پطرس ھانَ رُومي فوجي آفيسر ڪُرنيليس
10
قيصريا شھر ۾ ڪُرنيليس نون رو ھيڪ مِنک ھتو، جڪو رُومي فوج رو اِٽلي نون رَي ٽولَي رو آفيسر ھتو۔ ‏2 او ھانَ اُوئي رو ݾجو خاندان نيڪ ھانَ ايشوَر ݾون ٻيئاجتو۔ او غريب يھُوديون رِي تموم گھڻِي مدد ڪرتو ھانَ ھر ٽيم ايشوَر ݾون پراٿنا ڪرتو۔ ‏3 ھيڪ ڏِن ٻيپار رو اندازن تيني بَجي ايشوَر رَي ھيڪَي فريشتَي ݾپنَي ۾ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اي ڪُرنيليس۔“ ‏4 ڪُرنيليس اُوئي نَي ڏيکي ٻيئاجو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”جِي سائين۔“ تو فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ايشوَر ٿارَي پراٿنائون ݾُڻئَي ھَي ھانَ اُوئي نَي خبر ھَي ڪہ تُو غريبون رِي مدد ڪرَي ھَي۔ ‏5 ھمَي تُو ڪئينڪہ مِنک يافا شھر ڏيݾا ميل جڪو شمعُون نون رَي مِنک نَي لي آوَي، جڪَي نَي پطرس ڀِي ڪَي ھَي۔ ‏6 او کالون رنگ ڪرڻ آݪَي شمعُون ڪڍي رَي ھَي۔ اُوئي رو گھر ݾمُوندر رَي ڪپ تي ھَي۔“ ‏7 اَي بات ڪري فريشتو بُوئو گيو۔ پَڇي ڪُرنيليس آپرَي ٻيئون نوڪرون ھانَ آپرِي شيوا ڪرڻ آݪَي فوجيون ۾ ھيڪَي نيڪ فوجي نَي اَڻايو۔ ‏8 ڪُرنيليس اُوئون نَي ݾجِي بات ݾمجھائي ھانَ يافا شھر ڏيݾا ميليا۔
‏9 ٻيجَي ڏِن اندازن ٻارھي بَجي، جڏي او شھر رَي نيڙا اَڃون مارگ ۾ ھتا، تو اُوئيج ٽيم پطرس گھر رِي ڇِت تي پراٿنا ڪرڻ گيو۔ ‏10 اُوئي نَي بُوک لاگِي ھانَ من ۾ ڪئين کاوڻ رِي ٻاݪ لاگِي۔ ٻاٽِي اَڃون تيار ھوتِي پڙِي، تو ايشوَر اُوئي نَي ݾپنو بتايو۔ ‏11 اُوئي ڏيٺو ڪہ آڪاش کُليوڙو ھَي ھانَ موٽِي چادر جھڙِي ڪو شئي چارون ڪُنڊون ݾون لٽڪيوڙِي ھيٺا اُترَي پڙِي۔ ‏12 اُوئي ۾ ھر نمُونَي را جِنار، ݾِرڪڻ آݪا جيوَو جِنار ھانَ پکي ھتا۔ ‏13 پَڇي اُوئي ھيڪ آواز ݾُڻيو ڪہ، ”اي پطرس، اُٺِي ھانَ اِيئون نَي باڍي کا۔“ ‏14 پڻ پطرس ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، ھُون ڪڏي ڀِي ڪونھي کائُون، ڪيونڪہ مھَي ڪڏي ڀِي حروم جون پليت شئي ڪونھي کاڌِي۔“ ‏15 ڀڙي آواز آيو ڪہ، ”جڪَي شيون نَي ايشوَر حِلال ڪھيو ھَي، تُو اُوئون نَي حروم نِي ڪَي۔“ ‏16 پطرس تين گُھمرا اَي بات ݾُڻِي۔ پَڇي او چادر يڪدم آڪاش ڏيݾا کڻيجي گئِي۔ ‏17 پطرس آپرَي من ۾ حيرون ھانَ پريشون ھويو ڪہ اِيئي ݾپنَي رو مطلب ڪِي ھَي؟ اترَي ۾ او مِنک جڪون نَي ڪُرنيليس ميليا ھتا، اُوئون کالون رنگ ڪرڻ آݪَي شمعُون رو گھر جوئي ليئو ھانَ آئي اُوئي در تي اُڀا۔ ‏18 اُوئون ھيلو ڪري پُوڇو ڪہ، ”شمعُون جڪَي نَي پطرس ڪَي ھَي، ڪِي او ايٿ رَي ھَي؟“ ‏19 پطرس اَڃون توڻي اُوئي ݾپنَي رَي ݾوچ ۾ ھتو، تو پويتر آتما اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، تين آڏمي ٿارِي پُوڇا ڪرَي پڙيا۔ ‏20 اِيئي رَي ڪري اُٺِي ھانَ ھيٺا جا ھانَ بِنا ٻِي اُوئون ڀيڙو بُوئو جا، ڪيونڪہ مھَي اُوئون نَي ميليا ھَي۔“ ‏21 تو پطرس ھيٺو اُتري اُوئون آڏميون ڪڍي گيو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”پطرس ھُون ھون، ڪِي ٿونرو مھَي ۾ ڪو ڪوم ھَي؟“ ‏22 اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھونَي رُومي فوجي آفيسر ڪُرنيليس ميليا ھَي۔ او نيڪ ھانَ ايشوَر ݾون ٻيئاجڻ آݪو مِنک ھَي۔ ݾجائِي يھُودي اُوئي رِي تموم گھڻِي عِزت ڪرَي ھَي۔ ايشوَر رَي ھيڪَي فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ او ٿنَي آپرَي گھري اَڻائي ٿارَي باتون ݾُڻَي۔“ ‏23 اَي ݾُڻي پطرس اُوئون نَي گھري لي گيو ھانَ اُوئون رِي ميموڻِي ڪِي۔ ٻيجَي ڏِن او ݾنڀري اُوئون ڀيڙو بُوئو۔ يافا شھر ݾون ڪئين وِشواسي ڀائي ڀِي اُوئي ڀيڙا گيا۔
‏24 پَڇي او ٻيجَي ڏِن قيصريا شھر ۾ آيا ھانَ ڪُرنيليس آپرَي عزيزون ھانَ خاص دوستون نَي ڀيڙا ڪري اُوئون رَي اِنتظار ۾ ھتو۔ ‏25 جڏي پطرس گھر ۾ آوڻ لاگو، تو اِيئون ھويو ڪہ ڪُرنيليس اُوئي ݾون مِلڻ رَي ݾارُو گيو ھانَ اُوئي آگھي شيش نِمايو۔ ‏26 پڻ پطرس اُوئي نَي اُٺاݪي ڪھيو ڪہ، ”اُونچو اُٺِي، ھُون ڀِي ٿَي جھڙو اِنسون ھون۔“ ‏27 پَڇي پطرس اُوئي ݾون باتون ڪرتو گھر ۾ گيو ھانَ تموم گھڻَي مِنکون نَي ڀيڙا ڏيٺا۔ ‏28 پطرس اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿونَي تو خبر ھَي ڪہ اَي بات يھُودي ڌرم رَي خلاف ھَي ڪہ ڪو ڀِي يھُودي ڪَي ٻيجِي قوم آݪَي ݾون واسطو راکَي، جون اُوئون ڪڍي جاوَي۔ پڻ ايشوَر مھَي تي ظاھر ڪيئو ھَي ڪہ ھُون ڪَي ڀِي مِنک نَي گھٽ جون پليت نِي ݾمجھون۔ ‏29 اِيئي رَي ڪري جڏي مھنَي اَڻايو، تو ھُون بِنا پُوڇي بُوئو آيو۔ ھمَي مھنَي ݾُڻا، ٿَي مھنَي ڪيئون اَڻايو ھَي؟“ ‏30 ڪُرنيليس ڪھيو ڪہ، ”تين ڏِن پيل ھُون آپرَي گھر ۾ ٻيپار رو اندازن تيني بَجي پراٿنا ڪرتو پڙيو، تو مھَي ڏيٺو ڪہ ھيڪ مِنک چمڪيلا گاڀا پيريوڙا مھارَي آگھي آئي اُڀو ‏31 ھانَ اُوئي ڪھيو ڪہ، ’اي ڪُرنيليس، ايشوَر ٿارَي پراٿنائون ݾُڻئَي ھَي ھانَ اُوئي نَي خبر ھَي ڪہ تُو غريبون رِي مدد ڪرَي ھَي، ‏32 اِيئي رَي ڪري ڪينَي يافا شھر ڏيݾا ميل، تو او شمعُون نون رَي مِنک نَي لي آوَي، جڪَي نَي پطرس ڀِي ڪَي ھَي۔ او کالون رنگ ڪرڻ آݪَي شمعُون رَي گھري رَي ھَي، جڪو ݾمُوندر رَي ڪپ تي ھَي۔‘ ‏33 اُوئيج ٽيم مھَي ٿَي ڏيݾا مِنک ميليا ھانَ ٿَي ڀلو ڪيئو ڪہ تُو آيو رو۔ ھمَي مھي ݾجائِي ايشوَر آگھي حاضر ھون ڪہ جڪو ڪئين اُوئي ٿنَي ݾُڻايو ھَي، او ݾُڻون۔“
پطرس رو ٻيجِي قوم ۾ پرڀُو يسُوع رو پرچار
‏34 پَڇي پطرس اِيئون ڪھيو ڪہ، ”ھمَي مھنَي پڪو وِشواس ھَي ڪہ ايشوَر ڪيرو ڀِي پاݾو ڪونھي ليتو ‏35 پڻ ھر ھيڪ قوم ۾ جڪو اُوئي ݾون ٻيئاجَي ھانَ نيڪِي ڪرَي ھَي، ايشوَر اُوئي نَي پسند ڪرَي ھَي۔ ‏36 ٿنَي تو ايشوَر رَي نياپَي رِي خبر ھَي، جڪو اُوئي اِسرائيلي قوم نَي ڏينو ڪہ اُوئي يسُوع مَسيح رَي وسيلَي، جڪو ݾجون رو پرڀُو ھَي، آپت ۾ ھيڪ ھوئي ريوَڻ رِي خُوشِي رِي خبر ڏينِي۔ ‏37 ٿونَي اِيئي بات رِي خبر ھَي جڪو پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رَي پرچار ݾون پَڇي گليل صُوبَي ݾون شرُوع ڪري، ݾجَي يھُوديا صُوبَي ۾ مشھُور ھويو ‏38 ڪہ ايشوَر، يسُوع ناصرِي نَي چُونڊي پويتر آتما ھانَ قُدرت ڏينِي۔ او ڀلائي ڪرتو ھانَ ݾجائِي جڪون نَي شيطون تنگ ڪرتو، اُوئون نَي ݾاجا ڪرتو رھيو، ڪيونڪہ ايشوَر اُوئي ڀيڙو ھتو۔ ‏39 مھي اُوئي ݾجَي ڪومون را گواھ ھون، جڪو اُوئي يروشلم ھانَ يھُوديون رَي ٻيجَي علائقون ۾ ڪيئا، پڻ تو ڀِي اُوئون اُوئي نَي ݾُولِي تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي ٽونگائي ھانَ مرائي ڇوڙيو۔ ‏40 ايشوَر اُوئي نَي تيجَي ڏِن جيتو ڪيئو ھانَ مِنکون ڀِي اُوئي نَي ڏيٺو۔ ‏41 ݾجون مِنکون نا، پڻ او جڪو اُوئي را گواھ ھانَ پيل ݾون ايشوَر را چُونڊيوڙا ھتا، يعني مھي جڪون اُوئي رَي جِي اُٺڻ ݾون پَڇي اُوئي ڀيڙو کاڌو پيئو۔ ‏42 پرڀُو يسُوع مھونَي اَي حُڪم ڏينو ڪہ ݾجَي مِنکون ۾ پرچار ڪرو ھانَ گواھِي ڏيئو ڪہ ھُون اوج ھون جڪَي نَي ايشوَر جيتون ھانَ مُوئوڙون رو اِنصاف ڪرڻ آݪو چُونڊيو ھَي۔ ‏43 اُوئي رَي بارَي ۾ ايشوَر را ݾجائِي نبِي اَي گواھِي ڏَي ھَي ڪہ جڪو ڀِي اُوئي تي وِشواس راکشَي، اُوئي نَي پاپون رِي معافي ملشَي۔“
ٻيجِي قوم نَي پويتر آتما مِلڻ
‏44 پطرس اَي باتون ڪرتو پڙيو، تو ايشوَر اُوئون ݾجون نَي پويتر آتما ڏينو جڪو اُوئي رَي باتون ݾُڻتا پڙيا۔ ‏45 پطرس ڀيڙا جِترا ڀِي يھُودي وِشواسي آيا ھتا، او ݾجائِي حيرون ھويا ڪہ ايشوَر ٻيجَي قومون نَي ڀِي پويتر آتما ڏينو ھَي۔ ‏46 ڪيونڪہ او ڌار ڌار ٻولَي ٻولتا پڙيا ھانَ ايشوَر رِي بکوڻ ڪرتا پڙيا۔ پَڇي پطرس اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ‏47 ”اِيئون مِنکون نَي مھون آݪِي ڪار پويتر آتما مِليو ھَي۔ ھمَي اِيئون نَي پوڻي ݾون پويتر سِنون ڏيوَڻ ݾون ڪيو پالشَي؟“ ‏48 پَڇي پطرس حُڪم ڏينو ڪہ، ”اُوئون نَي يسُوع مَسيح رَي نون ݾون پويتر سِنون ڏينو جاوَي۔“ پَڇي اُوئون پطرس نَي ڪھيو ڪہ، ”مھربونِي ڪري ڪئين ڏِن مھون ڪڍي رَي۔“