حننيا ھانَ سفيرا نَي ڪُوڙ رِي سزا
5
وِشواسيون ۾ ھيڪ مِنک ھتو، جڪَي رو نون حننيا ھتو ھانَ اُوئي رِي لُگائِي رو نون سفيرا ھتو۔ اُوئون ٻيئون ڀيڙون ھوئي آپرِي ڪئين ٻنِي بيچِي۔ ‏2 حننيا، ٻنِي رَي رُپيون ۾ ڪئين رُپيا آپرَي ݾارُو راکيا ھانَ باقي لائي سنتون رَي پگون ۾ راکيا۔ اِيئي ݾجِي بات رِي خبر اُوئي رِي لُگائِي نَي ڀِي ھتِي۔ ‏3 اِيئي تي پطرس، حننيا نَي ڪھيو ڪہ، ”حننيا، ٿَي ڪيئون شيطون رِي بات منِي ھانَ پويتر آتما ݾون ڪُوڙ ٻوليو ھانَ بيچوڙِي ٻنِي را ڪئين رُپيا آپ ڪڍي راکيا؟ ‏4 ڪِي ٻنِي بيچڻ ݾون پيل ٿارِي ڪونھي ھتِي؟ ڪِي ھمَي جڏي او بيچِي رِي، تو اُوئي را رُپيا ٿارا ڪونھي؟ ٿَي ڪيئون آپرَي من ۾ اِيئون ݾوچو؟ تُو مِنکون ݾون نا، پڻ ايشوَر ݾون ڪُوڙ ٻوليو ھَي۔“ ‏5 حننيا اَي ݾُڻي ھيٺا ڌرتي تي کِريو ھانَ او مري گيو۔ جڪَي ڀِي اَي ݾُڻيو، او ٻيئاجڻ لاگو۔ ‏6 پَڇي ڪئينڪہ جوانون، حننيا نَي کوڦڻ ڏينو ھانَ لي جائي ٻُوري ڇوڙيو۔
‏7 اندازن تينون ڪلاڪون ݾون پَڇي اُوئي رِي لُگائِي سفيرا اوٿ آئِي، پڻ اُوئي نَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ اوٿ ڪِي ھويو ھَي۔ ‏8 پطرس اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي ٿون آپرِي ٻنِي اترَي رِي بيچِي ھتِي؟“ سفيرا بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھاوي، مھون اترَي مول ۾ بيچِي ھتِي۔“ ‏9 اِيئي تي پطرس ڪھيو ڪہ، ”ٿون ڌڻِي لُگائِي، ڪيئون پرميشوَر رِي آتما رو آزمُوتو ليئو؟ جو، جڪون ٿارَي ڌڻِي نَي ٻُوريو ھَي، ھمَي او ٻاھر اُڀا ھَي ھانَ ٿنَي ڀِي ٻُورڻ رَي ݾارُو لي جاشَي۔“ ‏10 سفيرا اُوئيج ٽيم پطرس رَي پگون ۾ کِري ھانَ مري گئِي۔ پَڇي او آيا ھانَ اُوئي رو لاش لي جائي اُوئي رَي ڌڻِي حننيا رَي پاݾَي ۾ ٻُوريو۔ ‏11 پَڇي ݾجِي وِشواسي مَنڊلِي ھانَ جڪَي ڀِي اَي بات ݾُڻِي، او ݾجائِي ٻيئاجڻ لاگا۔
سنتون رَي طرفون پرچا
‏12 پَڇي پرڀُو يسُوع را سنت، مِنکون ۾ تموم گھڻا عجيب ڪوم ھانَ پرچا بتاوتا رھيا۔ او ݾجائِي وِشواسي ھيڪ من ھوئي ايشوَر رَي گھر ۾ سُليموني نون رَي بِرونڊَي ۾ ڀيڙا ھوتا۔ ‏13 ڪئينڪہ مِنک اھڙا ڀِي ھتا، جڪون رِي ھِمت ڪونھي ھتِي ڪہ او اُوئون رِي مَنڊلِي ۾ جاوَي، پڻ تو ڀِي او وِشواسيون رِي عِزت ڪرتا۔ ‏14 تو ڀِي تموم گھڻون آڏميون ھانَ لُگايون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو ھانَ مَنڊلِي ۾ شامل ھوتا گيا۔ ‏15 سنتون رَي پرچون رَي ڪري مِنک آپرا بيمار لائي مارگ ۾ موچون ھانَ تڏون تي ݾُوئاݪتا، جيٿ ݾون پطرس لنگھتو ڪہ اُوئي رِي ڇان بيمارون تي پڙَي، تو بيمار ݾاجا ھوئي جاوَي۔ ‏16 تموم گھڻا مِنک يروشلم شھر رَي آݾَي پاݾَي رَي گون ݾون بيمار ھانَ ڀُوت لاگوڙا مِنک سنتون ڪڍي لي آوتا ھانَ او ݾجائِي ݾاجا ھوئي جاوتا۔
ڌرمي پنچائيت رو سنتون نَي ڏُک ڏيوَڻ
‏17 پَڇي ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھانَ اُوئي را ساٿِي جڪو صدُوقي ھتا، او سنتون تي ريݾي ٻَݪڻ لاگا۔ ‏18 اِيئي رَي ڪري اُوئون سنتون نَي جھلائي جيل ۾ گھاتيا۔ ‏19 پڻ اُوئيج رات پرميشوَر رَي ھيڪَي فريشتَي جيل را در کولي ڇوڙيا ھانَ اُوئون نَي ٻاھر لي جائي ڪھيو ڪہ، ‏20 ”ٿي جائو، ايشوَر رَي گھر ۾ جائي مِنکون نَي نُوئِي زندگِي رَي ݾجَي باتون ݾُڻائو۔“ ‏21 پَڇي جون فريشتَي اُوئون نَي ڪھيو ھتو، اِيئوج ڏِن اُگتي ئِي او ايشوَر رَي گھر ۾ گيا ھانَ ݾيکاوڻ لاگا۔
پَڇي ايشوَر رَي پُوجاريون رَي ݾردار ھانَ اُوئي رَي ساٿيون ڌرمي پنچائيت رَي ݾارُو اِسرائيلي قوم رَي ݾجَي اَگووڻون نَي آپ ڪڍي اَڻايا۔ پَڇي اُوئون آپرَي فوجيون نَي ڪھيو ڪہ، ”جائو ھانَ جيل ݾون اُوئون قيديون نَي لي آئو۔“ ‏22 پڻ جڏي فوجي جيل ۾ گيا، تو ڏيٺو ڪہ اوٿ تو سنت ھائِي ڪونھي۔ پَڇي فوجي پاڇا آيا ھانَ ڪھيو ڪہ، ‏23 ”مھون جيل نَي ڪاٻُو بند ڏيٺِي ھتِي ھانَ فوجي ڀِي جيل رَي در تي پھرو ڏيتا پڙيا، پڻ جڏي مھي جيل ۾ گيا، تو ڏيٺو ڪہ اوٿ او ھائِي ڪونھي۔“ ‏24 جڏي ايشوَر رَي گھر رَي فوجيون رَي ݾردار ھانَ ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون اَي بات ݾُڻِي، تو او پريشون ھوئي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ھمَي ڪِي ھوشَي؟“ ‏25 اترَي ۾ ڪَي آئي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ݾُڻو، ٿون جڪون نَي جيل ۾ گھاتيا ھتا، ھڻون او ايشوَر رَي گھر ۾ ھَي ھانَ اوٿ مِنکون نَي ݾيکاوَي پڙيا۔“
‏26 پَڇي فوجيون رو ݾردار ھانَ فوجي گيا ھانَ جائي سنتون نَي لي آيا، پڻ اُوئون نَي زورِي ڪونھي لي آيا، ڪيونڪہ اُوئون نَي ٻِي ھتو ڪہ ڪيٿ مِنک پٿر ھڻي ماري نِي ڇوڙَي۔ ‏27 پَڇي سنتون نَي ڌرمي پنچائيت ڪڍي لي آيا۔ تو ايشوَر رَي پُوجاريون رَي ݾردار اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ‏28 ”مھون ٿونَي سختِي ݾون حُڪم ڏينو ھتو ڪہ ڀڙي يسُوع رو نون لي مِنکون نَي نِي ݾيکايا۔ پڻ ٿون تو ݾجَي يروشلم ۾ ݾجون نَي ݾيکايو رو ھانَ مھونَي يسُوع رِي موت را ڏوھي ڪرو ھو۔“ ‏29 اِيئي تي پطرس ھانَ باقي سنتون ڪھيو ڪہ، ”مھونَي مِنکون رو نا، پڻ ايشوَر رو حُڪم منڻ کپَي۔ ‏30 ٿون تو پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھي، ڪوڪا ھڻي ٽونگي ڇوڙيو ھانَ ماري ڇوڙيو ھتو، پڻ ايشوَر جڪَي نَي مھورا ٻاپ ڏاڏا منتا، اُوئي نَي ڀڙي جيتو ڪيئو۔ ‏31 پَڇي اُوئي نَي مالڪ ھانَ مُگتي داتا ٺائي بادشاھي ڪرڻ رَي ݾارُو آپرَي ݾاجَي ھاٿ ٻيݾاڙيو ڪہ اِسرائيلي قوم آݪون نَي موقعيو ڏَي ڪہ او اُوئي رَي وسيلَي توبھون ڪرَي ھانَ آپرَي پاپون ݾون معافي حاصل ڪرَي۔ ‏32 اِيئي رَي ڪري نِي رُگو مھي اِيئي باتون را گواھ ھون، پڻ پويتر آتما ڀِي، جڪو ايشوَر آپرَي حُڪم منڻ آݪون نَي ڏينو ھَي۔“ ‏33 جڏي ڌرمي پنچائيت آݪون اَي ݾُڻيو، تو اُوئون نَي تموم گھڻِي ريݾ آئِي ھانَ اُوئون نَي مارڻ رَي ݾارُو ݾنڀريا۔ ‏34 پڻ اوٿ گملي ايل نون رو ھيڪ مِنک ھتو، جڪو فريسي پَنٿ رو ھتو ھانَ او ڌرمي گُرو ھتو ھانَ مِنکون ۾ اُوئي رِي تموم گھڻِي عِزت ھتِي۔ او ڌرمي پنچائيت رَي ݾومھو اُٺي اُڀو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اِيئون نَي ٿوڙِي دير رَي ݾارُو ٻاھر ميلو۔“ ‏35 پَڇي اُوئي پنچائيت نَي ڪھيو ڪہ، ”اي اِسرائيلي ڀايون، ٿي اِيئون مِنکون ݾون جڪو ڀِي ڪرو، او ݾوچي ݾمجھي ڪريا۔ ‏36 ڪيونڪہ ڪئينڪہ ٽيم اَگي ٿيوداس نون رو ھيڪ مِنک ھتو، جڪَي رُومي حڪُومت رَي خلاف گوڙ گھاتيو ھتو۔ او ڪيتو ڪہ، ’ھُون موٽِي ھستِي ھون۔‘ اُوئي را اندازن چار ݾئو چيلا ھويا، پڻ جڏي او ماريجو، تو اُوئي را چيلا ڀِي در بدر ھوئي گيا ھانَ او ڪئين ڪونھي ڪري ݾگھيا۔ ‏37 اُوئي ݾون پَڇي آدم شُمارِي رَي ڏِنون ۾ گليل صُوبَي رو يھُودا نون رو ھيڪ مِنک ھتو۔ اُوئي ڀِي رُومي حڪُومت رَي خلاف بگاوت رَي ݾارُو تموم گھڻا چيلا ٺاھيا۔ جڏي او ماريجو، تو اُوئي را چيلا ڀِي در بدر ھوئي گيا۔ ‏38 ھمَي ھُون ٿون ݾجون نَي ڪونھ ھون ڪہ ٿي اِيئون نَي ڪئين نِي ڪو ھانَ اِيئون نَي جاوڻ ڏيئو۔ جي اِيئون رو ڪوم ھانَ مقصد اِنسون رو ھَي، تو ھاڦي مِٽي جاشَي۔ ‏39 پڻ جي او ايشوَر رَي طرفون ھَي، تو ٿي اُوئون نَي پالي ڪونھي ݾگھو، پڻ ٿي ايشوَر رَي خلاف ھوئي جاشو۔“
‏40 پَڇي ڌرمي پنچائيت اُوئي رِي صلاح منِي۔ پَڇي اُوئون سنتون نَي مئين اَڻايا ھانَ چاٻڪ ھڻائي اُوئون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”ٿي ڀڙي ڪڏي ڀِي يسُوع رو نون لي بات نِي ڪريا۔“ اُوئي ݾون پَڇي اُوئون نَي ڦِٽا ڪيئا۔ ‏41 سنت اوٿ ݾون بُوئا گيا۔ او اِيئي بات ۾ خُوش ھتا ڪہ ايشوَر مھونَي اھڙو مونَ تو ڏينو ڪہ مھي پرڀُو يسُوع رَي ڪري بي عِزتا تو ھويا۔
‏42 او ھروز ايشوَر رَي گھر ۾ ھانَ مِنکون رَي گھرون ۾ جائي ݾيکاوتا ھانَ اِيئي خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرتا ڪہ، ”پرڀُو يسُوع ئِي مَسيح ھَي۔“