16
مھَي ٿونَي اَي باتون اِيئي رَي ڪري ݾُڻائَي ڪہ ٿي ڀٽڪي نِي جائو، 2 ڪيونڪہ مِنک ٿونَي ڀگتي گھرون ݾون ڪاڍي ڇوڙشَي، پڻ او ٽيم ڀِي آوڻ آݪو ھَي ڪہ جڪو ڀِي ٿونَي مارشَي، تو او اَي ݾمجھشَي ڪہ، ’ھُون ايشوَر رو شيواداري ھون۔‘ 3 او اِيئون اِيئي رَي ڪري ڪرشَي، ڪيونڪہ اُوئون نَڪو پِتا نَي اوݪکيو ھانَ نَڪو مھنَي۔ 4 پڻ ھُون ٿونَي اَي باتون اِيئي رَي ڪري ݾُڻائُون پڙيو ڪہ جڏي او ٽيم آوَي، تو ٿونَي ياد آوَي ڪہ مھَي ٿونَي ݾُڻايو ھتو۔ مھَي شرُوع ۾ ٿونَي اَي باتون اِيئي رَي ڪري ڪونھي ݾُڻائَي، ڪيونڪہ ھُون آپ ٿون ڀيڙو ھتو۔“پويتر آتما رو ڪوم
5 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھمَي ھُون آپرَي ميلڻ آݪَي ڪڍي جائُون پڙيو ھانَ ٿون ۾ ڪو ڀِي مھَي ݾون ڪونھي پُوڇتو ڪہ، ’ٿي ڪيئا جاشو؟‘ 6 مھَي ٿونَي اَي باتون ݾُڻائَي رَي اِيئي رَي ڪري ٿي اُداس ھو۔ 7 پڻ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ مھارَي جاوڻ ۾ ٿونرو فائدو ھَي، ڪيونڪہ جي ھُون نِي جائُون، تو او مددگار ٿون ڪڍي ڪونھي آوَي، پڻ جي ھُون جائين، تو اُوئي نَي ٿون ڪڍي ميلين۔ 8 جڏي او آشَي، تو دُنيا رَي مِنکون نَي اَي قبُول ڪراشَي ڪہ حقيقت ۾ پاپ ڪِي ھَي، نيڪِي ڪِي ھَي ھانَ اِنصاف ڪِي ھَي؟ 9 پاپ رَي بارَي ۾ اِيئي رَي ڪري ڪہ مِنک مھَي تي وِشواس ڪونھي راکتا۔ 10 نيڪِي رَي بارَي ۾ اِيئي رَي ڪري ڪہ ھُون پِتا ڪڍي جائُون پڙيو ھانَ ٿي ڀڙي مھنَي ڪونھي ڏيکو۔ 11 اِنصاف رَي بارَي ۾ اِيئي رَي ڪري ڪہ اِيئي دُنيا رَي ݾردار نَي ڏوھي ڪيئو گيو ھَي۔ 12 مھنَي ٿون ݾون ٻيجَي ڀِي تموم گھڻَي باتون ڪرڻَي ھَي، پڻ ھڻون ٿي اَي ݾمجھي ڪونھي ݾگھو۔ 13 پڻ جڏي ݾچائي رو آتما آشَي، تو او ٿونَي پُورَي نمُونَي ݾچائي ڏيݾا لي جاوڻ ۾ مدد ڪرشَي، ڪيونڪہ او آپرَي طرفون ڪئين ڪونھي ڪَي، پڻ جڪو او ݾُڻشَي اوج ڪشَي ھانَ آوڻ آݪَي باتون رَي بارَي ۾ ݾُڻاشَي۔ 14 اِيئي نمُونَي او مھارِي مھما ظاھر ڪرشَي، ڪيونڪہ او مھارَي باتون ھوشَي جڪو او ٿونَي ݾُڻاشَي۔ 15 جڪو ڪئين مھارَي پِتا رو ھَي، او مھارو ھَي، اِيئي رَي ڪري مھَي ڪھيو ڪہ او مھارَي باتون ھوشَي جڪو او ٿونَي ݾُڻاشَي۔“
پيل ڏُک پَڇي ݾُک
16 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿوڙِي دير ݾون پَڇي ٿي مھنَي ڪونھي ڏيکو، پڻ ٿوڙِي دير ݾون پَڇي ٿي مھنَي ڏيکشو۔“ 17 اِيئي تي اُوئي رَي چيلون ۾ ڪئين آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”جڏي او آپون نَي ڪَي پڙيو ڪہ، ’ٿوڙِي دير ݾون پَڇي ٿي مھنَي ڪونھي ڏيکو، پڻ ٿوڙِي دير ݾون پَڇي ٿي مھنَي ڏيکشو‘ ھانَ اَي ڪہ، ’ھُون پِتا ڪڍي جائُون پڙيو۔‘ تو اِيئي رو مطلب ڪِي ھَي؟ 18 جڏي او ٿوڙِي دير ڪَي پڙيو، تو اِيئي رو مطلب ڪِي ھَي؟ مھونَي اُوئي رَي باتون رِي ݾمجھ ڪونھي آوتِي۔“ 19 پرڀُو يسُوع نَي خبر پڙِي ڪہ چيلا مھَي ݾون ڪِي پُوڇڻ رو ݾوچَي پڙيا، اِيئي رَي ڪري اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿي ھيڪِي ٻيجَي ݾون اِيئي بات رَي بارَي ۾ پُوڇو پڙيا، جڪو مھَي ڪھيو ھَي ڪہ ٿوڙِي دير ݾون پَڇي ٿي مھنَي ڪونھي ڏيکو ھانَ ٿوڙِي دير ݾون پَڇي مھنَي ڏيکشو؟ 20 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ ٿي روشو ھانَ ماتم ڪرشو، پڻ دُنيا را مِنک خُوش ھوشَي۔ ٿونَي ڏُک ملشَي، پڻ ٿونرا ڏُک خُوشِي ۾ بدليجي جاشَي۔ 21 جڏي ڪو لُگائِي ٻاݪ جِڻڻ آݪِي ھووَي ھَي، تو او ڏُکون ھانَ ݾُورون ۾ ھووَي ھَي، پڻ جڏي او ٻاݪ جِڻَي ھَي، تو ما خُوشِي ۾ ݾجائِي ڏُک پونترَي ھَي، ڪيونڪہ ھيڪ اِنسون اِيئي جگت ۾ آيو ھَي۔ 22 اِيئي نمُونَي ھڻون ٿي ڏُکون ۾ ھو پڻ جڏي ھُون ٿون ݾون ڀڙي مِلين، تو ٿونرو من خُوش ھوئي جاشَي ھانَ ٿونرِي خُوشِي ٿون ݾون ڪو ڀِي کوݾَي ڪونھي۔ 23 اُوئي ڏِن ٿونَي مھَي ݾون ڪو ڀِي بات پُوڇڻ رِي ضرُورت ڪونھي پڙَي۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ مھارَي نون ݾون پِتا ݾون جڪو ڀِي مونگشو، تو او ٿونَي ڏيشَي۔ 24 اَڃون توڻي ٿون مھارَي نون ݾون ڪئين ڪونھي مونگيو۔ مونگو تو ملشَي، اِيئي نمُونَي ٿونرِي خُوشِي پُورِي ھوشَي۔“
پرڀُو يسُوع رو دُنيا رِي طاقت نَي ھراوڻ
25 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”مھَي ٿونَي اَي باتون مِثالون ۾ ݾُڻائَي ھَي، پڻ او ٽيم آوڻ آݪو ھَي جڏي ھُون ٿون ݾون مِثالون ۾ نا، پڻ پِتا رَي بارَي ۾ چِٽو ݾُڻائين۔ 26 اُوئي ڏِن ٿي مھارَي نون ݾون مونگشو۔ ھُون ٿونَي اَي ڪونھي ڪيتو ڪہ ھُون ٿونرَي ݾارُو پِتا نَي مِنٿ ڪرين، 27 ڪيونڪہ پِتا آپ ٿون ݾون پريم ڪرَي ھَي، اِيئي رَي ڪري ٿون مھَي ݾون پريم ڪيئو ھانَ وِشواس راکيو ڪہ ھُون ايشوَر رَي طرفون آيوڙو ھون۔ 28 ھُون پِتا رَي طرفون جگت ۾ آيو ھون ھانَ ھمَي اَي جگت ڇوڙي پاڇو پِتا ڪڍي جائُون پڙيو۔“ 29 اِيئي تي چيلون پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، ھمَي ٿي مِثالون ۾ نا، پڻ چِٽو ݾُڻائو پڙيا۔ 30 ھمَي مھونَي خبر ھَي ڪہ ٿي ݾجو ڪئين جوڻو ھو ھانَ جڪو سوال مھورَي من ۾ ھووَي ھَي، او بِنا پُوڇي جوڻو ھو۔ مھون اِيئي رَي ڪري وِشواس راکيو ھَي ڪہ ٿي ايشوَر رَي طرفون آيوڙا ھو۔“ 31 پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي ٿي ھمَي وِشواس راکو ھو؟ 32 جوئو، او ٽيم آوَي پڙيو، پڻ آيو رو ڪہ ٿي ݾجائِي مھنَي ھيکلو ڇوڙي ھر ھيڪ آپرَي آپرَي گھر ڏيݾا ناݾي جاشَي، تو ڀِي ھُون ھيکلو ڪونھي، پڻ پِتا مھَي ڀيڙو ھَي۔ 33 مھَي ٿونَي اَي باتون اِيئي رَي ڪري ݾُڻائَي ڪہ ٿونَي مھَي ۾ ݾُک ملَي۔ ٿونَي جگت ۾ ڏُک ملشَي، پڻ ھِمت راکو ڪيونڪہ مھَي جگت رِي طاقت نَي ھرايو رو۔“