ݾات شيواداري چُونڊڻ
6
اُوئون ڏِنون ۾ جڏي پرڀُو يسُوع را چيلا بڌڻ لاگا، تو اُوئون ۾ يُوناني ٻولڻ آݪا يھُودي، عبراني ٻولڻ آݪَي يھُوديون رِي دانھن ڏيوَڻ لاگا۔ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”جڏي ھروز رونڏٻيرون ۾ اِمدادي بِݪائي جاوَي ھَي، تو مھورَي ٽولَي رَي رونڏٻيرون رو خيال ڪونھي راکتا۔“ ‏2 اِيئي تي ٻارھون سنتون ݾجون وِشواسيون نَي آپ ڪڍي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”اَي ڀلِي بات ڪونھي ڪہ آپي ايشوَر رَي باتون ݾيکاوڻ ڇوڙي، پَشون ھانَ کاوڻ پيئڻ رو بندوبست ڪرون۔ ‏3 اِيئي رَي ڪري اي وِشواسيون، ٿي آپرَي مِنکون ۾ ݾات عِزت آݪا مِنک چُونڊو، جڪو پويتر آتما ݾون ڀريجوڙا ھانَ ݾمجھدار ھووَي۔ مھي اُوئون نَي کاوڻ پيئڻ رو ڪوم ڏيشون۔ ‏4 پڻ مھي پراٿنا ھانَ ايشوَر رَي باتون رو پرچار ڪرتا ريشون۔“ ‏5 اَي بات ݾجون نَي وڻِي ھانَ اُوئون اَي مِنک چُونڊيا، اِستيفِنس جڪو پڪو وِشواسي ھانَ پويتر آتما ݾون ڀريجوڙو ھتو، فِلپس، پرخُرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ھانَ نيڪلائوس جڪو انطاڪيا شھر رو ھتو، او پيل ٻيجِي قوم رو ھتو ھانَ پَڇي يھُودي ھويو ھتو۔ ‏6 پَڇي او اُوئون ݾاتون نَي سنتون ڪڍي لي گيا ھانَ سنتون اُوئون رَي ماٿَي تي آپرا ھاٿ راکي پراٿنا ڪِي ھانَ اُوئون نَي اِيئي ڪوم رو ذمو ڏينو۔
‏7 اِيئي نمُونَي ايشوَر رو شُٻڌ بڌتو گيو ھانَ يروشلم شھر ۾ پرڀُو يسُوع را چيلا تموم گھڻا بڌتا گيا۔ اِيئون ݾون ٽاݪ تموم گھڻون ايشوَر رَي پُوجاريون ڀِي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو۔
اِستيفِنس نَي جھالڻ
‏8 اِستيفِنس ايشوَر رِي ڪِرپا ھانَ طاقت ݾون ڀريجوڙو ھتو ھانَ او مِنکون ۾ موٽا موٽا پرچا ھانَ عجيب ڪوم ڪرتو۔ ‏9 پَڇي ڪئينڪہ يھُودي اِستيفِنس ݾون بَحث ڪرڻ لاگا۔ او ڪُرين ھانَ اِسڪندريا شھر ھانَ ڪِلڪيا ھانَ آسيا صُوبون را ريوَڻ آݪا ھتا ھانَ او اُوئي ڀگتي گھر را ھتا، جڪون نَي آزاد ڪيئوڙَي غُلومون رو ڀگتي گھر ڪيتا۔ ‏10 پڻ پويتر آتما اِستيفِنس نَي اھڙِي ݾمجھ ڏينِي ڪہ جڏي او باتون ڪرتو، تو اُوئي ݾون ڪو ڀِي مُقابلو ڪري ڪونھي ݾگھيو۔
‏11 پَڇي اُوئون ڪئينڪہ مِنکون نَي رشوَت ڏي ݾيکايو ڪہ او اَي ڪَي ڪہ، ”مھون اِستيفِنس نَي مُوسيٰ ھانَ ايشوَر رَي خلاف باتون ڪرتَي ݾُڻيو ھَي۔“ ‏12 اِيئي نمُونَي اُوئون ݾجون مِنکون، اَگووڻون ھانَ ڌرمي گُروئون نَي اُوئي رَي خلاف ڪيئا۔ پَڇي او اِستيفِنس ڪڍي گيا ھانَ اُوئي نَي جھالي ڌرمي پنچائيت ڪڍي لي گيا۔ ‏13 اوٿ او ڪئينڪہ مِنکون نَي لي آيا جڪون ڪُوڙِي گواھِي ڏي ڪھيو ڪہ، ”اِستيفِنس ايشوَر رَي گھر ھانَ شريعت رَي خلاف ھميشا باتون ڪرتو رَي ھَي۔ ‏14 ڪيونڪہ مھون اِيئي نَي اَي ڪيتَي ݾُڻيو ھَي ڪہ يسُوع ناصرِي اِيئي ايشوَر رَي گھر نَي برباد ڪرشَي ھانَ مُوسيٰ رَي ڏينوڙَي ريتون نَي مِٽائي ڇوڙشَي۔“ ‏15 جڏي ڌرمي پنچائيت ۾ ٻيٺوڙَي مِنکون اِستيفِنس ڏيݾا ڌھيون ݾون جويو، تو اُوئي رو مونڏو فريشتَي آݪِي ڪار چمڪتو پڙيو۔