پطرس رو يروشلم رِي مَنڊلِي نَي خبرچار ݾُڻاوڻ
11
سنتون ھانَ يھُوديا صُوبَي رَي وِشواسيون ݾُڻيو ڪہ ٻيجَي قومون آݪا ڀِي ايشوَر رَي باتون ݾُڻي وِشواسي ھويا ھَي۔ 2 جڏي پطرس يروشلم شھر ۾ آيو، تو کَتنو ڪيئوڙا وِشواسي اُوئي ݾون اَي بَحث ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، 3 ”تُو بِنا کَتنَي آݪون ڪڍي ڪيئون گيو ھانَ اُوئون ڀيڙِي ٻاٽِي ڪيئون کاڌِي؟“ 4 تو پطرس اُوئون نَي شرُوع ݾون لي جڪو ڪئين ھويو ھتو، او ݾجو اُوئون نَي ݾُڻايو۔5 پطرس ڪھيو ڪہ، ”ھُون يافا شھر ۾ پراٿنا ڪرتو پڙيو، تو ايشوَر مھنَي ݾپنَي ۾ بتايو ڪہ ڪئينڪہ شئي موٽِي چادر آݪِي ڪار چارون ڪُنڊون ݾون لٽڪيوڙِي آڪاش ݾون اُتري مھَي ڪڍي آئِي۔ 6 جڏي مھَي ڌھيون ݾون ڏيٺو، تو اُوئي ۾ ھر نمُونَي را جِنار، ݾِرڪڻ آݪا جيوَو جِنار ھانَ پکي ھتا۔ 7 پَڇي مھَي ھيڪ آواز ݾُڻيو ڪہ، ’اي پطرس، اُٺِي ھانَ اِيئون نَي باڍي کا۔‘ 8 پڻ مھَي ڪھيو ڪہ، ’اي پرڀُو، ھُون ڪڏي ڀِي ڪونھي کائُون ڪيونڪہ مھَي ڪڏي ڀِي حروم جون پليت شئي ڪونھي کاڌِي۔‘ 9 ڀڙي آڪاش ݾون آواز آيو ڪہ، ’جڪو شيون ايشوَر حِلال ڪيئَي ھَي، تُو اُوئون نَي حروم نِي ڪَي۔‘ 10 مھَي تين گُھمرا اَي بات ݾُڻِي ھانَ پَڇي او ݾجَي شيون آڪاش ڏيݾا پاڇَي کڻيجي گئَي۔ 11 اُوئي ٽيم تين آڏمي جڪو قيصريا شھر ݾون مھَي ڪڍي ميليوڙا ھتا، اوٿ پُگا جيٿ مھي ريتا۔ 12 پويتر آتما مھنَي ڪھيو ڪہ، ’تُو بِنا ٻِي اُوئون ڀيڙو بُوئو جا۔‘ پَڇي اَي ڇَي وِشواسي ڀائي ڀِي مھَي ڀيڙا ڪُرنيليس رَي گھري گيا۔ 13 اوٿ ڪُرنيليس مھونَي اُوئي فريشتَي رَي بارَي ۾ ݾُڻايو جڪو اُوئي آپرَي گھري ڏيٺو ھتو۔ اُوئي فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ’ڪئينڪہ مِنک يافا شھر ڏيݾا ميل جڪو اوٿ ݾون شمعُون نَي ڀيڙو ڪري لي آوَي جڪَي نَي پطرس ڀِي ڪَي ھَي۔ 14 او ٿنَي اھڙَي باتون ݾُڻاشَي جڪَي ݾون ٿنَي ھانَ ٿارَي ݾجَي گھر نَي مُگتي ملشَي۔‘ 15 جڏي ھُون ايشوَر رَي باتون ڪرڻ لاگو، تو ايشوَر اُوئون نَي اُوئيج نمُونَي پويتر آتما ڏينو جھڙَي نمُونَي شرُوع ۾ آپون نَي ڏينو ھتو۔ 16 تو مھنَي پرڀُو يسُوع رِي ڪھيوڙِي او بات ياد آئِي ڪہ، ’يُوحنا تو پوڻي ݾون پويتر سِنون ڏينو پڻ ٿونَي پويتر آتما ݾون پويتر سِنون ڏينو جاشَي۔‘ 17 اِيئي رَي ڪري جڏي ايشوَر اُوئون نَي اوج نعمت ڏينِي ھَي جڪو مھونَي پرڀُو يسُوع مَسيح تي وِشواس راکڻ ݾون ملِي ھتِي، تو پَڇي ھُون ڪيو ھتو جڪو ايشوَر نَي پالون؟“ 18 او اَي ݾُڻي ماٺ ھويا ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”تو پَڇي ݾاچيلي ايشوَر ٻيجِي قوم نَي ڀِي موقعيو ڏينو ھَي ڪہ او آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرَي ھانَ او اُوئون نَي اَمر جيوَن ڏَي۔“
انطاڪيا شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي
19 اِستيفِنس رَي ماريجڻ ݾون پَڇي يروشلم رَي وِشواسيون تي ڏُک آيا ھانَ ڏُکون رَي ڪري مِنک بِکري گيا۔ اُوئون ۾ ڪئين فنيڪي علائقَي، ڪئين ڪُپرس ٻيٽ ھانَ ڪئين انطاڪيا شھر توڻي پُگا۔ پڻ او يھُوديون ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪينَي ڀِي ايشوَر رَي باتون ڪونھي ݾُڻاوتا۔ 20 پڻ اُوئون ۾ ڪئين ڪُپرس ٻيٽ ھانَ ڪُرين شھر را ريوَڻ آݪا ھتا جڪو انطاڪيا شھر ۾ آئي يُونانيون نَي ڀِي پرڀُو يسُوع رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوڻ لاگا۔ 21 پرميشوَر اُوئون ڀيڙو ھتو ھانَ تموم گھڻَي مِنکون اَي باتون منئَي ھانَ پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو۔
22 جڏي يروشلم رِي وِشواسي مَنڊلِي نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي، تو اُوئون برنباس نَي انطاڪيا شھر ڏيݾا ميليو۔ 23 جڏي برنباس اوٿ پُگو، تو ايشوَر رِي ڪِرپا جوئي تموم گھڻو خُوش ھويو۔ اُوئي ݾجون نَي ھدايت ڪِي ڪہ، ”پُورَي من ݾون پرڀُو يسُوع لاري بيتا رو۔“ 24 برنباس ھيڪ نيڪ مِنک ھتو۔ او وِشواس ھانَ پويتر آتما ݾون ڀريجوڙو ھتو۔ اُوئي رَي پرچار رَي ڪري تموم گھڻَي مِنکون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو۔
25 پَڇي برنباس سائُول نَي جوئڻ رَي ݾارُو ترسُس شھر ڏيݾا گيو۔ 26 جڏي او مِليو، تو اُوئي نَي انطاڪيا شھر ۾ لي آيو۔ اوٿ او ٻيئي ݾجو ݾال وِشواسي مَنڊلِي ڀيڙا رھيا ھانَ تموم گھڻَي مِنکون نَي ايشوَر رَي باتون ݾيکاوتا رھيا۔ انطاڪيا، پيلڪو شھر ھتو جڪَي ۾ پرڀُو يسُوع را چيلا ”مَسيحي“ ڪھيجا۔
27 اُوئون ڏِنون ۾ ڪئينڪہ وِشواسي جڪو اگڪٿَي ڪرتا، او يروشلم شھر ݾون انطاڪيا شھر ۾ آيا۔ 28 اُوئون ۾ ھيڪَي رو نون اگبُس ھتو، اُوئي پويتر آتما رِي مدد ݾون اُٺي ڪھيو ڪہ، ”ݾجِي دُنيا ۾ تموم گھڻو ڏُڪاݪ پڙشَي۔“ اَي ڪلوديس بادشاھ رَي ڏِنون ۾ ھويو۔ 29 اَي ݾُڻي چيلون صلاح ڪِي ڪہ آپرِي آپرِي پوھچ ݾون يھُوديا صُوبَي ۾ ريوَڻ آݪَي وِشواسيون رِي مدد رَي ݾارُو ڪئين ميلَي۔ 30 پَڇي اُوئون اِيئوج ڪيئو ھانَ برنباس ھانَ سائُول رَي ھاٿون اوٿ رِي وِشواسي مَنڊلِي رَي اَگووڻون رَي ݾارُو اِمداد ميلِي۔