پطرس رو پونگڙَي نَي ݾاجو ڪرڻ
3
ھيڪ ڏِن پطرس ھانَ يُوحنا ٻيپار رو تيني بَجي پراٿنا ڪرڻ رَي ݾارُو ايشوَر رَي گھر ڏيݾا جاوتا پڙيا۔ ‏2 او جڏي اوٿ پُگا، تو ايشوَر رَي گھر رَي ڦُوٽرَي در تي ھيڪَي جنم رَي پونگڙَي نَي ٻيٺوڙو ڏيٺو، جڪو مئين جاوڻ آݪون ݾون خيرات مونگتو پڙيو۔ مِنک ھروز اُوئي نَي اوٿ ٻيݾاڙي جاوتا۔ ‏3 جڏي اُوئي پطرس ھانَ يُوحنا نَي ايشوَر رَي گھر ۾ جاوتي ڏيٺا، تو اُوئون ݾون خيرات مونگِي۔ ‏4 پطرس ھانَ يُوحنا اُوئي نَي ڌھيون ݾون ڏيٺو ھانَ پطرس اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھون ڏيݾا جو۔“ ‏5 تو پونگڙو اِيئون ݾمجھو ڪہ او مھنَي ڪئين ڏيشَي۔ ‏6 پطرس اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ݾونو چوندِي، تو مھَي ڪڍي ڪونھي، پڻ جڪو مھَي ڪڍي ھَي، او ٿنَي ڏيئون ھون۔ يسُوع مَسيح ناصرِي رَي نون ݾون گُھم ڦِر۔“ ‏7 پَڇي اُوئي رو ݾاجو ھاٿ جھالي اُوئي نَي اُٺاݪيو ھانَ اُوئيج ٽيم اُوئي رَي ٽونگيون ۾ طاقت آئِي۔ ‏8 او ٽِپ ڏي اُٺيو ھانَ بيوَڻ لاگو۔ پَڇي او ناچتو ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪرتو اُوئون ڀيڙو ايشوَر رَي گھر ۾ گيو۔ ‏9 جڏي ݾجَي مِنکون اُوئي نَي ڦِرتو ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪرتَي ڏيٺو، ‏10 تو اُوئي نَي اوݪکيو ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي تو اوج ھَي، جڪو ٻاھر ايشوَر رَي گھر رَي ڦُوٽرَي در تي پِنتو۔“ او اَي ݾجو واقعيو جوئي تموم گھڻا حيرون ھويا۔
پطرس رو ايشوَر رَي گھر ۾ پرچار
‏11 جڏي او مِنک پطرس ھانَ يُوحنا نَي جھالي سُليموني نون رَي بِرونڊَي ۾ اُڀو ھتو، تو ݾجائِي مِنک تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ ناݾتا اُوئون ڪڍي آيا۔ ‏12 پطرس اَي جوئي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”اي اِسرائيلي قوم آݪون، ٿي اِيئي مِنک نَي جوئي ڪيئون حيرون ھويا ھو ھانَ مھونَي ڪيئون اِيئون جوئو پڙيا ڪہ مھي ڌرمي ھون، جون مھون آپرِي طاقت ݾون اِيئي نَي ݾاجو ڪيئو ھَي؟ ‏13 نا، پڻ اِيئي نَي ݾاجو ڪري اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب رَي ايشوَر يعني مھورَي ٻاپ ڏاڏَي رَي ايشوَر، آپرَي ٻونھَي پرڀُو يسُوع نَي عِزت ڏينِي ھَي۔ اُوئيج پرڀُو يسُوع نَي ٿون جھلايو ھتو ھانَ جڏي پِلاطُس اُوئي نَي ڇوڙڻ رو فيصلو ڪيئو، تو ٿون اُوئي آگھي اِنڪار ڪيئو۔ ‏14 پرڀُو يسُوع تو نيڪ ھانَ پويتر ھتو، پڻ ٿون اُوئي نَي رد ڪيئو ھانَ پِلاطُس نَي مِنٿ ڪِي ڪہ او ٿونرَي ݾارُو ھيڪَي خُونِي نَي ڦِٽو ڪرَي۔ ‏15 ٿون تو زندگِي رَي مالڪ نَي مرائي ڇوڙيو، پڻ ايشوَر اُوئي نَي مُوئوڙون ݾون جيتو ڪيئو ھانَ مھي اِيئي بات را گواھ ھون۔ ‏16 ٿي اِيئي پونگڙَي نَي جوئو پڙيا ھانَ اوݪکو ھو، اِيئي نَي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ ݾون ھِمت ملِي ھانَ ݾاجو ھوئي ٿون آگھي اُڀو ھَي۔ ‏17 اي ڀايون ھانَ ٻينون، مھنَي خبر ھَي ڪہ جڪو ڪئين ٿون ھانَ ٿونرَي ݾردارون، پرڀُو يسُوع ݾون ڪيئو، او بِنا ݾمجھي ڪيئو۔ ‏18 پڻ ايشوَر او ݾجَي باتون پُورَي ڪيئَي جڪو اُوئي آپرَي نبيون رَي موڏَي ݾون ڪيئَي ھتَي ڪہ اُوئي رو چُونڊيوڙو مَسيح ڏُک ڏيکشَي۔ ‏19 اِيئي رَي ڪري ٿي آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرو ھانَ ايشوَر ڪڍي آئو، تو او ٿونرا پاپ معاف ڪرَي ‏20 ھانَ پرميشوَر رَي طرفون اھڙا ڏِن آوَي، جڪَي ݾون ٿونَي ݾُک ملَي۔ او پرڀُو يسُوع نَي ڀڙي ميلشَي جڪو مَسيح ھانَ ٿونرَي ݾارُو چُونڊيوڙو ھَي۔ ‏21 پڻ اَي ضرُور ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع اُوئي ٽيم توڻي آڪاش تي رَي، جترِي توڻي ايشوَر ݾجو ڪئين نُوئو نِي ڪرَي۔ اِيئي رَي بارَي ۾ ايشوَر آپرَي پويتر نبيون رَي وسيلَي پيل ݾون ڪھيو ھتو۔ ‏22 ڪيونڪہ مُوسيٰ ڪھيو ھتو ڪہ، ’پرميشوَر ٿونرو ايشوَر ٿونرَي ڀايون ۾ ٿونرَي ݾارُو مھَي جھڙو ھيڪ نبِي ميلشَي۔ او جڪو ڪئين ٿونَي ڪَي، ٿي اُوئي رِي منيا۔ ‏23 جڪو مِنک اُوئي نبِي رِي بات ڪونھي منَي، تو اُوئي نَي ايشوَر رِي چُونڊيوڙِي قوم ݾون ڪاڍي مِٽايو جاشَي۔‘ ‏24 سيموئيل ݾون لي لارلَي ݾجَي نبيون، اِيئون ڏِنون رَي بارَي ۾ ݾُڻايو ھَي۔ ‏25 ٿي نبيون را اولاد ھو ھانَ او وچن ٿونرَي ݾارُو ڀِي ھَي، جڪو ايشوَر ٿونرَي ٻاپ ڏاڏَي ݾون ڪيئو، جڏي اُوئي اڀراھيم نَي ڪھيو ھتو ڪہ، ’ٿارِي اولاد ݾون دُنيا رَي ݾجَي قومون نَي برڪت ملشَي۔‘ ‏26 ايشوَر آپرَي ٻونھَي نَي چُونڊي پيل ٿون ڪڍي ميليو ڪہ ٿون ۾ ھر ھيڪ نَي آپرِي بُڇڙائي ݾون ڦيرائي برڪت ڏَي۔“