رو اِشارو ڪري ڪھيو ڪہ ھاڪو نِي ڪرو۔ پَڇي اُوئي اُوئون نَي ݾُڻايو ڪہ پرميشوَر مھنَي ڪھڙَي نمُونَي جيل ݾون ڪاڍيو ھَي۔ پَڇي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”يعقُوب ھانَ ٻيجَي وِشواسيون نَي اَي بات ݾُڻايا۔“ پَڇي او اوٿ ݾون بَئير ھوئي ٻيجِي جگھا ڏيݾا گيو۔
‏18 جڏي ڏِن اُگو، تو فوجي پريشون ھوئي گھٻرايا ڪہ پطرس ڪيئا گيو۔ ‏19 پَڇي ھيروديس بادشاھ پطرس نَي جوئڻ رو حُڪم ڏينو ھانَ جڏي او ڪونھي لاڌو، تو اُوئي پھريدارون ݾون پُوڇا گاڇا ڪِي ھانَ پَڇي حُڪم ڏينو ڪہ، ”اِيئون پھريدارون نَي ماري ڇوڙو۔“ پَڇي ھيروديس، يھُوديا رو علائقو ڇوڙي ڪئين ٽيم رَي ݾارُو قيصريا شھر ۾ گيو۔
ھيروديس بادشاھ رِي موت
‏20 ھيروديس بادشاھ صُور ھانَ صيدا شھر رَي مِنکون تي تموم گھڻو ڪاوڙيو۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون مِنکون بادشاھ ݾون منوڻَي رَي ݾارُو آپت ۾ صلاح ڪِي۔ پَڇي او بلستُس ڪڍي گيا، جڪو بادشاھ رَي محل رو خاص نوڪر ھتو ڪہ اُوئي نَي آپرو ڪرَي۔ او اَي اِيئي رَي ڪري ڪرتا پڙيا، ڪيونڪہ اُوئون رو مُلڪ ھيروديس بادشاھ رَي مُلڪ ݾون کاوڻ پيئڻ رو سيمون ليتو۔
‏21 پَڇي ھيروديس بادشاھ ھيڪ ڏِن پڪو ڪيئو ھانَ بادشاھي پوشاڪ پيري آپرِي گادِي تي ٻيݾي تقرير ڪرڻ لاگو۔ ‏22 تو مِنکون زور ݾون ڪھيو ڪہ، ”اَي اِنسون نا، پڻ ڏيوتا ٻولَي پڙيو۔“ ‏23 اُوئيج ٽيم پرميشوَر رَي فريشتَي اُوئي نَي سزا ڏينِي ھانَ او بيمار ھويو، ڪيونڪہ اُوئي ايشوَر رِي جگھا آپرِي بکوڻ ڪرائِي۔ پَڇي اُوئي رَي پيٽ ۾ ڪيڙا پڙيا ھانَ ڪئين ڏِنون ݾون پَڇي مري گيو۔
‏24 پڻ ايشوَر رَي باتون تموم گھڻَي بڌتَي گئَي ھانَ تموم گھڻا مِنک پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکتا گيا۔
‏25 برنباس ھانَ سائُول يروشلم ۾ اِمدادي ڏيوَڻ رو ڪوم پُورو ڪيئو۔ پَڇي او يُوحنا جڪَي نَي مرقس ڀِي ڪيتا، اُوئي نَي ڀيڙو لي پاڇا انطاڪيا شھر ۾ گيا۔