پطرس ھانَ يُوحنا ڌرمي پنچائيت آگھي
4
جڏي پطرس ھانَ يُوحنا مِنکون ݾون باتون ڪرتا پڙيا، تو ايشوَر را پُوجاري، ايشوَر رَي گھر رو فوج رو صُوبيدار ھانَ صدُوقي پَنٿ آݪا اُوئون ڪڍي آيا۔ ‏2 او اِيئي بات رَي ڪري تموم گھڻا ريݾ ۾ ھتا، ڪيونڪہ او مِنکون نَي ݾيکاوتا ھانَ پرچار ڪرتا ڪہ پرڀُو يسُوع مُوئوڙون ݾون جيتو ھويو ھَي۔ ‏3 اِيئي رَي ڪري اُوئون پطرس ھانَ يُوحنا نَي جھاليا ھانَ اُوئون نَي ٻيجَي ڏِن ݾاڪݪي توڻي جيل ۾ راکيا، ڪيونڪہ شام ھوئِي ھتِي۔ ‏4 تو ڀِي تموم گھڻون مِنکون سنتون رو پرچار ݾُڻي وِشواس راکيو۔ اُوئون ۾ رُگو آڏمي اندازن پونچ ھزار ھتا۔
‏5 پَڇي ٻيجَي ڏِن ݾجائِي يھُودي ݾردار، اَگووڻ ھانَ ڌرمي گُرو يروشلم شھر ۾ ڌرمي پنچائيت رَي ݾارُو ڀيڙا ھويا۔ ‏6 اُوئون ۾ ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار حنا ھانَ اُوئي رَي خاندان ݾون ڪائفا، يُوحنا، سڪندر ھانَ ٻيجا مِنک ڀِي ڀيڙا ھتا۔ ‏7 اُوئون پطرس ھانَ يُوحنا نَي آپ ڪڍي اَڻائي پُوڇو ڪہ، ”ٿون اِيئي پونگڙَي نَي ڪھڙِي طاقت ݾون ھانَ ڪيرَي نون ݾون ݾاجو ڪيئو ھَي؟“ ‏8 تو پطرس پويتر آتما ݾون ڀريجي اُوئون نَي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اي يھُودي ݾردارون ھانَ اَگووڻون، ‏9 جي آج مھونَي اِيئي رَي ڪري پُوڇا گاڇا ڪرڻ رَي ݾارُو ايٿ لي آيا ھو ڪہ مھون ھيڪَي پونگڙَي نَي ݾاجو ڪري، اُوئي ݾون ڀلائي ڪِي ھَي، ‏10 تو ٿون ݾجون نَي ھانَ ݾجِي اِسرائيلي قوم نَي خبر ھوئڻ کپَي ڪہ اَي مِنک يسُوع مَسيح ناصرِي رَي نون رِي قُدرت ݾون ݾاجو ھوئي ٿون آگھي اُڀو ھَي۔ پرڀُو يسُوع اوج ھَي، جڪَي نَي ٿون ݾُولِي تي چاڙھيو ھتو، پڻ ايشوَر اُوئي نَي مُوئوڙون ݾون جيتو ڪيئو ‏11 ھانَ جڪَي رَي بارَي ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’جڪَي پٿر نَي ڪاريگرون بيڪار ݾمجھو،
اوج ݾجون ݾون خاص پٿر ھويو۔‘
‏12 ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي جڪَي ݾون مُگتي ملَي، ڪيونڪہ آڪاش ھيٺا مِنکون نَي پرڀُو يسُوع ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي نون ڪونھي ڏينوڙو، جڪَي ݾون مُگتي ملَي۔“
‏13 جڏي اُوئون پطرس ھانَ يُوحنا رِي دليرِي ڏيٺِي، تو تموم گھڻا حيرون ھويا، ڪيونڪہ اُوئون نَي خبر پڙِي ڪہ اَي تو اَڻ پڙھيا ھانَ ݾادا مِنک ھَي، پڻ او پرڀُو يسُوع ڀيڙا ريتا۔ ‏14 پَڇي اُوئون پطرس ھانَ يُوحنا نَي ڪئين ڪونھي ڪھيو، ڪيونڪہ جڪو پونگڙو ݾاجو ھويو ھتو، او ڀِي اُوئون ڀيڙو اُڀو ھتو۔ ‏15 پَڇي ڌرمي پنچائيت پطرس ھانَ يُوحنا نَي اوٿ ݾون ٻاھر جاوڻ رو ڪھيو ھانَ آپت ۾ صلاح ڪرڻ لاگا ڪہ، ‏16 ”ھمَي آپي اِيئون ݾون ڪِي ڪرون؟ ڪيونڪہ يروشلم رَي ݾجَي مِنکون نَي خبر ھَي ڪہ اِيئون ھيڪ موٽو پرچو بتايو ھَي ھانَ آپون نَي ڀِي اَي بات منڻِي پڙشَي۔ ‏17 پڻ تو ڀِي آپڻِي مرضِي ڪونھي ڪہ اَي بات مِنکون ۾ گھڻِي مشھُور ھووَي۔ اِيئي رَي ڪري اَي ڀلو ھوشَي ڪہ اُوئون نَي ٻيئاڙي ڪونھ ڪہ او ٻيجَي گُھمرَي يسُوع رو نون لي پرچار نِي ڪرَي۔“
‏18 پَڇي ڌرمي پنچائيت اُوئون نَي مئين ھيلو ڪرائي حُڪم ڏينو ڪہ، ”مِنکون نَي يسُوع رو نون لي ڪڏي ڀِي نِي ݾيکائو ھانَ نِي پرچار رو ڪوم ڪرو۔“ ‏19 پڻ پطرس ھانَ يُوحنا اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿي آپ فيصلو ڪرو، ايشوَر رِي نظر ۾ ڀلو ڪِي ھَي، ٿونرِي بات منڻ، جون ايشوَر رِي؟ ‏20 اَي ڀلا ڪيڪر ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ جڪو ڪئين مھون ڏيٺو ھانَ ݾُڻيو ھَي، اُوئي رَي بارَي ۾ ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻائُون؟“ ‏21 پَڇي اُوئون پطرس ھانَ يُوحنا نَي تموم گھڻا ٻيئاڙي ڇوڙي ڏينا۔ حقيقت ۾ او اُوئون رَي ݾارُو سزا رو فيصلو ڪري ڪونھي ݾگھيا، ڪيونڪہ ݾجائِي مِنک او پرچو جوئي ايشوَر رِي بڏائي ڪرتا پڙيا۔ ‏22 او مِنک جڪو اِيئي پرچَي ݾون ݾاجو ھويو ھتو، او چاليھ ݾال ݾون ڀِي وڌيڪ موٽو ھتو۔
وِشواسيون رِي دليرِي رَي ݾارُو پراٿنا
‏23 پطرس ھانَ يُوحنا اوٿ ݾون بُوئا گيا ھانَ جڪو ڪئين ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ يھُودي اَگووڻون اُوئون نَي ڪھيو ھتو، او جائي آپرَي مِنکون نَي ݾُڻايو۔ ‏24 جڏي اُوئون اَي باتون ݾُڻئَي، تو زور ݾون ايشوَر ݾون پراٿنا ڪرڻ لاگا ڪہ، ”پرميشوَر، ٿَي آڪاش، ڌرتي، ݾمُوندر ھانَ جڪو ڪئين اُوئون ۾ ھَي، او ݾجائِي ٺاھيا۔ ‏25 ٿَي پويتر آتما ݾون آپرَي ٻونھَي ھانَ مھورَي پَڙ ڏاڏَي دائُود بادشاھ رَي وسيلَي ڪھيو ھتو ڪہ،
’ٻيجَي قومون ڪيئون ريݾ ۾ ھَي؟
ھانَ مِنکون ڪيئون بيڪار رِٿائون ڪيئَي؟
‏26 پرميشوَر رَي خلاف
ھانَ اُوئي رَي چُونڊيوڙَي مَسيح رَي خلاف،
دُنيا را بادشاھ جنگ ڪرڻ رَي ݾارُو تياري ڪري آيا ھَي
ھانَ ݾردار آئي ڀيڙا ھويا ھَي۔‘
‏27 اِيئي ۾ ڪو ڀِي شَڪ ڪونھي ڪہ ھيروديس، پينطُس پِلاطُس، اِسرائيلي قوم آݪا ھانَ ٻيجِي قوم آݪا ݾجائِي ڀيڙا ھوئي ٿارَي پويتر ٻونھَي پرڀُو يسُوع رَي خلاف ھويا ھَي، جڪَي نَي ٿَي چُونڊيو ھَي۔ ‏28 او اِيئي رَي ڪري ڀيڙا ھويا ھَي ڪہ او ݾجائِي ڪوم ڪرَي، جڪو ٿَي پيل ݾون آپرِي قُدرت ھانَ آپرِي مرضِي ݾون فيصلو ڪيئو ھتو۔ ‏29 اي پرميشوَر، ھمَي او مِنک مھونَي ٻيئاڙَي پڙيا، اِيئي رَي ڪري تُو آپرَي ٻونھون نَي ھِمت ڏي ڪہ او مِنکون ۾ تموم گھڻِي دليرِي ݾون ٿارو پرچار ڪرتا رَي۔ ‏30 تُو آپرِي قُدرت بتا ھانَ آپرَي پويتر ٻونھَي پرڀُو يسُوع رَي نون ݾون ݾاجا ڪر، پرچا ھانَ عجيب ڪوم بتا۔“
‏31 جڏي اُوئون پراٿنا ڪري ھئو ڪيئو، تو او جگھا لُڏي گئِي، جيٿ او ڀيڙا ھتا۔ او ݾجائِي پويتر آتما ݾون ڀريجي گيا ھانَ تموم گھڻِي دليرِي ݾون ايشوَر رَي باتون ݾُڻاوڻ لاگا۔
وِشواسي مَنڊلِي رِي آپت ۾ ٻڌِي
‏32 وِشواسي مَنڊلِي آݪا ھر ھيڪ بات ۾ ٻڌِي ۾ ريتا۔ اُوئون ۾ ھر ھيڪ آپرِي شئي نَي آپرِي ڪونھي ݾمجھتو، پڻ ݾجَي شيون آپت ۾ بِݪائي ليتا۔ ‏33 پَڇي سنت تموم گھڻِي قُدرت ݾون پرڀُو يسُوع رَي مرڻ ھانَ اُوئي رَي جِي اُٺڻ رَي بارَي ۾ گواھِي ڏيتا رھيا ھانَ اُوئون ݾجون تي ايشوَر رِي تموم گھڻِي ڪِرپا ھتِي۔ ‏34 اُوئون ۾ ڪو ڀِي مُحتاج ڪونھي ھتو، ڪيونڪہ ٻنِي ھانَ گھرون را مالڪ آپرِي مال ملڪيت بيچي اُوئون را پَشا لي آوتا ‏35 ھانَ او رُپيا سنتون رَي پگون ۾ راکتا ھانَ پَڇي او ھر ھيڪ ضرُورت آݪَي ۾ بِݪاوتا۔
‏36 لاوِي قبيلَي رو ھيڪ مِنک ھتو، جڪو ايشوَر رو شيواداري ھتو۔ اُوئي رو نون يُوسف ھتو ھانَ او ڪُپرس ٻيٽ رو ريوَڻ آݪو ھتو۔ سنتون اُوئي رو نون برنباس راکيو۔ (برنباس رو مطلب ھَي ”ھِمت ڏيوَڻ آݪو۔“) ‏37 اُوئي آپرِي ٻنِي بيچِي ھانَ اُوئي را پَشا لائي سنتون رَي پگون ۾ راکيا۔